هڪ تبديليءَ وارو امتحان ۽ نتيجن جو انتظار
6 آڪٽوبر 99ع تي جڏهن وزير اعظم نواز شريف آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي واري عهدي جي اضافي چارج جو مدو 6 آڪٽوبر 2001ع تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو هو ته ان سان بظاهر تاثر اهو مليو هو ته مشرف ۽ نواز ۾ اختلاف دفن ٿي ويا آهن پر ساڳئي وقت اهو خدشو به ظاهر ڪيو پئي ويو ته نواز شريف آرمي چيف کي ڊاج پيو ڪري ۽ اوچتو کيس ڌڪ هڻندو ۽ ٿيو به ايئن. مون 6 فيبروري 99ع تي ڪاوش ۾ شايع ٿيل پنهنجي ڪالم ۾ لکيو هو ته نواز شريف پنهنجي دوست جنرل ضياءَ بٽ کي آرمي چيف بنائڻ گهري ٿو ۽ هڪ ٻيو ضياءَ مسلط ڪرڻ چاهي ٿو. ان ئي ڪالم ۾ اهو به لکيل آهي ته جنهن ڏينهن نواز شريف اهو فيصلو ڪيو ان ڏينهن مارشل لا لڳي ويندو. فوج آئين ۾ وڏي پئماني تي ڦيرڦار ڪندي، صوبائي خودمختياري ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم لاءِ ڪاميٽي ٺهندي جنهن ۾ چئني صوبن جي نمائندگي هوندي. اها ڪاميٽي 6 کان 10 مهينن ۾ رپورٽ ڏيندي، تيسين بي رحم احتساب جاري رهندو جنهن بعد آئين ساز اسيمبلي نامزد ڪئي ويندي يا چونڊي ويندي جنهن کان پوءِ نئون ڍانچو ڏئي عام چونڊون ڪرايون وينديون ڇو ته بقول جنرل اسد دراني جي ته گذريل 10 سالن کان فوج وقت جي هر حڪمران کي لکت ۾ سفارشون ڪيون آهن ته صوبائي خودمختياري وڌ کان وڌ ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪريو. ان ڪالم ۾ اڄ به اهي ڳالهيون موجود آهن.
بهرحال اهو ئي ٿيو جنهن جو خدشو اسان 6 فيبروري جي ڪالم ۾ ظاهر ڪيو هو. هن وقت سڀ ڪجهه اوچتو ٿيڻ ڪري نئين سيٽ اپ جي حوالي سان دير ٿي رهي آهي. هرڪو اهو پيو چوي ته فوجي سربراهه حڪومتي سيٽ اپ لاءِ مشورا ڪري رهيا آهن، بظاهر ايئن آهي به صحيح پر هيستائين فوج جي انهن آفيسرن جن جو جنرل ضياءَ ۽ وزيراعظم سان رابطو هو تن جي ڇانٽي ڪرڻ، هنن کي ”معقول جاءِ“ تي پهچائڻ يعني قيد ڪرڻ ۽ انهن جي جاءِ تي نوان آفيسر مقرر ڪرڻ واري ڪم ۾ مصروف رهي آهي. مليل اطلاعن مطابق مشهور موسيقار ماسٽر غلام حيدر جي پٽ ليفٽيننٽ جنرل سليم حيدر (طبله نواز) سميت هڪ درجن کان وڌيڪ آفيسرن کي ”معقول جاءِ“ تي پهچائي ڇڏيو آهي. فوج جي صفن ۾ مضبوطي ۽ خاطري وارو مرحلو پورو ٿي چڪو آهي هاڻي ٻئي مرحلي يعني سويلين سيٽ اپ ٺاهڻ واري معاملي بابت ويچاريو پيو وڃي. اهي افواهه به عام جام آهن ته صدر تارڙ سان ملاقات طئي نه ٿيڻ ڪري سويلين سيٽ اپ جوڙڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو. هن وقت اها ڪوشش هلي رهي آهي ته پ پ کانسواءِ سمورين سياسي توڙي مذهبي پارٽين، وڪيلن توڙي رٽائرڊ ججن ۽ جرنيلن کان اهي مطالبا ڪرائي عوامي راءِ عامه ٺاهي وڃي ته نئون سيٽ اپ 2 سالن جو هجڻ گهرجي. طاقتور حلقن ۾ اهو آپشن به غور هيٺ آهي ته في الحال اسيمبلي نه ٽوڙجي اسيمبلي اندران سيٽ اپ اندر وڃي جيڪو يقيني طور 3 مهينن کان وڌيڪ نه هلي سگهندو ۽ اڃا وڌيڪ سياسي افراتفري پکڙجڻ بعد اسيمبلي مان چونڊيل نئون وزيراعظم خود اسيملي ٽوڙڻ جي صلاح ڏئي ته جيئن دنيا وارن کي ۽ مقامي طور جمهوريت جمهوريت ڪندڙن کي پنهنجو ذهن تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ته ملڪي مفادن خاطر 2سالن جو سيٽ اپ ٺاهي بي رحم احتساب ڪيو وڃي.
اسيمبلي اندران وارو ڪم ڪرائڻ جو اڃا تائين جيتوڻيڪ فيصلو نه ٿيو آهي پر ساڳئي وقت مسلم ليگ جي مک ماڻهن جن ۾ اعجاز الحق، خورشيد قصوري، بيگم عابده حسين، فخر امام، ميان اظهر ۽ ٻين کان اهي بيان ڏياريا پيا وڃن ته چڱو ٿيو جو نواز شريف کي فوج هٽائي ملڪ کي تباهي کان بچائي ورتو آهي. اهڙن بيانن سان مسلم ليگ جي صفن ۾ ڪافي غيريقيني واري صورتحال آهي. هيستائين نواز- شهباز جي گرفتاري کي 50 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر ملڪ جي ڪنهن حصي ۾ به ڪو مظاهرو نه ٿيو آهي. اسلام آباد وارو مسلم ليگ هائوس ويران پيو آهي. ڪنهن مسلم ليگي اڳواڻ مذمتي بيان به جاري نه ڪيو آهي. جڏهن پ پ حڪومت برطرف ٿي هئي ته تڏهن مڙئي ڏهاڪو کن ڪارڪنن گوڙ ڪيو هو پر مسلم ليگ جي برطرفي بعد ته مسلم ليگ پنجاب جو جوائنٽ سيڪريٽري شيخ ظهور مهيني ۾ ٽي چار دفعا اشتهار ڏيندو هو ۽ علامه اقبال جي شعرن جي حوالي سان چوندو هو ته نواز شريف تون قائداعظم کان به وڏو ماڻهو آهين، تو پاڪستان کي نيوڪليئر قوت ڏني، تون ئي دنيا ۾ پاڪستان کي معاشي قوت بڻائيندي پر ساڳئي همراهه 13 فيبروري کان اشتهار ڏنا آهن ته نواز شريف ملڪ لاءِ هاڃيڪار آهي چڱو ڪيو ته قوم جي پٽن فوجي جوانن هن کي هٽائي ملڪ کي بچايو آهي. اهو ته ٺهيو پر پنجاب جيڪو مسلم ليگ جو ڳڙهه سمجهيو ويندو هو ان پوري پنجاب نواز شريف کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. هڪ اخبار جي پنجابي ايڊيٽر ان معاملي بابت چيو ته نواز شريف پنجاب کي احساس جرم ۾ مبتلا ڪيو هو تڏهن پنجابي عوام کانئس لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي. پنجاب مان شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ خاص ڪري انهن اخبارن جيڪي نواز شريف جون آئيڊيل هونديون هيون انهن ۾ سنگل ڪالم جي خبر به شايع نه ٿي آهي. هيستائين نواز شريف جي خاندان توڙي دوستن يا پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مان ڪنهن به نواز جي بازيابي لاءِ يا هنن کي حبس بي جا ۾ رکڻ خلاف اڃا آواز نه اٿاريو آهي.
جيتوڻيڪ غير اعلانيا طور ملڪ ۾ فوجي راڄ آهي پر پوءِ به پريس جي آزادي بدستور برقرار آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اخبار وارن کي خبرون نٿيون ڏنيون وڃن پر پوءِ به اخبار وارا اڳ جي ڀيٽ ۾ Self responsible ٿورو وڌيڪ ٿي ويا آهن. ساڳئي طرح عدليه جون آفيسون ۽ اخباري دفتر اهم جاين ۾ شامل هجڻ جي باوجود به انهن تي فوج اڃا مقرر نه ٿي آهي، جيڪو فوجي راڄ جو مثبت قدم آهي.!
سيٽ اپ جي حوالي سان ڪافي مونجهارا هئڻ جو مک سبب اهو پيو ٻڌايو وڃي ته هن وقت وڏي پئماني تي ٽيڪس چورن، قرض خورن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جون لسٽون تيار ٿي رهيون آهن. مختلف ٺوس الزامن تي مشتمل چارج شيٽ جي تياري به جاري آهي. جنرل پرويز مشرف چاهي ٿو ته هو جيڪا به پاليسي تقرير ڪري اها انگن اکرن سان ڀريل هجي ۽ ايڏي باجواز هجي ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشافن تي مشتمل هجي جو حقيقت ڄاڻڻ کان پوءِ پاڻ ئي هرڪو چوي ته بي رحم احتساب لاءِ ٻن سالن جو عبوري سيٽ اپ لازمي آهي.
ڇا ٿيندو؟ وارو هن وقت جو وڏي ۾ وڏو جيڪو سوال ملڪ جي هر حصي مان اٿي رهيو آهي تنهن جو مختصر جواب اهو آهي ته انتظار ڪريو... ان ڳالهه جو ته ڪنهن مهل ٿو جنرل پرويز مشرف پاليسي بيان جاري ڪري. اهو انتظار 24 ڪلاڪن کان هرگز نه وڌندو پر انهن 24 ڪلاڪن جي ڳڻپ اڄ صبح 8 کان شروع ٿيڻ کپي. سازش جو انڪشاف به ان اعلان ۾ هوندو ۽ سازشين جا نالا به هوندا. خطاب سان گڏ خود سازشين جا انڪشاف به ٻڌايا ويندا ۽ 15 ڏينهن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپٽ ماڻهن خلاف آپريشن جو نتيجو پڌرو ڪرڻ جو به ذڪر هوندو.
صدر تارڙ جيڪو هاڻي لرزش ۾ آهي ان جيڪڏهن اڄ تائين پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ان آڏو موڪليل آئيني نسخن تي صحيح نه ڪئي ته پوءِ وسيم سجاد ۽ الاهي بخش سومرو کي هونئن به واپسي جو سگنل ملي چڪو آهي. خود ڪرنل (ر) سرور چيما ايم اين اي ۽ ميان اظهر معرفت 100 کان وڌيڪ ايم اين ايز پنهنجا نالا لسٽ ۾ (نواز برطرفي جي حمايت ۾) داخل ڪرائي حلفيه بيان به موڪليا آهن. بهرحال نالا لکندڙ ۽ لکرائيندڙ به سڀني جيان بي خبر آهن ۽ هو به چون ٿا ته عوام اڃا 24 ڪلاڪ انتظار ڪري.
(15 آڪٽوبر 1999ع)