متحده جي قلابازي ۽ سنڌ جو موقف
متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين پاران سنڌ نه ورهائڻ جو اعلان ڪرڻ ۽ پنجابي اسٽيبلشمينٽ خلاف حق حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌين سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ ۽ سنڌين کان معافي وٺڻ بابت جيڪي اعلان ڪيا ويا آهن، اهي ڪي نوان ناهن، ڇو ته ڳچ عرصي کان ان لاءِ ماحول جوڙڻ جي ڪوشش هلندڙ هئي ۽ ايم ڪيو ايم مناسب موقعي جي انتظار ۾ هئي ته هو ڪهڙي وقت اهڙو اعلان ڪري، اڄوڪي ”آف پوليٽيڪل سيزن“ ۾ ايڏو وڏو اعلان به مارڪيٽ ۾ ڇانيل جمود کي ڄڻ ٽوڙي ناهي سگهيو ۽ الطاف حسين جو ايڏو وڏو اعلان ڄڻ هڪ وڏي تالاب ۾ بيٺل پاڻي ۾ اڇلايل ان پٿر جيان ثابت ٿيو آهي جنهن جا هلڪا بلبلا ۽ دائرا اک ڇنڀ ۾ ئي ختم ٿي ويندا آهن. ڪاوش جي هنن ئي ڪالمن ۾ اٽڪل هڪ سال اڳ 21 فيبروري تي مون اهو اشارو ڏنو هو ته پيپلزپارٽي جي Base camp ڪمزور ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم وارا پاڻ کي سنڌي سڏائي سنڌ سطح تي سياست ڪندا. جنهن جو باقاعده اعلان ڪالهه الطاف حسين ڪري ڇڏيو آهي.
الطاف حسين جيڪو ڪجهه چيو يا ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪافي دير ڪئي آهي پر پوءِ به ”جيڪڏهن“ هن اهو سڀ ڪجهه نيڪ نيتي سان ڪيو آهي ته هن کي ان جي مثبت موٽ ضرور ملندي. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جا رهواسي آهن، هنن جو مرڻ جيئڻ سنڌ ۾ آهي، هنن جا مفاد به سنڌ سان لاڳاپيل آهن، پر پوءِ به اڄ تائين ڪوٽا سسٽم جو مسئلو هجي يا ڪالاباغ ڊيم جو، ايم ڪيو ايم سنڌين جي راءِ جي ابتڙ موقف اختيار ڪيو آهي. بهارين جي سنڌ ۾ آبادڪاري جو مسئلو هجي يا وفاق ۾ سنڌ جي حصي جو معاملو هجي، چاهي اهو نوڪرين ۾ هجي يا ناڻي وارن معاملن ۾، ايم ڪيو ايم رڳو پنهنجي مفادن جي مطابق احتجاج ڪيو آهي. الطاف حسين لطيف جي ڌرتي کي ماءُ سڏڻ ۽ ان جا شعر پڙهي جذباتي نموني سنڌين کي حق وٺي ڏيڻ جي تڪڙ ۾ جيڪا هام هنئي آهي. سنڌ جا ماڻهو ان جي آجيان به ڪري سگهن ٿا پر شايد ان کان اڳ سالن کان لنڊن ۾ خود ساخته جلاوطني گهاريندڙ الطاف حسين جي واتان سنڌي ماڻهو بهارين کي سنڌ ۾آ باد نه ڪرڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم جي کليل مخالفت جو اظهار اهڙي ئي انداز ۾ ٻڌڻ چاهين ٿا، جهڙي نموني سنڌي ماڻهو پاڻ ڪندا رهيا آهن.
ڪير به منهنجي هيٺ ڏنل راءِ سان اختلاف ڪري سگهي ٿو، سڀني کي حق آهي پر پنهنجي عقل موجب آئون اهو درست سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ بيناد رکندڙ ڌر Sindh based پارٽي جيڪڏهن سنڌ ۾ پ پ مخالف سياسي پليٽ فارم فراهم ڪري ته سنڌي ماڻهو پنهنجي وابستگي پ پ کان تبديل ڪري سگهي ٿو پر شرط اهو آهي ته اهو پليٽ فارم نيڪ نيتي سان سنڌ ۽ سنڌ واسين جي اجتماعي مفادن لاءِ هجي. 97ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ کي جيڪا به ٿوري گهڻي موٽ ملي، تنهن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي ترجيح بدلائڻ چاهي ٿو پر پڪ هجي ته هو سنڌين کي پنهنجو ڪندا.
الطاف حسين هاڻي جڏهن ”مهاجر“ تان هٿ کنيو آهي ۽ پاڻ کي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي چوڻ جو اعلان ڪيو آهي ته ان سان وري سوال اهو ٿو اُڀري ته آخر ”اردو ڳالهائيندڙ سنڌي“ جو اصطلاح ڇو؟ اصل ڳالهه آهي ئي Identity and Entity جي. آخر هو ڇو ٿو ڌار پنهنجي شناخت برقرار رکڻ چاهي؟ سنڌ ۾ جيڪي بلوچي ڳالهائيندڙ ماڻهو آيا هئا، سي گهرن ۾ اڃان به پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائين ٿا پر انهن ڪڏهن اهو ڪو نه چيو ته هو بلوچي ڳالهائيندڙ سنڌي هوندا. ساڳي طرح سرائڪي ڳالهائيندڙ ۽ پشتو ڳالهائيندڙ پٺاڻ (شڪارپور ۽ گهوٽڪي وارا) جيڪي سنڌ ۾آ باد ٿيا تن به سرائڪي يا پشتو ڳالهائيندڙ سنڌي پاڻ کي ڪو نه سڏايو، آخر الطاف حسين ايئن ڇو پيو ڪري؟
هتي الطاف حسين جي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ٿيڻ واري اعلان کي مثبت نظرن سان ڪو نه پيو ڏٺو وڃي، وڌيڪ خدا کي خبر ته حقيقت ڇا آهي پر گادي واري شهر ۾ڪجهه حلقن وٽ تاثر آهي ته الطاف حسين جي اها گيم اسٽيبلشمينٽ جي تارن سان ڳنڍيل آهي. بيگم نصرت ڀٽو 80ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري چيو هو ته ايم ڪيو ايم ضياءَ الحق ٺاهي هئي، جيئن پ پ کي ڪمزور ڪري سگهجي. ان سوال جي الطاف حسين ڪافي دفعا وضاحت به ڪئي آهي ۽ ترديد به ڪئي آهي. ان لاءِ وٽس اهو دليل آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم پرو اسٽيبلشمينٽ جماعت هجي ها ته مٿس ڪڏهن به فوجي آپريشن نه ٿئي ها. ڪنهن حد تائين ان دليل ۾ وزن آهي پر هن ملڪ ۾ ته نواز ليگ به اسٽيبلشمينٽ ٺاهي هئي. جڏهن نواز اينٽي اسٽيبلشمينٽ رول ادا ڪيو ته هن کي في الحال زيرو ڪيو ويو. جيئن ته ايم ڪيو ايم خلاف پڻ ساڳيو ڪم ٿيو هو پر اها جماعت فڪر يا ڏنڊي جي زور تي تمام گهڻو منظم هئي ۽ اها ختم نه ٿي سگهي. اڄڪلهه مئنيجمينٽ جو دور آهي ڪهڙو به شعبو هجي بهتر مئنيجر عقل جي آڌار تي گيم ڪندا آهن. خير اسين الطاف جي نئين اعلان بابت ڳالهائي رهيا هئاسين. جيڪي حلقا چون ٿا ته الطاف جو اهو اعلان ”تارن“ سان ڳنڍيل آهي. اهي دليل اهو ٿا ڏين ته هن ملڪ ۾ فوج ۽ ايجنسين خلاف سخت کان سخت لهجي ۾ جيترو الطاف ۽ ايم ڪيو ايم وارن ڳالهايو ايترو ڪنهن به جماعت نه ڳالهايو، ان باوجود به سندن حب الوطني ڪنهن به قسم جي شڪ کان مٿانهين رهي. جڏهن اها ايم ڪيو ايم ”اي آر ڊي“ ۾ شامل ٿي هئي ته ان وقت هن کان پ پ دور ۾ ٿيل ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگس الائي ڪيئن وسري ويون هيون. جڏهن حڪومت اي آر ڊي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوچتو متحده وارن کي اهو معاملو ياد اچي ويو ۽ هنن اي آر ڊي کان ڌار ٿيڻ جو اشارو ڏنو. هڪ ڏينهن هنن عليحدگي جو اشارو ڏنو، ٻئي ڏينهن نواز شريف ملڪ ڇڏي ويو. انهن ٻنهي واقعن اي آر ڊي کي ته پنڪچر ڪري ڇڏيو، جيڪو هاڻي ڳنڍائڻ لاءِ نوابزادو نصرالله ۽ بي بي سرٽوڙ ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اهو پنڪچر ڳنڍجڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. فيبروري 2000ع ۾ مشرف حڪومت هٿان ڪراچي ۾ مار کائيندڙ متحده وارن جڏهن ماڻهو ڇڏائڻ لاءِ اي آر ڊي مان عليحده ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته ان جو فائدو يقينن حڪومت کي ٿيو. رڪارڊ شاهد آهي ته ڪابينا جڏهن ملڪ دشمن بيان ڏيندڙن جو نوٽيس ورتو ته ٺٽي جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ بشير قريشي تي تقرير ڪرڻ سبب ته بغاوت جو ڪيس داخل ٿيو پر ڪنهن ٻئي تي نه ٿيو. اهو فرق به ايم ڪيو ايم تي ڪنهن جي هٿ هئڻ جو شڪ پيدا ٿو ڪري. هاڻي جڏهن مشرف حڪومت نواز کانسواءِ مسلم ليگ ۽ بي بي کانسواءِ پ پ کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيل اعلان تي عمل ڪرائڻ لاءِ سرگرم آهي ته ايم ڪيو ايم پاران وري سنڌي ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ”منفي سوچ رکندڙ“ اهو ٿا چون ته ايم ڪيو ايم جيئن ته Sindh based پارٽي آهي تنهن ڪري ان کي رڳو شهرن نه پر پوري سنڌ جي سياسي پچ تي پ پ سان مقابلي ۾ آڻڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرايو پيو وڃي. پ پ جيڪا هن وقت ان جوڀن ۾ ناهي رهي. ان کي هاڻي ان جي بيس ڪيمپ ۾ ڪمزور ڪرڻ لاءِ اها ايڪسر سائيز ڪجهه نه ڪجهه ڦل ضرور ڏيندي.
نيتن جي خبر ته خدا کي، جيڪڏهن الطاف حسين جي سنڌي ٿيڻ واري نيت ٺيڪ آهي ته پوءِ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ڇو؟ جيڪڏهن الطاف اعلان ڪري ته 6 هفتن اندر متحده جا سمورا ماڻهو سنڌي سکي سگهن ٿا. رڳو اجرڪ پائڻ سان سنڌي ٿيڻ وارو فارمولو هاڻي پراڻو ٿي ويو آهي. جيڪڏهن الطاف حسين پنهنجي عمل سان سنڌين کي پنهنجي ٿيڻ جو احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويو ته هن جي سنڌ جي قيادت واري خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ Potential ڪافي موجود آهي.
(10 جنوري 2001ع)