تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5028
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

بينظير ۽ آصف کي سزا- حڪومتي ٽيم ۾ ڪهڙا فرشتا ويٺا آهن؟

بينظير ۽ آصف کي سزا- حڪومتي ٽيم ۾ ڪهڙا فرشتا ويٺا آهن؟

لاهور هاءِ ڪورٽ جي احتساب ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ لاڙڪاڻي جي ٻئي وزيراعظم کي سزا ٻڌائي آهي. مزيدار ڳالهه اها آهي ته سزا کائيندڙ ٻئي وزيراعظم پيءُ ۽ ڌيءَ آهن جڏهن ته سزا ڏيندڙ جج پيءُ ۽ پٽ آهن. جسٽس ملڪ قيوم جي والد جسٽس ملڪ اڪرم بينظير ڀٽو جي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي جي سزا ڏئي جسماني طرح ختم ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي جسٽس ملڪ قيوم جنهن جو ڀاءُ ملڪ پرويز لاهور مان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي نواز شريف پاران خالي ڪيل سيٽ تان ايم اين اي چونڊيل آهي تنهن محترمه بينظير ڀٽو کي ڪرپشن جي ڪيس ۾ سزا ڏئي سياسي طور ختم ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪئي آهي.
آصف ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي پارليامينٽ مان نااهل قرار ڏئي پنج پنج سال قيد ۽ 86 لک ڊالر ڏنڊ جي سزا واري فيصلي بابت گادي واري شهر ۽ جي ايڇ ڪيو واري شهر راولپنڊي جي عام ماڻهن جو رد عمل گاڏڙ ساڏڙ آهي. عام ماڻهو بينظير کي مليل سزا تي گهٽ پر احتساب جي جانبداري تي وڌيڪ ڪاوڙ ظاهر ڪن ٿا ۽ سندن چوڻ آهي ته هي ڪهڙو احتساب آهي. ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته ٺيڪ آهي بينظير ۽ آصف کي ته سزا ملي پر حڪومتي ٽيم ۾ ڪهڙا فرشتا ويٺا آهن؟ هاڻي انهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي. ساڳئي راءِ غيرجانبدار مختلف حلقن ۾ ظاهر ڪئي وڃي ٿي. راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ بظاهر ٿيل رد عمل جيڪو ڪجهه مظاهرن ۽ اخباري بيانن تائين محدود آهي تنهن ۾ سڌي طرح پ پ وارا شامل آهن. اهو رد عمل به ڪو ايڏو سگهارو ڪو نه ٿو لڳي پر ساڳئي وقت ڪمزور به ڪونهي. لياقت باغ راولپنڊي ۽ آبپاره اسلام آباد ۾ ٿيل مظاهرن ۾ ڪارڪن ته هئا پر عام ماڻهو گهٽ هئا. جيالن ۾ جوش به هو پر ان سطح جو جوش نه هو جنهن جي توقع هئي. ڪجهه مهينا اڳ پارليامينٽ آڏو مظاهري دوران راولپنڊي ۽ اسلام آباد وارا جيالا هڙئي محترمه کي پوليس جي پٿرن آڏو اڪيلو ڇڏي ويا هئا تنهن ڪري هتان جي جيالن تي ميار ناهي. جيتوڻيڪ ساڳئي راولپنڊي جي جيالن شهيد ڀٽو کي ڦاهي ملڻ تي پاڻ ساڙيو هو.سزا ملڻ ۽ هن ڪالم لکڻ ۾ ڪل 30 ڪلاڪن جو فرق آهي ۽ ان مختصر عرصي ۾ پ پ جيالن جي رد عمل بابت ڪا به حتمي راءِ قائم ڪرڻ زيادتي ٿيندي. فيڊرل ڪائونسل ۽ مرڪزي ڪائونسل احتجاج لاءِ حڪمت عملي پڌري ڪري ۽ آرگنائيز مظاهرن ۽ احتجاجن ۾ شامل ماڻهن جو انگ ۽ عزم ڏسڻ کان پوءِ حتمي راءِ ڏجي ته بهتر ٿيندو.
دانشور ٽائيپ ڪجهه صحافين جو چوڻ آهي ته عوام ۾ جيڪو اهو تاثر آهي ته احتساب حڪمرانن جو به ٿيڻ گهرجي ان کي وڌيڪ اڀارڻ، ڦهلائڻ ۽ آرگنائيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. پ پ وارا جيڪڏهن ان ۾ ڪامياب ٿي ويا ته پوءِ سندن احتجاجي تحريڪ هڪ نئون رخ اختيار ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن پ پ وارا صرف روڄ راڙي ۽ پٽڪي ۾ پورا هوندا ته ٿي سگهي ٿو ته سندن احتجاج جو اثر موثر ثابت نه ٿي سگهي. محترمه جي نااهلي واري فيصلي سان پ پ کي اهو فائدو ضرور ٿيندو ته سندن رٺل جيالا گڏ ٿي سگهن ٿا پر ان جو دارومدار به سندن ليڊر شپ جي حڪمت عملي تي آهي. پ پ وارن کي سنڌ ۽ لاهور ۾ وڌ کان وڌ طاقت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو نه ته سندن احتجاج ڪنهن ليکي ۾ به نه ڳڻيا ويندا. ايم ڪيو ايم سان گڏجڻ لاءِ به هن وقت پ پ وٽ سٺو موقعو آهي.
حڪومتي حلقن ۾ ته سرهائي آهي ۽ حڪومت سيف الرحمان کي ڪنهن به خطري سبب سرڪاري خرچ تي گهرايل بلٽ پروف بي ايم ڊبليو ڏئي ڇڏي آهي. حڪومت، فيصلو ٻڌائيندڙ ججن جي حفاظت جا انتظام به سخت ڪيا آهن جيڪڏهن ڪنهن وچان ڌڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته الزام پ پ تي ايندو ۽ سندن مظلوميت وارو ماحول ظالم واري تصور ۽ تاثر ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. ان نقطي تي به پ پ قيادت کي سوچڻو پوندو. سينيٽر سيف الرحمان ته اڄ ڇنڇر تي شڪراني جا نفل ڪعبته الله ۾ پڙهڻ ۽ عمرو ادا ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو آهي پر حڪومتي مشينري جي پروپيگنڊه ڊويزن وارن جي موڪل رد آهي ڇو ته هاڻي انهن جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. سيف الرحمان جي وڏي خواهش آهي ته هو بينظير کي نه سهي پر آصف کي اڊيالا جيل ۾ قيدين واري وردي پارائي سندسن فوٽو سيشن ڪرائي، پر اڃا تائين ان ڏس ۾ کيس ڪا خاطر خواهه ڪاميابي ڪو نه ٿي آهي. ٿي سگهي ٿو ته هو عمرو ڪري گناهه معاف ڪرائڻ بعد نئين سر تازه دم ٿيڻ کان پوءِ ڪارروائي ڪري.
جيڪڏهن احتساب کي اڻ ڌريو بنائڻ ۾ مختلف غير سياسي ڌريون دلچسپي رکنديون هونديون ته پوءِ ملڪ ۾ ان ڏس ۾ ماحول جوڙڻ ۾ آساني ٿيندي. انهن ڌرين اڃا تائين ڪو به رد عمل ڪنهن به حوالي سان ظاهر نه ڪيو آهي. مبصرن جو خيال آهي ته اهي ڌريون به في الحال ان نقطي تي پ پ وارن جي احتجاج جي شدت، پاليسي ۽ حڪمت عملي تي ڪرڙي نظر رکيون ويٺيون آهن جيڪڏهن پ پ وارن پنهنجي سطح تي ان ڏس ۾ ايڏو دٻاءُ پيدا ڪيو ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته غير سياسي ڌريون ان ڪارخير ۾ حصو وٺن. اڄڪلهه خاص عدالتن جي قيام تي عدليا ۽ حڪومت وچ ۾ هلندڙ اختلاف راءِ ڇڪتاڻ ۽ ناخوشگوار صورتحال ۾ جيڪڏهن پ پ وارا ٿوري وڌيڪ تيزي پيدا ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽ هٽنگ ڪن ته اهو ناممڪن به ڪو نه ٿو لڳي.
ڪجهه غير سياسي ڌرين جو غير سرڪاري طريقي سان موقف آهي ته اهو مسئلو پاڻ ئي ٿڌو ٿي ويندو. انهن حلقن جو خيال آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي ٿڌا ٿي ويندا. بينظير ڀٽو جڏهن اڳ ۾ پرڏيهه وئي هئي ته ان وقت فيصلو اچڻ جي توقع نه هجڻ جي باوجود به کيس هوائي اڏي تان موٽايو ويو ۽ چيو ويو ته سندس ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ تي نالو آهي پر هاڻي جڏهن فيصلو ويجهو هو ته ان کان چند ڏينهن اڳ جڏهن محترمه ٻاهر وڃي رهي هئي ته ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ تي سندس نالو هئڻ جي باوجود به کيس ڪنهن نه روڪيو. تمام سادي نموني اها ڳالهه چوندڙن جي سواليه انداز جو جواب ڳولڻ بعد صرف اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته حڪومت کي به خبر هئي ته محترمه گرفتاري کان لنوائي وڃي پئي ۽ محترمه کي به خبر هئي ته هوءَ اهو ئي ڪري ٿي. ان جي باوجود به ڪجهه نه ٿيڻ ۽ محترمه جو پرڏيهه آرام سان روانو ٿيڻ هلڪي ڦلڪي انڊر اسٽينڊنگ ڏانهن اشارو ڏئي ٿو. اهڙي ابتي ڳالهه ڪندڙن جو خيال آهي ته سپريم ڪورٽ مان اسٽي ملڻ بعد اپيل جي سماعت ۾ ڊيگهه ڪئي ويندي ۽ چيف جسٽس اجمل ميان جي 30 جون تي رٽائرمينٽ کان پوءِ ضرورت پوڻ تي مناسب فيصلو ڪري التويٰ ۾ پيل حڪمرانن جي ڪرپشن جا ڪيس به گڏ گڏ هلائي ٻنهي جا فيصلا ايندا جيئن انصاف ۽ احتساب جو ڊينٽونڪ ٽوٿ پائوڊر واري اشتهار جيان ”بول بالا“ ٿئي.
اهڙي نموني ”بول بالا“ ٿيڻ جي خواهشمندن جو اهو به خيال آهي ته ڀارت ۾ جيڪو سياسي بحران آهي ان جي نتيجن سان ملندڙ جلندڙ نتيجا پاڪستان ۾ به اچن، پوءِ ته اهو ضروري ٿي پيو آهي ته ڀارت کي هر قدم ۽ هر فيصلي جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي بدلو وٺڻ گهرجي. جڏهن ڀارت ايٽم بم جو ڌماڪو ڪيو ته پاڪستان به ڪيو. ڀارت ميزائيل فائر ڪيو ته پاڪستان به ڪيو ۽ هاڻي سياسي تبديلي واري ڀارت جي ڌماڪي جو آخر جواب ڌماڪي سان ڇو نه ملڻ گهرجي. هندستان دشمن آهي ان کي پاڪستان ڪيئن گوءِ کڻن ڏيندو!!
بينظير ڀٽو ۽ آصف جي نااهلي واري فيصلي خلاف هن دفعي به احتجاجي تحريڪ جي طاقت جو محور ايم آر ڊي جيان سنڌ ئي هوندو ڇو ته سنڌ جي احتجاج جي شدت آڌار ئي پنجاب خاص ڪري لاهور ۾ گوڙ ٿيندو. پشاور ۾ پ پ جي اندر جهيڙي ۽ شير پائو جي ناراضگي سبب مورچو ڪمزور آهي باقي بلوچستان ته هونئن به ڪنهن کاتي ۾ ڪونهي. باقي آهي سنڌ پنجاب تنهن ڪري انهن ٻن مورچن ۾ وڙهڻ لاءِ ئي حڪمت عملي ٺهندي. پنجاب ۾ گوڙ ڪندڙن کي پڄڻ لاءِ شهباز شريف ويٺو آهي ۽ هن کان وڌيڪ بهتر ۽ اعتبار جوڳو ماڻهو کين نه ملندو ۽ نه ئي حڪمران ڳوليندا. باقي آهي سنڌ، جتي حڪمران پنهنجو ماڻهو فٽ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو فيصلو عنقريب ڪرڻ وارا آهن. جڏهن ايم ڪيو ايم کان حڪومت زوري عليحدگي اختيار ڪئي هئي ته سنڌ جي هاڻوڪي گورنر معين الدين حيدر گهربل نتيجا حاصل ڪو نه ڪيا هئا. حڪومت وارن هڪ ٻه ڀيرا معين الدين مان هٿ ڪڍڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ”بول بالا“ وارا وچ ۾ پيا هئا پر هاڻي ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ سرڪار سڳوري سنڌ ۾ سياسي سيٽ اپ لازمي ٺاهيندي. سياسي سيٽ اپ ٻن مقصدن لاءِ فوري طور تي موجوده صورتحال ۾ ضروري آهي. هڪ ته جيڪو ڦڏو فساد ۽ گوڙ گڙٻڙ ٿئي ان کي موثر نموني لٺ باٺي ۽ دٻڙ ڌونئس سان منهن ڏجي، ٻيو ته اهو ڪم سنڌين ذريعي ئي ٿئي ۽ ان دٻڙ ڌونئس جي نتيجي ۾ سياسي طرح معاملي کي سنڀالي سگهجي. ان لاءِ 9 رڪني ايڊوائيزري ڪائونسل غوث علي شاهه جي صدارت ۾ تيار آهي جيڪا ٿي سگهي ٿو 19 اپريل تي روس جي دوري کان اڳ وزيراعظم اعلان ڪري پوءِ وڃي. هيستائين سدائين نواز شريف اهم فيصلا پرڏيهي دورن کان اڳ ڪيا آهن جيئن فيصلي بعد ڪجهه ٽريل هجي ۽ مٿس دٻاءُ نه پوي ۽ فيصلي تي عمل ٿي وڃي هاڻي به سنڌ واري ڪائونسل ۽ وفاقي وزارت ۾ ڦير ڦار ممڪن آهي ته 19 اپريل کان اڳ ٿي وڃي.
(17 اپريل 1999ع)