انتهاپسند لاڙن جي زور ٽٽڻ جي شروعات!
جواني ترڪيءَ ۾ گذارڻ ۽ تعليم پرائڻ سبب ئي شايد جنرل پرويز مشرف ترڪ اڳواڻ ڪمال اتا ترڪ کان زندگي ۾ وڌيڪ متاثر ٿيو هو. ڪمال اتا ترڪ خلافتي طرز حڪومت واري ترڪيءَ کي يورپي ملڪن جهڙو ايڊوانس ملڪ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اتا ترڪ جي ٻين خوبين کانسواءِ هڪ وڏي خوبي اها به هئي ته هن اسلامي ملڪ ترڪي مان مذهبي جنونيت کي ختم ڪري ڇڏيو. انتهاپسندي ۽ جنونيت، تشدد جو مک ڪارڻ هوندا آهن ۽ تشدد تباهيءَ جو بنياد هوندو آهي. انتهاپسندي ۽ جنونيت ڪنهن به معاملي ۾ درست يا مذهبي علامت نه ڄاتي ويندي آهي. پاڪستاني معاشري ۾ به مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسنديءَ جا لاڙا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. هر ڪنهن کي خبر آهي ته اسلام محبت جو درس ڏئي ٿو، جيڪو بندوق جي زور تي ڪنهن کي به مسلمان ڪرڻ جي خلاف آهي پر هتي ته ڪيترائي مسلمان هڪ فرقي کان ٻئي فرقي ۾ آڻڻ ۽ مخالفن کي هيسائڻ لاءِ بندوق جي استعمال کي عين اسلامي قرار ڏيڻ ۾ دير ئي نه ڪندا رهيا آهن. باقي جيڪي حقيقي مذهبي عالم حضرات آهن. تن کي ڀلي ڀت اها ڄاڻ آهي ته اسلام ۾ فرقي بازي جائز ناهي، تشدد پسنديءَ واريون ڪارراويون غير اسلامي آهن ۽ مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ هڪٻئي جي مخالفن کي مارڻ هرگز جهاد ناهي.
مشرف حڪومت جيڪي به اپاءَ ورتا آهن، انهن بابت سواءِ واسطيدار متاثر گروپن جي سڀني کي خوشي ٿي آهي، عام ماڻهو سندس ان پاليسيءَ جي ساراهه ڪن ٿا، جيڪي مذهبي ذهن جا ماڻهو آهن اهي اهڙن اپائن جي حمايت ڪن ٿا، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، ماضيءَ ۾ مسجدون انقلابي تحريڪن جو مرڪز رهيون آهن پر جنهن ملڪ ۾ 98 سيڪڙو مسلمان هجن، ان صورت ۾ انهن انقلابي مرڪزن تي سماجي سڌارن ۽ امن آشتيءَ جي ذميواري وڌيڪ لاڳو ٿئي ٿي. گاديءَ واري شهر ۾ باشعور ماڻهن جي راءِ آهي ته جيتوڻيڪ هٿياربند جهادي گروپ افغان جنگ جي پيداوار آهن پر هاڻي جڏهن انهن جي ”خالقن“ ئي کين غلط قرار ڏيڻ شروع ڪيو آهي ته ان فيصلي تي عمل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، ڇو ته انهن تنظيمن تي پابندين سان خود ايجنسين اندر به گهڻا بحث شروع ٿيندا. ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ جنرل مشرف پهريون حڪمران آهي، جنهن پاڪستاني خفيه ايجنسين ۾ سڌارن ۽ انهن جي ري اسٽرڪچرنگ لاءِ پيپر ورڪ مڪمل ڪيو آهي، صدر مشرف اڪثر ڪري چوندو رهيو آهي ته ايجنسيون فعال ڪردار ادا نه پيو ڪن، حڪومتي حلقن جو چوڻ آهي ته جهادي تنظيمن بعد ايجنسين جي ري اسٽرڪچرنگ جو ڪم شروع ٿيندو ۽ جنرل مشرف وڏي پيماني تي ايجنسين جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ريفارمز بابت فيصلا ڪندو.
1979ع ۾ افغانستان مان سوويت يونين جي واپسي بعد فارغ ٿيل اهي جهادي جڏهن پاڪستان موٽيا ته هتي آهستي آهستي فعال ٿيڻ لڳا ۽ 1988ع ۾ باقاعده تنظيمون ٺهڻ شروع ٿيون. افغان جهاد بعد انهن تنظيمن ڪشمير ۾ جهاد جو نعرو هنيو ۽ ڪشمير ڏانهن رخ ڪيو. ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪشمير مسئلو هيستائين حل نه ٿيڻ جو سبب ڪشمير جو پاڻي آهي. جيڪو ٻنهي ملڪن جي جياپي جو وسيلو آهي، ڇو ته ٻنهي ملڪن جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي. ڀارت جڏهن وولر بئراج تعمير ڪرڻ شروع ڪيو ته اهي جهادي تنظيمون ئي هيون جن ان کي تباهه ڪيو ۽ سندن اهو ڪارنامو پاڪستان ۾ واسطدار ڌرين کي تمام گهڻو پسند آيو هو، پر پوءِ انهن جهادين جي اوٽ ۾ فرقيواراڻن گروپن به دڪانداري چمڪائڻ شروع ڪئي. جن پنجن تنظيمن لشڪر طيبه، جيش محمد، سپاهه صحابه، تحريڪ جعفريه، تحريڪ نفاذ شريعت محمدي تي پابندي لڳي آهي. انهن مان شروعاتي ٻن تنظيمن جو ڪشمير ۾ ڪم آهي. باقي پاڪستان ۾ فرقيواراڻن فسادن جا الزام لڳندا رهيا آهن، ڪير صوفي محمد کان اهو نٿو پڇي ته اڍائي هزار جو لشڪر افغانستان وٺي ويو ۽ اڍائي سئو ماڻهو موٽائي آيو. پاڻ به واپس آيو. آخر هن پاڻ افغانستان ۾ شهادت ڇو نه قبول ڪئي؟
هيستائين ڪنهن به سياسي حڪومت اهڙين انتها پسند ڌرين خلاف ڪو قدم ان ڪري نه کنيو هو جو هر ڪنهن کي ڊپ هو ته هو مزاحمت ڪندا، جيتوڻيڪ مزاحمت جو گمان ۽ خدشو ته هاڻي به موجود آهي پر ان هوندي به جنرل مشرف اهو قدم کنيو آهي. هتان جي عام ماڻهن، واپارين، ڪامورن، سماجي حلقن ۾ مشرف حڪومت جي اهڙن اپائن بابت مثبت راءِ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ هو ساراهه به ڪن ٿا. ٻئي پاسي جيڪي به لبرل ۽ ترقي پسند سوچ واريون سياسي ۽ سماجي ڌريون آهن. انهن کي به خوشي ٿي آهي پر حقيقت اها آهي ته انهن ڌرين نان سويلين هئڻ سبب مشرف جي تعريف ۾ ڪنجوسيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته پ پ سميت ٻين ڌرين جي به خواهش اهائي هئي جيڪو مشرف ڪيو پر جيتري واکاڻ ٿيڻ کپي ها هنن اها نه ڪئي آهي. انهن ڌرين کان هٽي ڪري جماعت اسلامي، جي يو آءِ ۽ متاثر ڌرين جو چوڻ آهي ته مشرف حڪومت اهي قدم آمريڪا ۽ ڀارت جي دٻاءَ ۾ اچي کنيا آهن. مذهبي ڌرين پاران اهو الزام موجوده حالتن ۾ فٽ ته لڳي ٿو، پر جيڪڏهن حقيقت پسندي سان ڌٺو وڃي ته ان ۾ ٻاهريون دٻاءُ نه پر خود جنرل مشرف جي پنهنجي سوچ ۽ خواهش جو عمل دخل گهڻو آهي. 14 آگسٽ تي جڏهن سپاهه محمد ۽ لشڪر جهنگوي تي پابندي وڌي وئي هئي ته ان وقت نه ڀارتي فوج بارڊر تي هئي ۽ نه آمريڪا ۾ 11 سيپٽمبر وارا ڌماڪا ٿيا هئا. جن ٻن تنظيمن کي نگراني هيٺ رکيو ويو هو، انهن تي 12 جنوري تي پابندي وڌي وئي. رهيو سوال مدرسن ۾ نصاب جي تبديلي جو ته اهو به غلط قدم ناهي. جيڪڏهن ڪو پيش امام انگريزي به پڙهيل هجي. ڪمپيوٽر به هلائي سگهي، انٽرنيٽ جي دنيا به ڏسي سگهي ته هو هرگز تنگ نظر، جنوني ۽ رجعت پسند نه ٿو ٿي سگهي. اهو امام مسجد 800 کان 15 سئو جي پگهار ۽ نمازين جي مانين جو محتاج نه هوندو پر معاشري ۾ بهتر مقام حاصل ڪري سگهي ٿو. جيستائين لائوڊ اسپيڪرز جي استعمال جو تعلق آهي ته ان جو مثبت استعمال اهو آهي ته ماڻهو اذان ٻڌي عبادت لاءِ الله جي گهر اچن، پر اوهين ڏسو ته ان جو غلط استعمال ڪيترو آهي. وڏن شهرن ۾ اسپتالن ۽ گهرن لڳ جيڪي مسجدون آهن. انهن تي اعليٰ ڪوالٽي ۽ ايڪو سائونڊ وارا 4 کان 6 هيوي ڊيوٽي اسپيڪر لڳل آهن، هر طرف هڪ هڪ لائوڊ ته لازمي هوندو، صبح جو جڏهن ان ايڪو سائونڊ مان مختلف آواز اچن ٿا ته اسپتال ۾ داخل مريض جن ۾ ٻار به شامل هوندا آهن، اهي ته ڇرڪ ڀري اٿن ٿا، گهرن ۾ به جنهن جا گهر پاسي ۾ آهن، انهن جا ٻار به ڇرڪ ڀري ٿا اٿن، اذان جي حد تائين ته ٺيڪ آهي، ڪنهن کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي پر ان کانسواءِ اضافي ڳالهيون يا کنگهه کڙڪا ته نه ڪرڻ گهرجن.
سياسي مبصرن جو خيال آهي ته مشرف حڪومت جيڪي اهي اپاءَ ورتا آهن. انهن تي عمل ڪرڻ ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي. غير ملڪي ميڊيا وارا جنرل مشرف جي انهن اپائن تي خوش ته آهن پر حيران به آهن، هو منطقي نقطه نظر کان اها به جانچ ڪن پيا ته ڪٿي اهي اپاءَ وقت ٽپائڻ لاءِ ته ناهن. ڪٿي اهي فرضي ۽ زباني ڪلامي ته ناهن بهرحال جيڪڏهن جنرل مشرف ايندڙ اسيمبلي تائين صدر رهيو ته يقينن ان پاليسي تي عمل ٿيندو. افغانستان ۾ طالبان راڄ بعد جڏهن اهي گمان پيدا ٿيا ته پاڪستان ۾ به ايئن ٿيندو ۽ هتي به بندوق جي زور تي ڏاڙهي رکڻ جا فرمان جاري ٿيندا پر گذريل ٻن مهين دوران افغاني ماڻهن جيئن حجم ڳولڻ شروع ڪيا، ۽ جيترو حج جي سيزن ۾ مڪي وارا حجم ڪمائيندا آهن، ايترو انهن بزنيس هن دفعي افغاني حجمن جو به ٿيو. بهرحال جيڪڏهن حڪومتي اپاءَ قابل عمل بڻجي ويا ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ معاشرتي ۽ سماجي طور تمام وڏي مثبت تبديلي ايندي.
(14 جنوري 2002ع)