هڪ صوبيدار هٿان لاڪ اپ ٿيل سنڌ اسيمبلي
سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪئي کي 13 ڏينهن گذري ويا آهن پر هيستائين ٻه اڍائي سئو ماڻهو دهشتگرد هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪرڻ کانسواءِ سنڌ مٿان مڙهيل وفاقي راڄ ٻيو ڪو ڪارنامو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي اهڙو ڪو به وفاقي راڄ وارن جو قدم ناهي کڄيو جنهن جو واسطو امن امان قائم ڪرڻ سان هجي يا عوام جي ڀلائيءَ جو ڪو تعلق ان سان هجي. سنڌ ۾ لياقت واري ليگي حڪومت لاهور ۾ ويٺل ليگين جي گروهه ئي ختم ڪري ڇڏي. تڪڙ ۾ جاري ڪيل ان حڪم ۾ هنن کان اسيمبلي معطل ڪرڻ وسري وئي. جيتوڻيڪ اسيمبلي نه معطل ڪرڻ جي صلاح ڏيندڙ خالد انور تي وزيراعظم اڃا به ناراض آهي پر سن جي سيد جلال محمود شاهه جي ايڏي پئماني تي مخالفت ماپي نه سگهڻ تي نواز شريف، غوث علي شاهه کان به خوش ناهي. چيو وڃي ٿو ته غوث علي شاهه به ميان کي خاطري ڪرائي هئي ته جلال شاهه منهنجو سمجهه ڀائٽيو آهي، هو گهڻي پٽاڙ نه ڪندو، پر ايئن نه ٿي سگهيو.
سنڌ ۾ لاڳو ڪيل وفاقي راڄ واري حڪم کان پوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جا اختيار معطل ڪرڻ واري حڪم سان سنڌ جي اسيمبليءَ کي زخمي ڪيو ويو آهي. هيستائين بندوق جي نالين مان نڪرندڙ بارود سان سنڌ جا ماڻهو مرندا ۽ زخمي ٿيندا رهيا آهن پر هاڻي وفاقي حڪمرانن جي غير جمهوري فرمانن سان سنڌ جي ادارن کي زخمي ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن بندوق سان ڪنهن کي مارڻ دهشتگردي آهي ته ڇا غير جمهوري فرمانن سان ادارن کي قتل ڪرڻ سياسي ڏاڍائي ناهي؟ سنڌ جي گورنر هائوس ۾ وزيراعظم نوازشريف جي صدارت ۾ ٿيل ٻه ڏينهن اڳ واري گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ کي تالو لڳائڻ جو فيصلو ڪندڙ سڀ پنجابي هئا. ان جي نشاندهي سينيٽ ۾ تاج حيدر ڪري چڪو آهي. جيتوڻيڪ ان اجلاس ۾ غوث علي شاهه نواز شريف جي ساڄي پاسي واري قطار ۾ پهرين سيٽ تي ويٺو هو پر پوءِ به الائي ڇو بقول تاج حيدر ته اجلاس ۾ ڪو سنڌي ڏسڻ ۾ نه آيو!
سنڌ ۾ ٿيندڙ ان نئين تماشي کي دوربين جي اک سان ڏسندڙ ڌرين وارا وري هڪ نئين ٿيوري پيش ڪري رهيا آهن. هن ڌر وارن جو خيال آهي ته جيڪو ڪجهه سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي اهو اصل ۾ ٿئي ڪو نه پيو پر ڪرايو پيو وڃي. سنڌ ۾ انتشار پيدا ڪري سنڌ واسين کي روڊن تي آندو ويندو جيئن ملڪ ۾ وفاق ۽ پنجاب خلاف نفرت چوٽ چڙهي وڃي، تمام وڏا مظاهرا ۽ احتجاج ٿين جيئن مارشل لا لڳائڻ جو جواز سنڌ فراهم ڪري، ٻئي ڪنهن صوبي ۾ايترو Potential ناهي جو مارشل لا لڳائڻ جو جواز فراهم ڪري سگهي. وقتي طور مارشل لا هڻي ميان مان جند ڇڏائي وڃي. ”پوءِ ڇا ٿئي؟“ واري سوال پڇڻ سان ئي ڪهاڻي ٻڌائيندڙ ماڻهو في الحال ڪيسٽ ڇني ٿا ڇڏين. بس ايترو چون ٿا ته هاڻي حڪمرانن جي اقتدار مان رحلت جا ڏينهن هفتن ۾ آهن.
جيڪڏهن ان ٿيوريءَ کي صحيح سمجهجي ته ڇا ان تي احتجاج ڪرڻ سنڌ واسين جو حق نه هوندو ته ملڪ تي وري عارضي طور مارشل لا هڻائڻ لاءِ سنڌ کي ميدان جنگ ڇوٿو بنايو وڃي؟ اڄ جيڪو ڪجهه سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي. ان تي اکيون ٻوٽي دادوءَ جو جتوئي لياقت، شڪارپور جو سومرو الاهي بخش ۽ ڳاڙهي موري جي سيد غوث علي شاهه آڱوٺا هڻي رهيا آهن. ڇا هاڻي سنڌ سياست جي ميدان ۾ سنڍ ٿي وئي آهي جو ڪو نئون سياسي مسيحا نه ڄڻي سگهي؟ اڄ جڏهن سنڌ جي 29991000 ماڻهن پاران چونڊيل 109 ميمبرن کي ڪراچيءَ جي آرٽلري ميدان ٿاڻي جو ايس ايڇ او اسيملي جي گيٽ تان موٽائي ٿو ڇڏي، سنڌ اسيمبليءَ کي تالو ٿو هنيو وڃي. سنڌ جي ادارن کي بقول رضا رباني جي ته رائيونڊ جي کڙين هيٺان چيٿاڙيو ٿو وڃي. تڏهن سنڌ جا سياستدان خاموش ڇو آهن؟ ڇا گورنريءَ جي اوسيئڙي ۾ ويهي رهڻ جو وقت آهي؟، ڇا اڃا به حڪومت جي معطلي بعد بحالي جو انتظار ڪرڻ جي گنجائش آهي؟ ڇا ڀاءُ کي ننڍي چونڊ ۾ ٽڪيٽ نه ملڻ بعد گورنر راڄ ۾ ڀاءُ لاءِ ايڊوائيزري جي جاءِ وٺڻ جو فڪر ڪرڻ گهرجي؟ انهن سوالن جو جواب سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ليڊرن کان پڇڻ گهرجي.
وزيراعظم نواز شريف جيڪو ڪجهه اڄ تائين وات مان چيو آهي اهو ٿيو آهي. ايڊمرل منصورالحق کان آرمي چيف جهانگير ڪرامت، سجاد علي شاهه کان فاروق لغاري تائين، سپريم ڪورٽ کان ايوان صدر تائين ۽ رحمان ملڪ کان جهانگير ڪرامت تائين جنهن مهل جڏهن چاهيو، جيڪو ڪيو سو ڦٻي ويو آهي جنهن ڪري سندس ”فتوحات“ وارو سلسلو هاڻي سنڌ اسيمبليءَ کي لڳايل تالي تائين وڃي پهتو آهي. فتحن جي اوچي اڏام خلا تائين وڃي پهتي آهي جتي ٻيو جمپ نٿو هڻي سگهجي تنهنڪري لڳي ٿو ته کيس زمين تي واپس آڻڻ جا وقت ويجها آهن. جنهن نموني سنڌ جي 3 ڪروڙ ماڻهن جي 109 چونڊيل ميمبرن کي وفاق وارن آرٽلري ميدان ٿاڻي جي ايس ايڇ او ذريعي ڪنٽرول ڪيو آهي ان بعد ئي اڄ کان 36 سال اڳ چيل ايوب خان وارو اهو جملو سمجهه ۾ آيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌ وارن جو ڪو مسئلو ناهي هنن لاءِ هڪ ايس ايڇ او ڪافي آهي. اڄ واقعي اهو ثابت ٿي ويو آهي.
اڄ جڏهن سنڌ ۽ سنڌ وارن سان اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ته ان معاملي تي بلوچستان ۽ سرحد مان ڪنهن جي احتجاج جي صدا به نه آئي آهي. اڄ سنڌ سان ايئن ٿيو آهي. سڀاڻي ڪنهن ٻئي صوبي سان به ايئن ٿي سگهي ٿو. سينيٽ ۾ بلوچ ۽ پٺاڻ سينيٽرن کانسواءِ ڪنهن به حمايت نه ڪئي آهي، نه ڪنهن عدالت از خود نوٽيس ورتو، نه ڪنهن انساني حقن جي تنظيم وارن ڪا همدردي ڪئي آهي، نه رفيق تارڙ ٿو ڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي، ڇا پنجاب ۽ وفاق مان شايع ٿيندڙ قومي اخبارن جي روشن خيال صحافين ۽ دانشورن کي ميار ڏيڻ جو سنڌ واسين کي حق ناهي جن لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي فرق واري بينظير جي جملي تي مهينو کن تبصرا ۽ تبرا ڪيا هئا، پر سنڌ اسيمبليءَ کي تالو هڻڻ تي انهن جمهوريت پسند صحافين، في الحال پنهنجي ڪالمن ۾ اڃا تبصرو نه ڪيو آهي. شايد اهو هنن کي ايڏو وڏو مسئلو نه لڳندو هجي.
(13 نومبر 1998ع)