تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

اپوزيشن-مرده پارٽين جي سمفني؟

اپوزيشن-مرده پارٽين جي سمفني؟

سنڌين لاءِ اردو ۾ لکندڙ پنجابي مادري زبان هوندي به پاڻ کي سنڌي سمجهندڙ مظهر الاسلام جو ڳچ عرصي کان پوءِ ناول عنقريب مارڪيٽ ۾ اچي رهيو آهي. جنهن جو نالو هن ”محبت، مرده ڦولون ڪي سمفني“ رکيو آهي.مون جهڙي ادبي بدذوق کي سمفني لفظ جي معنيٰ مظهرالاسلام 6 دفعا ٻڌائي پر ياد ئي نه پيو اچي هاڻي به هي سٽون لکڻ وقت سمفني جي معنيٰ لاءِ کيس فون ڪيم ته پڇيائين ڪهڙي ضرورت پئي اٿئي؟ چيو مانس ته اوهان دنيا مان ڪمزور ٿيندڙ ۽ ختم ٿيندڙ محبت جي موضوع تي جڏهن ناول لکي ان کي محبت مرده ڦولون ڪي سمفني جو نالو ڏيو ٿا ته ڇو نه پاڪستان مان ختم ٿيندڙ اپوزيشن واري عنوان تي ڪالم لکڻ لاءِ ان جو عنوان ”اپوزيشن، مرده پارٽين جي سمفني“ رکجي. ڏاڍو کليو ۽ منع ڪيائين ته يار سمفني جو تعلق موسيقيءَ سان آهي. سمفني لفظ جي معنيٰ ”تمام گهڻن سازن واري آرڪيسٽرا“ آهي. مون چيو ته پاڪستان جي اپوزيشن ۾ به ڪافي پارٽيون آهن. ڪا مذهبي، ڪا اقليتي آهي، ڪا قومپرست آهي، ڪا وفاق پرست آهي، ڪا خود پرست آهي. هر هڪ جو آواز، ساز، روئڻ پٽڻ جو انداز ۽ آواز مختلف آهي تنهن ڪري مان به ڪالم جو عنوان اهو ضرور رکندس ته ”اپوزيشن، مرده پارٽين جي سمفني“ آهي. ڏاڍا دليل ڏنائين بابا روئڻ ۽ ڳائڻ ۾ فرق آهي. بهرحال قصو ڪوتاهه منهنجي بضد هئڻ تي اهو چئي هٿيار ڦٽا ڪيائين ته بابا تنهنجي مرضي ڀلي دٻينس.
پاڪستان ۾ 52 سالن جي تاريخ ۾ جڏهن به جمهوريت رهي آهي ته ڪڏهن به اپوزيشن ڌر ايتري ماٺيڻي، خاموش ۽ ڪمزور نه رهي آهي جڏهن کان ميان نواز شريف آيو آهي ته اپوزيشن جو نالو پري پري تائين ٻڌجڻ ۾ ئي نٿو اچي. شروع ۾محترمه بينظير ڀٽو قبل از وقت پاڪستان عوامي اتحاد نالي هڪ اتحاد ٺاهيو هو جنهن جا ڪجهه هفتا چرچا هئا پر اهو اتحاد پنجابي جي مثال جيان ته ”جميا ئي نئي تي مرگيا.“ وري ڪجهه ڏينهن ۾ پونم نالي مظلوم قومن جو اتحاد ٺهيو پر ان جي گرمائش به سانوڻي جي مينهن پوڻ، جهانگير ڪرامت جي گهر وڃڻ ۽ اجمل خٽڪ کان اي اين پي جي صدارت کسجڻ سان ختم ٿي وئي. هاڻي جڏهن کين يادگيرو ايندو آهي ته اجلاس سڏائي ڪچهريون ڪري همراهه موٽندا آهن . وري ان بعد عمران خان، قاضي حسين احمد، فاروق لغاري ۽ طاهر القادري کي خيال آيو ته هو ڇو نه گڏجي محترمه جي غير موجودگي جو فائدو وٺندي اپوزيشن جي ويڪيوم کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪن پر هنن واريون ڳالهيون به سندن دماغن ۽ منصوره جي ڊرائنگ رومز کان ٻاهر نه اچي سگهيون. نيٺ وري باباءِ اتحاد نوابزده نصرالله سگار جا ڊگها ڪش هڻڻ کان پوءِ اوچتو اٿي پيو آهي. طاهر القادري سان ڳالهائي کيس راضي ڪري آيو ۽ وري گڏجي، اڳوڻي پاڪستان عوامي اتحاد جنهن کي ”پائي“ جو نالو ڏنو ويو هو تنهن جي گاڏي جي پنڪچر ٿيل ٽائر ۾ هوا ڀرڻ شروع ڪئي آهي ۽ اڄ 19 آگسٽ تي راولپنڊي ۾ اينٽي نواز ريلي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن. ريلي جا راز ته راڄ ڏسندا پر باباءِ اتحاد جي اوچتو سرگرمي ۽ چرپر رڳو سگارن جي ڪشن جي گرميءَ تائين محدود ناهي. هونئن به اڄڪلهه نوابزادو ساده سگار پيو پيئي ڇو ته روميو جوليٽ سگارن جا ڪاٽن کيس رفيق تارڙ پيو موڪلي نه وزيراعظم، نه پير پاڳارو ۽ نه ئي ڪو ٻيو دوست. ڪڏهن ڪڏهن محترمه کيس ياد پوڻ تي دبئي جي ڊيوٽي فري شاپس تان خوشبو وارا تماڪو جا سگار گفٽ ڪندي آهي.
عوامي اتحاد جيڪو مرده پارٽين جي سمفني بڻجي ويو هو تنهن ۾ اوچتو روح ڦوڪي خوبصورت ساز وڄائڻ لاءِ ٻيهر نوابزادو نصرالله جيڪو سرگرم ٿيو آهي تنهن بابت هتان جي ڳچ عرصي کان بدحواس بڻيل باحواس حلقن جو چوڻ آهي ته محترمه بينظير ڀٽو کيس سگنل ڏنو آهي. محترمه جيڪا جسٽس قيوم جي فيصلي جي خوشبو سنگهڻ سان ئي پرڏيهه هلي وئي هئي ان هاڻي موٽڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ سيپٽمبر جي آخر تائين هو وطن پهچي رهي آهي. تيستائين ممڪن آهي ته سندس ضمانت قبل از گرفتاري به سپريم ڪورٽ مان ٿي وڃي ڇو ته سپريم ڪورٽ 2 مهينا گرمين جون موڪلون پوريون ٿيڻ ڪري سيپٽمبر جي شروع ۾ کلي رهي آهي. جيڪڏهن سندس ضمانت نه به ٿي تڏهن به هوءَ ايندي ۽ گرفتار ٿيڻ لاءِ هوءَ ذهن ٺاهي چڪي آهي، محترمه جي واپسي کان اڳ يعني ايندڙ 6 هفتن اندر اپوزيشن کي مڪمل سرگرم ڪيو ويندو ۽ نئين جوش سان ٻيهر تحريڪ جو ٽيمپو ٺاهڻ لاءِ ڀرپرو ڪوشش ڪرڻ جي حڪمت عملي 20 آگسٽ تي سڏايل پائي جي مرڪزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ جوڙي ويندي. محترمه جي واپسي بابت شيڊول ٻڌائيندڙن جو چوڻ آهي ته بس هاڻي گهڻو ٿي ويو. گذريل ٻن سالن کان حڪومت جي وڃڻ جون تاريخون ڏيندڙ وري حسب معمول هن سال جي پڇاڙڪي ڇهماهي ۾ به 30 نومبر جي تاريخ ڏئي رهيا آهن ته وڌ ۾ وڌ اها مدت آهي، اڳ ۾ ئي ڪم ٿي ويندو. نه صرف اهو پر شرطون به لڳي رهيون آهن. حڪومت جي وڃڻ ۽ شرطن متعلق 30 نومبر واري تاريخ جي حوالي سان گذريل 2 سالن کان هن سيزن ۾ حڪومت جي حامي ۽ باحواس حلقن ۾ شامل هئڻ جي دعويدارن سان جڏهن ان موضوع تي حال احوال ٿيو ته پهريون دفعو ٻن کان وڌيڪ همراهن چيو ته هن دفعي شرط نه لڳائبي هارائڻ جو مڪان تمام وڏو آهي.
30 نومبر تائين حڪومت وڃڻ جي ڳالهه ڪندڙن وٽ هر سال جي ڀيٽ ۾ هن سال دليل ۽ گرائونڊ سگهارا آهن، تنهن ڪري کين يڪسر نظر انداز ڪرڻ مناسب نه ٿو لڳي. هنن حلقن جو چوڻ آهي ته ٽن گورنرن جي اوچتو تبديلي هڪ ئي ڌڪ سان ڪري حڪمرانن پنهنجي صفن ۾ وڏي ڪمزوري هئڻ جو اقرار ڪيو آهي. سنڌ جيان باقي ٽنهي صوبن ۾ به پنهنجي اعتماد وارن مسلم ليگي ماڻهن جي مقرري ڪري حڪمرانن پاڻ کي مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ قدم کنيو آهي. ان قدم جا نتيجا ڇا ٿا نڪرن اها بعد جي ڳالهه آهي پر ان قدم مان اهو ثابت ضرور ٿئي ٿو ته حڪمرانن پنهنجي ڪمزوري جو اعتراف ڪيو آهي. اهي حلقا چون ٿا ته آءِ ايم ايف جو اڄڪلهه جيڪو 5 رڪني جائزه مشن آيل آهي اهو پيٽرول جي قيمت 3 رپيا في ليٽر تي وڌائڻ وارو فيصلو ڪرائڻ کانسواءِ خالي نه ويندو. ان فيصلي سان اپوزيشن واري تحريڪ کي هٿي ملندي ۽ مهيني اندر ملڪ ۾ ٻڙڌڪ مچي ويندو. هن وقت حڪومتي صفن ۾ به ڪا گهڻي اتفاق راءِ نه پئي لڳي. هڪ سينيٽر جي ڪري چوڌري نثار ۽ شجاعت فيمليز ميان فيملي کان ناخوشي جو اظهار کلم کلا ڪرڻ لڳيون آهن. گوهر ايوب چيئرمين واپڊا جي جهيڙي ۾ پنهنجي انا جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪامي بعد حبڪو وارن جي دعوت تي لنڊن ۾ ٻن هفتن جي موڪل گذارڻ ويو آهي. سرتاج عزيز پنهنجي ڪيريئر جاب ناڻي کاتي وارو قلمدان ۽ ليگ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جو عهدو کسجڻ سبب پريشان آهي. الٽو فارين افيئرز ڏئي ڄڻ ته ساڻس دشمني ڪئي وئي آهي. چوڌري شير علي هجي يا خورشيد قصوري، اهي پنهنجي ليکي پيا تنقيدون ڪن. بيگم عابده حسين ۽ فخر امام جي گهر به ميلو متو پيو آهي هو ڪنهن ٻئي روٽ تي هلن. مسلم ليگ جا ووٽر ايم اين اي جن کي وزيراعظم شريعت بل جهڙن موقعن تي ياد ڪندو آهي اهي پنهنجي ليکي پريشان آهن. الاهي بخش سومرو به گهڻو خوش ناهي، ڪرشن ڀيل کانسواءِ باقي اقليتي گروپ وارا به پٽڪو پيا ڪن. آزاد گروپ وارا وري ٻيهر پيرپاڳاري جي دعوت جو سوچي رهيا آهن. مطلب مسلم ليگ ۾ اندروني طور ايترا ته اختلاف ۽ تضاد اڀريا آهن جو صرف ڪنهن مرد مجاهد جي سيٽي وڄائڻ جو انتظار آهي، ڪنهن غازي ۽ الله جي پراسرار بندي جي اشاري جي دير آهي. اهڙي صورتحال جو اقرار ته وزيراعظم کان وٺي هيٺ تائين هرڪو پيو ڪري، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ وري حسب روايت في ايم اين اي کي 6 ڪروڙ ۽ في سينيٽر کي 4 ڪروڙ جا ترقياتي فنڊ ڏيڻ واري خبر ٻيهر هلي آهي. اهڙا اعلان به ٻن سالن کان پيا ٿين پر عمل خير سان اڃا تائين نه ٿيو آهي. ان افراتفري کي ٽارڻ لاءِ فنڊز جي اعلان سان گڏ ڪابينا ۾ ردوبدل ۽ نوان وزير کڻڻ جون خبرون به هڪ ٻن ڏينهن ۾ زورن ۽ شورن سان اينديون ۽ ڪجهه ايم اين ايز کي بنا کاتي وزير بنائڻ جو اعلان به متوقع آهي. اهي اپاءَ هاڻي شايد وٺڻ جي باوجود به گهربل نتيجا نه ڏئي سگهندا ڇو ته اڍائي سال آسرن ۾ گذريا آهن.
ان کانسواءِ جيڪي آءِ ايم ايف وارا لڳا آهن تن سيلز ٽيڪس هاڻي برانڊيڊ کاڌي وارين شين، کير دوائن تي لڳائڻ لاءِ به ايس آر او جاري ڪرايو آهي، سڀاڻي جڏهن هوٽل جي ماني، کير کاڌو ۽ دوا ماڻهن کي مهانگي ملڻ لڳي ته ماڻهو اپوزيشن واري تحريڪ ۾ شامل کڻي نه ئي ٿين پر تماشائي ضرور بڻجڻ تي مجبور ٿيندا. سينا ايڪن جي سربراهي ۾ آيل آءِ ايم ايف جو 5 رڪني وفد اڃا 2 هفتا کن آهي، سڀ ڪم ڪرائي پوءِ واپسي جو ارادو اٿن. سيلز ٽيڪس خلاف نه صرف واپاري مظاهرن ۽ تحريڪ لاءِ تياريون پيا ڪن پر مهانگائي خلاف ڪلارڪن واري تنظيم ايپڪا به 25 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اين جي اوز خلاف ڪاررواين سبب هو اڳ ۾ ئي ميدان ۾ آهن. مٿان مهانگائي سبب آپڪا ۽ تاجرن جڏهن سينو ساهيو ته اهي به اپوزيشن لاءِ مددگار ثابت ٿيندا. اهي سڀ معاملا ميچوئر ٿيڻ لاءِ هڪ ڏيڍ مهينو ڪافي ٿو لڳي.
هتي اهي به سرٻاٽ هلي رهيا آهن ته فاروق لغاري جڏهن جماعت اسلامي سان لاڳاپا وڌائڻ لاءِ اڳتي پئي وڌيو ته کيس روڪيو ويو ۽ خاطري ڪرائي وئي ته هو ايندڙ سيٽ اپ لاءِ تجويز ٿيل اميدوارن جي لسٽ ۾ ٽاپ تي آهي تنهنڪري فنڊا مينٽلسٽس سان نه ملو. نئين سيٽ اپ بابت نه صرف وري اميدوارن جي فهرست ۾ صاحبزاده يعقوب ۽ اصغر خان جا نالا ورتا پيا وڃن پر اهو به چيو پيو وڃي ته هاڻي اهڙو اميدوار هوندو جيڪو محترمه توڙي ميان جي چوائس جو نه هوندو. بهرحال خبر خدا کي باقي هتي جيترا وات اوتريون ڳالهيون. دعا ڪريو ته هڪ کانسواءِ باقي سڀني جو الله ڀلو ڪري.
(19 آگسٽ 1999ع)