ڳوڙها گيس جي دونهين ۾ ورتل اسلام آباد جو تازو منظر نامو
مسلسل رپئي جي قيمت گهٽجڻ ۽ پيٽرول سميت مختلف شين جا اگهه وڌڻ سبب جتي عام ماڻهو پريشان آهن ۽ سندن جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، اتي پاڪ فوج جا خرچ پڻ مهانگائي سبب وڌي ويا آهن. 131 ارب جي بجيٽ جي باوجود به جي ايڇ ڪيو وارن بچاءَ کاتي ذريعي فوج جي بجيٽ ۾ 8 ارب جي واڌاري لاءِ سمري حڪومت کي موڪلي آهي. ان ڏس ۾ آرمي چيف جنرل ڪرامت پڻ وزيراعطم محترمه بينظير ڀٽو کي گذريل هفتي ٿيل ملاقات دوران چيو هو ته پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ، يوٽيلٽي بل جن ۾ فون، بجلي ۽ گئس جا اگهه شامل آهن، اهي وڌي ويا آهن. ان ڪري حڪومت 8 ارب رپين جو بندوبست ڪري.
اهڙي صورتحال ۾، جڏهن حڪومت جي خزاني ۾ ذري گهٽ نانگ باقي بچيا هجن، پرڏيهي ناڻي جو ذخيرو 2000 ملين ڊالر مان گهٽجي 700 ملين ڊالر ٿي ويو هجي، قرض ادا ڪرڻ لاءِ پئسو نه هجي، حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کان 60 ارب اوڌر وٺي ڪم هلائي رهي هجي، وصولي نه ٿيڻ برابر هجي، آءِ ايم ايف منظور ڪيل قرض روڪي ڇڏي، عالمي بئنڪ ۽ ٻيا عالمي امدادي ادارا اکيون ڦيري وڃن، ملڪ اندر سياسي گهوٽالو هجي، مرتضيٰ جي قتل سبب وزيراعظم بينظير ڀٽو خانداني، ذاتي ۽ سياسي مونجهارن ۾ ڦاٿل هجي، جماعت اسلامي جا ڌرڻا لڳن ۽ 12 ڪروڙ رپيا صرف جماعت جي ڌرڻن کي منهن ڏيڻ لاءِ خرچ ٿين، ۽ وزيراعظم پريشان هجي، اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ جيڪڏهن مٿان وري فوج جهڙي سگهاري اداري جو سربراهه 8 ارب گهري، ته حڪومت جي جيڪا حالت هوندي، ان جو اندازو هر ڪو آسانيءَ سان لڳائي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته فوج جو مطالبو ڪنهن حد تائين جائز به آهي، پر هت اسان اهو بحث ڪو نه ٿا ڪريون ته جائز آهي يا ناجائز پر اها سولي ڳالهه آهي ته جنهن جو به خرچ گهٽبو، اهو گهٽ ۾ گهٽ دعائون ڪو نه ڪندو آهي.
جڏهن حڪومت 40 ارب وڌيڪ هٿ ڪرڻ لاءِ مني بجيٽ پيش ڪئي آهي، زرعي آمدني ٽيڪس لڳايو ۽ وزارتن جو 8 ارب رپيا خرچ گهٽ ڪيو آهي، ان صورت ۾ وزيراعظم فوج کي 8 ارب رپيا ڏيڻ کان في الحال انڪار ڪندي چيو ته اسان اوهان جا خرچ گهٽايون نٿا، باقي جيئن ئي صورتحال بهتر ٿيندي ته رقم جو بندوبست ڪبو. ان معاملي بابت ولي خان جي حوالي سان سهيل سانگيءَ جو ٻڌايل لطيفو ياد پيو اچي ته ”هڪ پٺاڻ شهر پئي ويو، سندس زال انگل ڪيو ته مون لاءِ نٿ وٺي اچجانءِ، جنهن تي همراهه چيس: مان تنهنجو نڪ ڪپڻ جي چڪر ۾ آهيان، توکي وري نٿ جي لڳي آهي.“ وزيراعظم جنرل ڪرامت سان ملاقات جي ٻئي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ۽ مرتضيٰ جي چاليهي تي راولپنديءَ ۾ تقرير ڪندي نالو وٺڻ کانسواءِ مختلف ڌرين کي چيو هو ته مان دٻاءُ ۾ نه اينديس، ايترو مجبور نه ڪيو جو سيني ۾ سانڍيل راز فاش ڪري ڇڏيان. وزيراعظم بينظير ڀٽو اهو به چيو هو ته اسان مرتضيٰ جي قاتلن ۽ جمهوري نظام جي دشمنن کي ٻڌائڻ لاءِ هي جلسو راولپنڊيءَ ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم جي رعبدار ڌمڪي واري لهجي پٺيان، نه ڏسڻ ۾ ايندڙ خوف به آهي، جيڪو صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ڪنهن به فوتيءَ جو چاليهو ان جي اباڻي شهر ۾ ٿيندو آهي، پر وزيراعظم پنهنجي ڳجهن مشيرن جي مشوري تي اها ڌمڪي ڏيڻ لاءِ چاليهو راولپنڊيءَ ۾ منعقد ڪري نه صرف پنهنجي ڀاءُ جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ هنجون هاريندي دعائون گهريون، پر وري ڪڙڪيدار آواز ۾ ڌمڪي ڏئي پنهنجو پيغام به ٻڌندڙن تائين پهچايو.
وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو، جڏهن مرتضيٰ شهيد ٿيو هو، ان ڏينهن کان وٺي چوڻ شروع ڪيو هو ته مرتضيٰ اصول پسند ماڻهو هو. اهي ساڳيا ساڳيا لفظ هن چاليهي جي خطاب مهل به ورجايا هئا. مرتضيٰ کي اصول پسند قرار ڏيڻ وارو مختصر جملو چوڻ ۾ شايد وزيراعظم ڪافي دير ڪئي. جيڪڏهن مرتضيٰ جي موجودگيءَ ۾ چوي ها ته نه صرف مرتضيٰ کي تسڪين ملي ها، پر ڀيڻ ۽ ڀاءُ ۾ ويڇا وڌائيندڙن جي منهن تي لپاٽ پڻ لڳي ها. ٺيڪ آهي، هاڻي به جيڪڏهن وزيراعظم پنهنجي ڀاءُ جي اصول پسنديءَ وارا اصول جيڪڏهن لاڳو ڪري ته به مرتضيٰ جو مشن مڪمل ٿي ويندو ۽ انهن اصولن جي اوٽ ۾ سياسي مفاد ۽ دڪان چمڪائيندڙن جي رستي روڪ ٿي سگهندي. جيڪڏهن وزيراعظم اهي مرتضيٰ جا اصول، جن جي بنياد تي هڪ ڀاءُ ڀيڻ کان سياسي طور پرڀرو ٿي بيٺو هو، اهي اختيار نه ڪيا ۽ انهن تي عمل نه ڪيو، ته پوءِ وزيراعظم جو اهو جملو صرف جملو ئي رهندو ۽ ان جا امڪاني نقصان جيڪي مرتضيٰ کي نظر آيا پئي، انهن کان وزيراعظم شايد بچي نه سگهي.
مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کي اڄ 44 هون ڏينهن آهي. اڃا تائين قاتلن جي نشاندهي نه ٿي سگهي آهي. سپريم ڪورٽ جي جج مسٽر جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل ٽربيونل تحقيقات ڪري رهيو آهي ۽ ان بابت ڪجهه به لکڻ يا چوڻ مناسب ناهي.
بيگم نصرت ڀٽو جيڪا پنهنجي آخري زندهه پٽ جي اذيت ناڪ شهادت کان پوءِ بي حال آهي، ان کي المرتضيٰ، 70 ڪفلٽن، غنويٰ ڀٽو ۽ پ پ شهيد ڀٽو کان پري رکڻ لاءِ رخسانه بنگش عرف رخي پنهنجي ڊيوٽي ڏاڍي سهڻي نموني ادا ڪئي آهي. ايتري قدر جو مرتضيٰ جي چاليهي جي موقعي تي جڏهن بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي شهيد پٽ جي قبر تي موجود رهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ته کيس عمري جي ادائگيءَ لاءِ هوءَ مڪي پاڪ وٺي وئي. 43 ڏينهن بيگم نصرت ڀٽو کي المرتضيٰ، 70 ڪلفٽن ۽ غنويٰ کان پري رکڻ تي نه صرف رخسانه کي شاباس ملي آهي، پر سندس ڀيڻ کي گاديءَ واري شهر جي چڪ شهزاد واري علائقي ۾ نجي اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ 121 ايڪڙ زمين گهٽ اگهه تي الاٽ ڪئي وئي آهي. اها اسپتال شمع جو مڙس، جيڪو ڊاڪٽر آهي، سنڀاليندو جيڪو اڄڪلهه ”نيو جرسي آمريڪا ۾ پريڪٽس ڪري رهيو آهي.
حڪومت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي سندس ڳجهن مشيرن مشورو ڏنو هو ته غنويٰ ڀٽو سياسي طور اوهان لاءِ ۽ پارٽيءَ لاءِ سنڌ ۾ پريشاني پيدا ڪندي، ان کي ڊي فيوز ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سندس ڪردار ڪشيءَ جي مهم شروع ڪجي. ان ڏس ۾ غنويٰ متعلق خصوصي فائيل پڻ وزيراعظم کي پهچايو ويوآهي. جيڪو پڙهڻ بعد وزيراعظم اهڙو عمل ڪرڻ لاءِ سختيءَ سان منع ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته اها حرڪت هرگز نه ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ وزيراعظم پنهنجي ويجهن ساٿين سان جڏهن مشورا ڪيا، ته هن کي انهن ساٿين پڻ چيو ته اهڙي عمل سان پارٽيءَ خلاف نفرت پيدا ٿيندي ۽ ماڻهو ڳالهه مڃڻ بدران غنويٰ جا همدرد ٿي ويندا.
اڄڪلهه آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان آيل آهي، جنهن جون ڳالهيون جاري آهن. توقع آهي ته هلندڙ مهيني جي آخر تائين ڪجهه نه ڪجهه ٿي ويندو ۽ ڪجهه قرض ملي ويندو ۽ ڪجهه ڪم ٺهي ويندو.
جماعت اسلاميءَ جو ڌرڻو، جنهن کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ نصير الله بابر وڏيون دعوائون ڪيون هيون، اهي ڪالهه سومر ڏينهن شام جو 5 وڳي ان وقت غلط ثابت ٿيون، جڏهن جماعت جا سوين ڪارڪن پارليامينٽ هائوس جي سامهون پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڪالهه سڄو ڏينهن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ قاضيءَ جي ڪارڪنن ۽ پوليس وارن وچ ۾ جنگ هلندي رهي. گوريلا جنگ جي طرز تي سڄو ڏينهن جهڙپون هلنديون رهيون. ٻن ڏينهن جي مسلسل ڪوشش بعد نيٺ جماعت ڪامياب ٿي وئي آهي. حڪومت جي کاتي ۾ ڳوڙها گئس جي شيلن جي رقم، قاضيءَ جي گرفتاري ۽ ڪارڪنن تي ٿيل تشدد جو ڪيس پوندو. باوجود ان جي ته پوليس وارن گوليءَ بدران شيلن ۽ لٺين سان توقع جي ابتڙ، پرامن رهي معاملي کي ڪنٽرول ڪيو آهي.
جماعت جي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفيٰ کان پوءِ هاڻي مسلم ليگ لاءِ ڪو به جواز باقي نٿو بچي ته هو اسيمبليءَ ۾ ويهن. جيڪڏهن مسلم ليگ استعيفيٰ ڏيڻ ۾ دير ڪئي ته عوام نواز شريف بدران قاضي جي ڪئمپ ڏانهن وڌي ويندو، شايد اهو ئي سبب آهي ته نواز شريف 29 آڪٽوبر تي اجلاس ۾ استعيفيٰ بابت حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ليگي ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ جي قيادت هن وقت ان ڳالهه تي غور ڪري رهي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي جيئن صدر خطاب ڪرڻ جو اعلان ڪري، ان ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تان استعيفا ڏئي پارلياماني بحران پيدا ڪجي. هن وقت مسلم ليگي ليڊر استعيفا واري معاملي کي چاهڻ جي باوجود به حالتن سبب اينگهائي نٿا سگهن. ان ڪري معاملو ڪجهه جلدي مُڪڻ (ختم ٿيڻ) وارو لڳي پيو. گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته تبديلي اچڻ واري آهي، وقت جو تعين ٿيڻ باقي آهي.
(20- آڪٽوبر 1996ع)