تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ڪشمير مسئلو ۽ مشرف جون مشاورتي ملاقاتون

ڪشمير مسئلو ۽ مشرف جون مشاورتي ملاقاتون

صدر جنرل مشرف 14 کان 16 جولاءِ تائين ٽن ڏينهن جي دوري تي ڀارت وڃڻ کان اڳ هتان جي سياستدانن، اخباري ايڊيٽرن ۽ درگاهي پيرن سان ملاقات ڪري ڪشمير مسئلي بابت صلاح مشورا مڪمل ڪري چڪو آهي. هاڻ هو پرڏيهي آفيس ۽ فوجي ادارن ۾ بريفنگ وٺندو ۽ پوءِ پنهنجن ڪمانڊرن سان مشورو ڪري نئين دهلي روانو ٿيندو. 14 جولاءِ تي دهلي پهچڻ کان پوءِ هو ڊنر ڪري 15هين تي صبح جو آگري روانو ٿيندو. تاج محل جي حوالي سان شهرت رکندڙ آگري شهر ۾ ڳالهين ڪرڻ واري ڀارتي منطق جو پتو نه پيو آهي ته آخر ڳالهين لاءِ هنن آگري جي چونڊ ڇو ڪئي آهي! باقي ٻه ڏينهن آگري شهر وارن جي آمدني ۾ ڪافي اضافو ٿيندو. ڇو ته دنيا جي پوري ميڊيا ان جي ڪوريج لاءِ ايندي، ان کان علاوه پاڪستان ۽ هندستان جي ميڊيا کانسواءِ سرڪاري وفد به ڪافي هوندا.
ملاقات ۾ ٿي سگهي ٿو ته مشرف ڪشميري چانهن پيئڻ چاهي پر واجپائيءَ جي مينو ۾ ڪشميري چانهن هوندي ئي ڪو نه، تنهن ڪري مشرف کي هندستان جي ميزباني تي تنقيد جو حق حاصل هوندو. باقي واجپائي، بيگم مشرف کي بنارسي ساڙهين سميت ڪافي تحفا ڏيڻ لاءِ توشه خانه وارن کي اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهي. واجپائي جيڪو، سياستدان هئڻ سان گڏ شاعر به آهي، ۽ هن جي پنهنجي آواز ۾ ترنم سان چيل مشاعري واري ڪئسيٽ مون وٽ به آهي پر هن جي شاعريءَ ۾ ايتري سگهه ناهي. ان کان ته حسن درس جي شاعري ڪمال جي آهي. شاعري ڳائڻ ، لاءِ سنڌ جي شاعرن کي ڳائڻن جي خوشامد ڪندي ڏسڻ جو ته اتفاق ٿيو آهي پر واجپائي به ان ڏس ۾ وسان ڪو نه گهٽايو آهي ۽ مهدي حسن کان وٺي دلير مهدي تائين سڀني جون دعوتون به ان چڪر ۾ ڪندو رهيو آهي. پاڪستاني سرڪار کي به هن جي شاعراڻي شوق جو اندازو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو احمد فراز کي اڳواٽ ئي واجپائي سان ملاقات لاءِ موڪليو ويو آهي. خبر ناهي ته احمد فراز ڪشمير مسئلي تي ڳالهين لاءِ مشرف- واجپائي ملاقات لاءِ ماحول کي ڪيترو سازگار بڻائيندو. ڇو ته فراز جي سمورن دوستن جي اها يڪراءِ آهي ته شام جي ڪچهري ۾ فراز ڪجهه دير کان پوءِ اهو ئي ڪجهه ڪندو آهي جو سڪل شاخن مان به گلاب جا گل ٽڙي پوندا آهن.
جيستائين جنرل مشرف سياستدانن، عالمن، صحافين ۽ پيرن سان مشورا نه پئي ڪيا ته پ پ ۽ مسلم ليگ سڀني پئي بيان ڏنا ته قومي مسئلي تي مشورو نه ڪرڻ غلط آهي. جڏهن هن ملاقات لاءِ دعوتون ڏنيون ته ملڪ جي ٻنهي وڏين جماعتن شرڪت نه ڪئي ۽ نوابزادي نصرالله به انڪار ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ (ن) وارن کي حڪومت خير دعوت ئي نه ڏني هئي، پر هن پ پ جي ها ۾ ها ملائي مشرف ملاقات جو بائيڪاٽ ڪيو. جيڪڏهن اسفند يار ولي ۽ آفتاب شيخ نه اچن ها ته مشرف ملاقات جي شايد ايتري اهميت نه رهي ها پر انهن جي ملاقات بعد خود اي آر ڊي وارن کي به اندازو ٿي ويو هوندو ته ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جا اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات بهتر آهن. حڪومتي حلقن جو خيال آهي ته مخدوم امين فهيم، نوابزادو نصر الله ۽ راجا ظفرالحق ذاتي معاملن بابت ته مشرف سان ملاقات ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي پر قومي معاملي تي ملاقات کان انڪار ڪري پنهنجي لاءِ پاڻ غلط تاثر قائم ڪرايو آهي. حڪومت جي ان راءِ ۾ ڪنهن حد تائين دم به آهي ۽ مستقبل قريب ۾ ان نقطي کي بنياد بنائي حڪومت انهن پارٽين خلاف ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهي ٿي. سياستدانن سان ملاقات ۾ اڪثريت انهن جي هئي جيڪي فوٽو سيشن وارا هئا. اها ته سڀني کي خبر آهي ته ڪو به حڪمران ڀلي مشورا ڪري پر ڪندو اهو ئي آهي جيڪو اختيارن جي طاقتور گهوڙي تي سوار سندس من، محدود هم خيالي همنوا ۽ حلقهءِ احباب چوندا آهن. هتي هم خيال مان مراد ميان اظهر وارا ناهن، اهي ته ويچارا نالي جا هم خيال آهن. جنرل مشرف جيڪو ملڪ ۽ فوج سميت سمورن ادارن جو سربراهه آهي، تنهن کي خبر آهي ته ڪنهن جو مشورو اهم هوندو آهي. اعلان لاهور ۽ ڪارگل معاملن ۾ خود جنرل مشرف مشورا ڏيندو هو ته ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ اڄ اهو ماڻهو جڏهن مشورا وٺي ٿو ته اهو عجيب لڳي ٿو. حامد ناصر چٺا جڏهن مشرف کي چيو هو ته اوهين واجپائي سان ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ضرور ڪجو ته ان تجويز تي خبر هوندي به ته ايئن شيڊول ۾ ناهي پر پوءِ به جنرل مشرف پرڏيهي سيڪريٽري کي چيو ته، ”چٺا صاحب ڀلو پوائنٽ ٻڌايو آهي، اوهين انتظام جي ڪوشش ڪجو“ پر پرڏيهي سيڪريٽري انعام الحق اجلاس ۾ چئي ڏنو ته، ”ايئن نه ٿيندو. شيڊول فائنل آهي.“ ان تي چٺا وري چيو ته، ”اوهين آگري ۾ اڪيلي سر پريس ڪانفرنس ڪريو، اجمير ۾ آخري ڏينهن پريس ڪانفرنس مشڪل ٿيندي، عالمي ميڊيا نه ايندي.“ ان تي مشرف چيو ته، ”اهو بلڪل صحيح آهي،“ ظاهر آهي ته ميڊيا جي اهميت جو اندازو ته ڪبير علي واسطي ۽ حامد ناصر چٺا کي ئي ٿي سگهي ٿو ڇو ته هنن جي بقا ميڊيا تائين محدود آهي.
ٻي ملاقات صدر مشرف ملڪ جي لڳ ڀڳ ڏيڍ درجن انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن سان ڪئي. ايڊيٽرن جي ملاقات جي حوالي سان حامد مير ۽ علي قاضي ڪجهه تفصيل لکي چڪا آهن ۽ اسان جي ”قومي ايڊيٽرن“ جي ڪارنامن تي روشني وجهي چڪا آهن، جيڪي هر اقتدار ۾ ويٺل حڪمران جي شان ۾ درٻاري شاعري کان وڌيڪ تعريفون ڪندا آهن ۽ حڪومت کان ٻاهر وڃڻ بعد هو برائي جو ذميوار انهن کي قرار ڏيندا آهن. بهرحال ملاقات ۾ جتي ڪجهه ايڊيٽر صاحبان مشرف کي اهو جواز ٻڌايو ته قومن جا ليڊر رڳو چونڊيل ماڻهو نه هوندا آهن ۽ قائداعظم جو مثال پيش ڪندي چيو ته اهو ڪهڙو چونڊيل هو ته اڄ تائين اهڙو دفاع ته مشرف پاڻ به پنهنجو نه ڪري سگهيو آهي. ايوب خان کان وٺي مشرف تائين ٻئي نموني ڪروڙ پتي ٿي ويل انهن ”قومي ايڊيٽرز“ جي قلم ۾ واقعي طاقت ٿي لڳي.
جنرل مشرف سياستدانن (جن ۾ مذهبي جماعتن جا ليڊر به شامل هئا) سان با وردي ايوان صدر جي پيش امام جي امامت ۾ نيٺ ظهر جي نماز به ادا ڪئي. مشرف جي اوچتو نماز ادا ڪرڻ تي سندس سيڪيورٽي وارا به پريشان ٿيا ۽ موقعي تي موجود هڪ همراهه موجب ته هنن مان ڪن ته وضو ڪو نه ڪيو ۽ ائين صفن ۾ اچي بيٺا. شايد سندن فجر واري نماز وارو وضو ظهر تائين هلندو هجي. جنرل مشرف جي باوضو هئڻ بابت شڪ نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته هو نماز پڙهڻ لاءِ تيار ٿي آيو هوندو. 8 قسمن جي ملٽي ڊش ماني وارو منظر به صحافين جي ماني جي دعوت جهڙو هو. جيئن صحافي مفت جي ماني تي ڪڙڪندا آهن ۽ آخر ۾ پهچندڙ اسان جهڙن چنڊن کي خالي پليٽ به هٿ نه ايندي آهي پر جيئن ته هي شاهي کاڌو هو تنهن ڪري پليٽن ۽ ماني جي کوٽ ڪو نه هئي ته به ڪجهه حضرات جون پليٽون ڏسڻ جهڙيون هيون.
ڪشمير تي مشورن لاءِ ٽئين اهم ملاقات ملڪ جي مختلف درگاهن جي گادي نشينن جي هئي، جن به ملاقات ۾ ڪشمير مسئلي تي ها ۾ ها ملائي اوقاف کاتن جي خلاف شڪايتن جا دفتر کوليا ۽ جنرل کي چيو ته صوبائي اوقاف کاتن کي هدايت ڪريو ته درگاهن تي رکيل چندن ۽ نذراني وارين پيٽين کولڻ جو حق سجاده نشينن کي هئڻ گهرجي يا نذرانو وصول ڪرڻ جو مڪمل حق گادي نشين کي ڏيو ڇو ته قبرن ۽ مزارن جي مرمت جو خرچ به هو ئي برداشت ڪن ٿا. جيتوڻيڪ تعليمي شعور وڌڻ، مهانگائي عروج تي پهچڻ ۽ بي روزگاري ۾ اضافي سبب درگاهن جي آمدني به گهٽ ٿيندي وڃي پئي ۽ مٿان وري اوقاف وارن جي منٿلين سبب گادي نشينن جو گذران يقينن ڏکيو ٿي ويو آهي.شايد اهو ئي سبب هو ته گادي نشين ڪشمير کان وڌيڪ پيٽ لاءِ فڪرمند هئا ۽ هئڻ به گهرجي. ٽن اهم ملاقاتن جي مختصر پس منظر بعد ڪشمير جي قومي مسئلي تي لکين رپين جا خرچ ڪري گهرايل انهن ماڻهن جي مشورن واري مشاورتي اجلاسن جي اهميت جو اندازو يقينن اوهان کي ٿي ويو هوندو. جيئن ته اسان مٿي به لکيو آهي ته اصل مشورو پرڏيهي آفيس ۽ فوجي ادارا ڏيندا. تنهن ڪري هاڻي جنرل مشرف انهن کان مشورا وٺڻ لاءِ اجلاس گهرائيندو.
جنرل مشرف پيرن جي مشوري تي ڀارت جي دوري جي شروعات درٻار تي حاضري کان ڪندو ۽ دهلي ۾ ڊنر کان پوءِ آگري ۾ ڳالهيون ڪندو ۽ واجپائي سان مانجهاندو ڪري حضرت معين الدين چشتي جي درگاهه تي اجمير شريف ۾ حاضري ڀري واپس وطن ايندو. اجمير شريف به شايد هو ان ڪري پيو وڃي جو هو پاڻ به چشتي سيد آهي ۽ اجمير شريف واري بزرگ سان ڪا نسبت اٿس، نه ته درگاهن کان هو لنوائيندو آهي. ماضيءَ ۾ جولاءِ جو مهينو فوجي حاڪمن لاءِ ڳرو ثابت ٿيو آهي. شايد ان سبب ڪري جنرل مشرف دوري جي واپسي ۽ شروعات درگاهن تي حاضري سان پيو ڪري.
(3 جولاءِ 2001ع)