ذڪر غوث علي شاهه تي حڪمرانن جي مهربانين جو!
نيٺ نواز شريف به ٽن سالن کان عملي طرح ٻڏتر جو شڪار بڻيل سنڌ جي مسلم ليگ جي تنظيم بحال ڪندي غوث علي شاهه زندهه باد جو نعرو هڻي ڇڏيو آهي. غوث علي شاهه جي مرضيءَ مطابق فيصلو ڪرڻ تي گهڻن ماڻهن کي حيرت آهي ۽ هر ڪو سوچي پيو ته الاهي بخش سومرو ۽ لياقت گروپ کي آخر ايتري سولائيءَ سان مکڻ مان وار جيان ڪيئن ڪڍيو ويو ۽ ڇو ڪڍيو ويو؟ جيتوڻيڪ لياقت جتوئي گروپ وارن کي اڃا اميد آهي ته سنڌ ۾ ٺهندڙ حڪومت ۽ سياسي سيٽ اپ ۾ کين ايڊجسٽ ڪيو ويندو. اهڙي آسري جي انتظار ۾ لياقت جتوئيءَ جي غير سياسي ٽيم جا همراهه آهن. انهن جي اها به راءِ آهي ته غوث علي شاهه گروپ کي ڇهن مهينن لاءِ مڪمل اختيار ڏئي ايڪسٽيٽينشن ڏني وئي آهي ۽ کين چيو ويو آهي ته هو پنهنجي صلاحيت آهر پاڻ مڃائي ڏيکارين. نه ته ان بعد وري لياقت جتوئيءَ کي وارو ملندو. جتوئي گروپ جي نيم سياسي لڏي جو چوڻ آهي ته ”لياقت جتوئي ڪالاباغ ڊيم جي جنهن ڏينهن مخالفت ڪئي. ان ڏينهن کان ئي اهو طئي ٿي چڪو هو ته هن کي هاڻي نه ڇڏبو. ايم ڪيو ايم سان سياسي مصلحت سان هلڻ، سنڌ جي فنڊز ۽ حقن تي احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ لياقت کي هٽايو ويو آهي.“ هنن جي ان راءِ بابت ڪير ڇا به چوي پر اها حقيقت آهي ته اهو ئي لياقت جتوئي آهي جنهن نواز شريف سان سنگت پڪي ڪرڻ جي چڪر ۾ 90ع واري اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ کي نقصان ڏنو هو. جيستائين لياقت جتوئي سنڌ بدران پنجاب ۽ پنجاب وارن جي مفادن مطابق ڪم ڪندو رهيو ته هو ٺيڪ هو پر جڏهن پنجاب کي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ڪا ضرورت نه رهي ۽ ڪالاباغ ڊيم جهڙي منصوبي تي هن ها ۾ ها نه ملائي ته هن کي هٽايو ويو. لياقت جتوئي جيڪا ڪالاباغ ڊيم تي مخالفت ڪئي هئي اها به سڀني کي خبر آهي! پر وري به ايترو ڪريڊٽ هن کي ضرور وڃي ٿو ته هن اين ايف سي ايوارڊ تي اکيون ٻوٽي صحيح نه ڪئي ۽ ايلاز ڪري اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي مهلت وٺي پهريون دفعو سياسي قدم کنيو هو. جنهن ۾ به شايد عبدالحميد جتوئيءَ جو ڪردار ۽ پٺ هئس. اڄ لياقت جتوئي آرام سان ويٺو آهي، مڙئي ٿورو گهڻو ڪاروبار دبئيءَ ۾ شروع ڪيو اٿائين، جتان عزت سان روٽي پاڻي ملندس پيو.
لياقت جتوئي پنهنجي سياسي معراج ماڻڻ کانپوءِ تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو هو ۽ ڍؤ نه جهلي سگهيو هو. لياقت سان گڏ جيڪا سياسي ٽيم هئي تنهن ۾ الاهي بخش سومرو، شبير شاهه، شاهه محمد شاهه، اسماعيل راهو، سليم ضياءَ ته ساڻس آخر تائين گڏ رهيا باقي عليم عادل شيخ اينڊ ڪمپني ڪڏهن گڏ، ڪڏهن خلاف، اهي ڪڏهن غوث علي شاهه وٽ رات جي ماني کائيندا هئا ته ناشتو وري لياقت جتوئي سان ڪندا هئا. لياقت انهن ڏينهن ۾ اسلام آباد ته ٺهيو پر سنڌ ۾ به لابي مضبوط نه ڪري سگهيو پر جن کي لياقت ٺٺ ڪرايا اهي اڄ به ٺٺ پيا ڪن. جن ماڻهن کي لياقت سياسي ٽيم ۾ شامل رکي مٿن ڀاڙيو، انهن جي حالت اها هئي جو نواز شريف ته ٺهيو پر ساڻن عباس شريف به نه پيو ملي. سليم ضياءَ ۽ شاهه محمد شاهه جي حالت اها هئي ته 20 ڏينهن هنن اسلام آباد کان لاهور پئي گشت ڪيو پر ڪنهن کان به کين ڪا موٽ نه ملي.
جن ماڻهن کي لياقت جتوئيءَ غير سياسي ٽيم جو حصو بنائي رکيو تن ۾ بدر چنا ۽ قمر راڄپر جهڙا کوڙ سارا پراڻا سياسي ڪارڪن شامل آهن. لياقت جتوئيءَ جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ انهن همراهن شايد ئي مسلم ليگ جو ڪو ناليوارو ماڻهو ڇڏيو هجي جنهن وٽ وڃي نه پهتا هجن. پير صابر شاهه هجي يا سرانجام خان، شهباز شريف هجي يا سرتاج عزيز، هنن سڀني کي وڃي سمجهايو پر ڪٿان سندن ڪم نه ٿيو، پڇاريءَ ۾ مجيد نظاميءَ وٽ به فرياد کڻي ويا پر اتان به خالي موٽيا. 7 مئي تي فيصلي واري ڏينهن الاهي بخش سومري هنن کي ميرٽ ۾ ماني کارائي خدا حافظ ڪيو ۽ هو همراه اچي شام جو ڪراچي پهتا. جنهن پيٽرن تي هنن ڪم پئي ڪيو جيڪڏهن ان لائين تي 3 مهينا اڳ کان محنت شروع ڪن ها ته شايد نواز شريف جو فيصلو اهڙو نه هجي ها. بهرحال هاڻي اهڙي فيصلي کان پوءِ سوال اهو آهي ته ڇا لياقت سان گڏ سندس گروپ وارا بيهندا؟ اڄ اسماعيل راهو کي ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ آسرو ملي ته هو اڏامي ويندو. ”هن وقت لياقت کي جيڪڏهن سنڌ ۾ سياسي طور زندهه رهڻ جو شوق آهي ته الطاف حسين سان گڏ ويهي لنڊن مان پريس ڪانفرنس ڪري حقيقتون عوام کي ٻڌائڻ گهرجن ۽ عبدالحميد جتوئي جي سربراهي ۾ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري، جيڪڏهن کيس اهو ڏکيو لڳي ته هو پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري“ اهي آپشنز سندس ئي ٽيم جي هڪ همراهه بحث دوران ٻڌايا ۽ چيو ته ان کانسواءِ باقي لياقت وٽ ڪو آپشن ناهي.
غوث علي شاهه کي مرڪز ۾ وزارت هئڻ ڪري هن کي جيڪو وزيراعظم سميت مختلف ڌرين، حلقن ۽ ماڻهن تائين آرام سان پهچڻ جو موقعو مليو. اهو پليٽ فارم لياقت وٽ نه هو ۽ نه ئي هن ڪڏهن اهڙي ڪوشش ڪئي. سائين غوث علي شاهه کي مستقبل ۾ سنڌ جون واڳون به ملڻ واريون آهن ۽ جهڙي نموني محترمه بينظير ڀٽو سيد قائم علي شاهه کي سنڌ ۾ رکيو هو. بلڪل ايئن نواز شريف به چاهي ٿو ته سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو غوث علي شاهه ٿئي، جيڪو مٿي جي سور جي دوا کائڻ کان اڳ به کانئس اجازت وٺي.
سنڌ سان جنهن نموني مسلم ليگ وارا مرڪزي حڪمران پيش اچي رهيا آهن تنهن جو گهڻو اندازو ته خير سڀني کي آهي پر هاڻي اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته وفاق وارن ليگين کي سنڌ مان اهڙا مسلم ليگي نه کپن جيڪي ڪُڙ ڪُڙ ڪندا رهن. اڄ جڏهن سينيٽ ۾ اهو آواز اٿي ٿو ته ”پوري ملڪ تي پنجاب جو قبضو آهي.“ ته ان جواب ڏيڻ بدران ليگي خوشي ظاهر ڪن ٿا. ملڪ جا اهم فيصلا اسلام آباد بدران لاهور ۾ ٿيڻ جو ذڪر هجي يا واجپائي جي استقبال ۽ پاڪستان جي دوري جو معاملو هجي، فشريز بورڊ جو ادارو هجي يا سميڊا جو هيڊڪوارٽر، انهن جا وفاقي ادارا هوندي به هيڊ آفيسر لاهور ۾ آهن. سنڌ اسيمبليءَ جا ايم پي اي ڌرڻو ٿا هڻن يا اسيمبليءَ ۾ بل پاس ٿا ڪن اها خبر پي ٽي وي تي نه ٿي اچي پر پنجاب اسيمبليءَ جي ڪارروائي پي ٽي وي تي ڏيکاري وڃي ٿي.
(9 مئي 1999ع)