تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

چڱن مڙسن جي گهوڙن ۽ گهوڙين بابت سرڪاري فائيل

چڱن مڙسن جي گهوڙن ۽ گهوڙين بابت سرڪاري فائيل

نگران وفاقي ڪابينا جي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو آهي. وزيراعظم ملڪ معراج خالد کان وڌيڪ حڪم شاهد حامد جا هلي رهيا آهن. شاهد حامد، جاويد برڪي ۽ بيگم عابده حسين جي ٽرائيڪا اصل ۾ حڪومتي وهنوار هلائي رهيا هئا. پر اڄڪلهه بيگم عابده کي به شاهد حامد سائيڊ لائين ڪري ڇڏيو آهي. ارشاد حقاني جنهن کي صحافي هجڻ تائين وڌيڪ عزت ملندي هئي، هاڻي وزير ٿيڻ بعد ساڻس جٺيون ڪيون پيون وڃن. حڪومتي حلقن ٻڌايو ته بيگم عابده اليڪشن وڙهڻ لاءِ پر ساهي پئي. گهوڙين واري فارم جي آمدني اليڪشن تي لٽائڻ جي تياري ڪندڙ سيده بيگم عابده حسين جو مڙس فخر امام پنهنجي ليکي تياري پيو ڪري. هونئن شايد بيگم اليڪشن نه وڙهي ها، پر گذريل هڪ هفتي کان جڏهن کان صدر، وزيراعظم ۽ ڊي فيڪٽو وزيراعظم شاهد حامد کيس لفٽ ڪرائڻ ڇڏي ڏني آهي ته تڏهن کان وڃان وڃان پئي ڪري. ساڳيو حال بزرگوار ارشاد حقاني جو آهي، جيڪو پڻ سفيد وارن جو ڀرم بچائڻ لاءِ ڪابينا جي ڪُن مان نڪرڻ جا سانباها پيو ڪري.
نگرانن جي شروع ٿيل نگراني هينئر گهيري جو روپ وٺي رهي آهي. ڪابينا جي هر هڪ ميمبر جي احتساب لاءِ پڻ سندن ڪار گذارين تي مشتمل رپورٽون جوڙيون پيون وڃن. نگران حڪمرانن جيڪو احتساب جو راڳ شروع ڪيو هو، اهو اڃا تائين شروع ڪرڻ ۾ خبر ناهي ڇو ناڪام ويا آهن. سندن سستي سبب ٻيا ته ٺهيو پر پي پي وارا هاڻي آصف زرداري لاءِ به چون پيا ته هو معصوم آهي. هن خلاف جيڪڏهن ثبوت هجي ها ته نگران حڪمران هن کي ضرور ڦاسائين ها. اصل حقيقت اها آهي ته آصف خلاف مواد ايترو ڪٺو ٿيو آهي جو نگران پريشان آهن ته هن کي ڪهڙي ڪيس ۾ اڳ ڦاسايون. گاديءَ واري شهر جي ليگي ۽ جماعتي حلقن ۾ آصف جي حوالي سان هڪ دلچسپ ڳالهه ڏاڍي مزيدار نموني ٻڌائي پئي وڃي. هو چون ٿا ته ”جهڙي طرح نيوڪليئر ۽ ڪشمير مسئلي تي سڀني جماعتن ۽ پوري قوم جو اتفاق آهي، اهڙيءَ طرح آصف زرداري جي مبينه ڪرپشن جي ڪهاڻين ۽ ڪرشمن بابت به سڄي قوم ۾ اتفاق راءِ آهي. ليگي ۽ جماعتي حلقن جي اها ڳالهه ٻڌڻ بعد مون کي 9 نومبر تي حڪومت جي برطرفيءَ کان پوءِ هڪ وفاقي وزير جي گهر انهن 10 ايم اين ايز جي چيل ڳالهه ياد پئي اچي، جنهن ۾ هنن اتفاق راءِ سان چيو هو ته اسان جي حڪومت جي برطرفيءَ جو حڪم صدر لغاريءَ جهڙي ماڻهو کي جاري ڪرڻ بابت مجبور آصف ئي ڪيو. ان ڳالهه تي جيتوڻيڪ آن ريڪارڊ ته هڪ به نه بيهندو ۽ قرآن کڻي ڦري ويندو، پر ڪافي پيپلن جي دلين ۾ به باهيون آهن.
نگرانن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر احتساب جو عمل شروع ٿيندو ۽ روزانو هڪ ٻه ڪيس عدالتن کي اماڻيا ويندا. هن وقت بينظير ڀٽو کي سري محل ۽ پي آءِ اي ذريعي مفت ۾ ڪيترائي ٽن سامان لنڊن موڪلڻ واري اسڪينڊل ۾ نااهل قرار ڏيڻ لاءِ پرائيويٽ طور تي ريفرنس حڪومت کي مليو آهي. نواز شريف جي نااهليءَ لاءِ لاهور ۾ سوين پلاٽ سياسي ماڻهن کي ڀڳڙن مٺ تي ڏيڻ بابت پرائيويٽ ريفرنس پڻ نگران حڪومت وٽ پهتو آهي. ٻنهي ڌرين جي ٽاپ ليڊرن خلاف مليل ريفرنسز جي تحقيقات ڪري اهي عدالتن ۾ اماڻڻ ته ٺهيو، پر انهن تي غور ڪرڻ به نگران حڪومت مناسب نه ٿي سمجهي. ان مصلحت جو سمجهه ۾ ايندڙ سبب اهو آهي ته جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ ٻئي ڌريون اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪنديون ۽ اهڙي صورتحال نگرانن لاءِ ته ٺهيو پر سندن مالڪن لاءِ پڻ ڏچو پيدا ڪندي. ڪجهه حلقن جو ان رٿ بابت مختلف خيال آهي. انهن جو چوڻ اهي ته جيڪڏهن نگرانن جا مالڪ اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا ته اهو فارمولو هنن کي اخلاقي، سياسي ۽ عدالتي جواز فراهم ڪرڻ لاءِ فٽ آهي.
گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن جوچوڻ آهي ته نگرانن جي نگراني ڪندڙ اهڙو احتساب چاهين ٿا جنهن ۾ بينظير، نواز ۽ نگران ٽئي اچي وڃن. اهو ئي سبب آهي ته نگران ڪابينا جي ٻين ميمبرن سميت بيگم عابده جي سمورن معاملن بابت تحقيقات شروع آهي. انهن حلقن جو چوڻ آهي ته نگرانن جا هٿ به صاف ناهن،هر هڪ جو دامن داغي آهي. بيگم عابده حسين ”گهوڙي پال اسڪيم“ هيٺ 50 ايڪڙ زمين پنجاب حڪومت کان حاصل ڪئي. هن ڪجهه ايڪڙن تي اها اسڪيم شروع ڪئي ته باقي زمين زرعي مقصدن لاءِ استعمال پئي ڪري. ان کانسواءِ بيگم عابده وٽ 600 ايڪر اهڙي سرڪاري ايراضي آهي جنهن جي ليز ختم ٿيڻ جي باوجود به هوءَ پئي کيڙي ۽ کائي.
جهڙيءَ طرح آصف زرداري گهوڙا پالڻ جو شوقين آهي، اهڙيءَ طرح جهنگ جي سيدياڻي بيگم عابده حسين گهوڙيون پالڻ جو شوق ڪندي آهي. بيگم عابده جي فارم تي دنيا جي اڪثر نسلن جا گهوڙا ۽ گهوڙيون آهن. هر گهوڙي جو الڳ داستان آهي. بيگم عابده جي فارم جو معمولي گهوڙو به 5 لک رپين جو آهي. جڏهن ته اعليٰ نسل واري جو اگهه 50 لک رپين تائين آهي. هن فارم ۾ مختلف نسلن جي گهوڙين ۽ گهوڙن جو ميلاپ ڪرائي ٻچا وٺي پاليا ويندا آهن ۽ پوءِ اهي وڪرو ڪيا ويندا آهن. بيگم عابده جا گهوڙا عرب ملڪن جي بادشاهن ۽ اميرن کي به پسند آهن. هر خريدار کي گهوڙي سان گڏ ڪتاب به ڏنو ويندو آهي جنهن ۾ گهوڙي جي نسل، عادتن، خوراڪ، خوبين ۽ سار سنڀال بابت معلومات هوندي آهي. ڪاروبار ڪرڻ خير ڏوهه ناهي ۽ آئين به اسان کي هر قسم جو ڪاروبار ڪرڻ جي آزادي ڏئي ٿو. جڏهن ڳالهه گهوڙن جي آهي ته پوءِ آصف زرداري جي گهوڙن سان گڏ بيگم عابده جي گهوڙين ۽ صدر لغاريءَ جي گهوڙن جو به ذڪر ٿيڻ گهرجي. اهڙو ذڪر ڪوئي ڪري يا نه، پر نگرانن جي نگراني ڪندڙ گهوڙن وارن جو هڪ فائيل تيار ڪري رهيا آهن، جيڪو مناسب وقت تي جلد ئي منظر عام تي اچڻ جو امڪان آهي.
هن وقت نگران حڪومت وارن اڳوڻن دورن جي مال ٺاهيندڙ سياستدانن ۽ ڪامورن جي احتساب لاءِ جيڪا کوٽ کوٽان شروع ڪئي آهي ۽ ملندڙ معلومات جوڊيشل ٽرائل کان اڳ ميڊيا ٽرائل لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي آهي، ان دلچسپ معلومات لاءِ عوام کانسواءِ گاديءَ واري شهر ۾ رهندڙ دنيا جي 100 ملڪن کان وڌيڪ ملڪن جا سفير پڻ دلچسپي وٺي رهيا آهن. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته نه صرف مختلف سياستدانن جي ڪرپشن جا قصا پڙهي ۽ ٻڌي سفير مزو پيا وٺن پر اها معلومات پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن به موڪلي رهيا آهن.
وزيراعظم معراج خالد تازو اخبار وڪرو ڪندڙ هاڪرن جي تنظيم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٽڪا خان کي پنهنجو مشير مقرر ڪيو آهي. ان مقرريءَ جو پس منظر اهو آهي ته جهڙيءَ طرح ”جنگ گروپ“ جي مرضيءَ سان ارشاد حقانيءَ کي اطلاعات جو وزير ٺاهيو ويو، اهڙيءَ طرح ”نواءِ وقت گروپ“ کان به ڪابينا لاءِ ماڻهو گهريو ويو. نواءِ وقت گروپ جي مالڪن نظامين، جنگ جي مالڪ ”ميرن“ سان جٺ ڪرڻ لاءِ ٽڪا خان جو نالو تجويز ڪيو، جنهن جا 2 سبب هئا: هڪ ته نظامي ميرن کي اهو ٻڌائڻ گهرن ٿا ته اوهان جي ايڊيٽر جي جوڙ جو سندن هاڪر آهي. ٻيو ته نظامي، حقاني کي هوش پيا ڏيارين، ته تنهنجي ليول جو ٽڪا خان هاڪر آهي، جيڪو روز آبپاره جي اخبار مارڪيٽ واري فٽ پاٿ تي ويهي ريڊ ان وائيٽ جا سگريٽ پيئندو آهي. ٽڪا خان جي مشير ٿيڻ بعد ارشاد حقاني اڃا وڌيڪ ڪاوڙيل آهي. گذريل ڇهن ڏينهن کان هو اطلاعات کاتي جو وزير هوندي به ٽي وي اسڪرين تان غائب آهي. ٻيو ته ٺهيو پر هر ڪابينا جي اجلاس جي پاڻ بريفنگ ڏيڻ وارو حقاني صاحب گذريل ٻن ڪابينا جي اجلاسن جي بريفنگ لاءِ نه آيو، پر هينڊ آئوٽ جاري ڪرايا.
8 ڊسمبر تي رات جو نگران حڪومت مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل جي تحقيقاتي رپورٽ رليز ڪئي. رپورٽ 214 صفحن تي مشتمل هڪ وائيٽ پيپر آهي، جنهن جي صفحن تي نه نمبر لڳل آهن ۽ نه وري اهو ڄاڻايو ويو آهي ته اها رپورٽ ڪٿان ۽ ڪنهن شايع ڪرائي ۽ ڪنهن رليز ڪئي. مشڪوڪ نموني جاري ڪيل هن رپورٽ بابت ڪافي شڪ پيدا ٿي پيا آهن. رپورٽ ۾ صدر لغاريءَ کي هن اسڪينڊل مان آجو قرار ڏنو ويو آهي. شير پائو ۽ انور سيف الله بابت ڪا به نتيجه خيز ڳالهه نه چئي وئي آهي. ڪنهن به معاملي جي تحقيقات لاءِ جڏهن ڪو ٽربيونل جڙندو آهي ته اهو تحقيقات بعد واضح نموني نتيجو ڪڍي ٻڌائيندو آهي ته هي ڏوهه هن ماڻهوءَ تي ثابت ٿيو. هن خلاف هن قلم هيٺ ڪارروائي ڪيو. جسٽس (ر) عبدالقدير چوڌري جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل 5رڪني ٽربيونل ۾ جسٽس ضياءَ محمود مرزا (سپريم ڪورٽ) جسٽس (ر) زيڊ اي چنا سنڌ، چيف جسٽس شريعت ڪورٽ جسٽس نذير احمد ڀٽي ۽ جسٽس قاضي محمد فاروق (پشاور هاءِ ڪورٽ) به شامل هئا. هن رپورٽ ۾ صدر فاروق لغاريءَ جي زمين ”رضي فارم“ مهراڻ بئنڪ جي چيف يونس حبيب کي وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪرڻ واري الزام بابت ڪا به چٽي ڳالهه ناهي. خريدار ڪير آهي، رقم ڪٿان ۽ ڪنهن ادا ڪئي. ڪيتري رقم ادا ڪئي وئي، رقم وصول ڪنهن ڪئي. زمين ڪٿي آهي، ڪهڙي آهي؟ انهن سوالن جو ڪو به جواب ڏنل ناهي. صرف اهو چيو ويو آهي ته ”صدر لغاري زمين جو وڪرو قانون موجب صحيح ڪيو آهي.“ صدر کي آجو قرار ڏيڻ آفتاب شير پائو ۽ انور سيف الله بابت الزام ثابت ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي وضاحت نه هجڻ معاملو منجهائي ڇڏيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته مستقبل قريب ۾ هن رپورٽ بابت پڻ ڪو وڏو اسڪينڊل سامهون اچي. نگرانن جي نگراني ڪندڙن جي ڪرڙي نظر هن رپورٽ تي پڻ آهي.
(15 ڊسمبر 1996ع)