گرينڊ الائنس لاءِ ٿيندڙ گرينڊ رابطا
گرينڊ اپوزيشن الائنس جوڙڻ لاءِ اڄڪلهه پ پ وارن سنجيدگيءَ سان ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هيستائين مولانا طاهر القادري جي سربراهي ۾ جوڙيل اتحاد جنهن ۾ پ پ پڻ شامل آهي ڪو وڏو فعال ڪردار ادا نه ڪري سگهيو آهي. شروع ۾ پ پ جي صدقي سان ڪجهه ريليون منعقد ڪيون ويون پر انهن ريلين جو سلسلو برقرار نه رهي سگهيو ۽ ڪافي وقفو (Gap) اچي ويو آهي. پروگرام موجب سرگوڌا، سکر ۽ ملتان ۾ ريليون جون ۽ جولاءِ ۾ ٿيڻيون هيون پر جون ته خير سان گذرڻ تي آهي ۽ هاڻي جولاءِ اچڻ وارو آهي، پر اڃا انهن ريلين جو پروگرام پڌرو نه ڪيو ويوآهي.
وزيراعظم ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪري ڪيترين ئي ڌرين کي پاڻ ۾ گڏجڻ لاءِ جواز فراهم ڪري ڏنو آهي. ڪالاباغ ڊيم جو شوشو ڇڏي ماڻهن جو ڌيان ايمرجنسي کان هٽايو ويو آهي ۽ ايمرجنسي خلاف ڪا به عوامي تحريڪ يا رد عمل ايترو پيدا ناهي ٿي سگهيو جنهن جو امڪان هو. اسفنديار ولي ڳچ عرصي کان گمنامي جي زندگي گهاريندڙ محمود خان اچڪزئي سان رابطو ڪري پٺاڻ اتحاد جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسفنديار وارا چاهين ٿا ته پٺاڻن جا قومپرست گروپ گڏ ڪري پٺاڻ اتحاد ٺاهين ۽ پوءِ ان پٺاڻ اتحاد جو عوامي اتحاد سان وري اتحاد ڪن. جيتوڻيڪ خورشيد شاهه حامد خان اچڪزئي سان ملاقات ڪري کيس سڌي طرح عوامي اتحاد ۾ اچڻ لاءِ دعوت به ڏني آهي ۽ هن انڪار به نه ڪيو آهي پر پوءِ به پٺاڻ اتحاد کي هو وڌيڪ اهميت ڏئي رهيا آهن. پ پ وارا مولانا فضل الرحمان سان به رابطا ڪري رهيا آهن ته هو به عوامي اتحاد ۾ سامل ٿين. عوامي تحريڪ جي پٺاڻن ۽ جمعيت علماءِ اسلام کي پ پ سان اتحاد جا پراڻا تجربا آهن. ماضي قريب جي تاريخ موجب پ پ وارن ڪنهن سان وفا ڪو نه ڪئي آهي ۽ مڙئي ڪم ڪڍيو آهي. هڪڙي لحاظ کان پ پ بابت اهو تاثر وڌاءُ برابر به آهي ڇو ته محترمه، چٺا کانسواءِ سڀني کي ڪم ڪڍڻ کان پوءِ چلتو ته بڻايو آهي پر ساڳئي وقت خچرن ۽ اٺن تي هلڻ وارن کي عيش به ڪرايا آهن. بهرحال اهڙن تجربن بعد به پنهنجي پاڻ کي وري توانائي ڏيڻ لاءِ اها سندن ضرورت آهي ته هو پ پ سان اتحاد ڪن، هن دفعي فرق اهو هوندو ته جيڪي گروپ به پ پ جا پانڌيئڙا ٿيندا اهي اڳواٽ لکت ۾ معاهدا ڪندا. گادي واري شهر جي باحواس حلقن جو چوڻ آهي ته جولاءِ ۾ وري عوامي اتحاد جو دائرو وسيع ڪري ان کي فعال بڻائي حڪومت خلاف منظم ڪرڻ جو شيڊول تيار ٿي رهيو آهي پر ان کان اڳ بينظير ڀٽو ۽ ولي خان وچ ۾ ملاقات به ٿيندي جيڪا هاڻي هفتن نه پر ڏينهن اندر متوقع آهي. محمود خان اچڪزئي کي به محترمه يقين ڏياريندي ته ساڻس تعاون ڪيو ويندو. اها به عجيب ڳالهه آهي ته هر دفعي ماضي ۾ جڏهن به محترمه نواز ليگ خلاف اتحاد جوڙيا ۽ لانگ مارچ ڪيا آهن تڏهن کيس اهو آسرو ته ڇا پر يقين هوندو هو ته هاڻي هن جو وارو آهي ۽ هوءَ اقتدار جي سيج تي ويهندي پر هن دفعي هوءَ ذهني طور تي ان تان هٿ کڻي چڪي آهي. اهو سمجهندي به ته آئينده ان جو وزيراعظم ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي تڏهن به وري سرگرم ٿي رهي آهي ۽ ايمرجنسي لاڳو هجڻ جي باوجود به جولاءِ ۾ وري تحريڪ هلائڻ لاءِ فيصلو ڪري چڪي آهي. هن دفعي سندس مقصد اهو آهي ته نواز شريف وڃي پوءِ ڪير به ڇو نه اچي.
سازشن جي شهر ۾ وري هڪ وڏي سازش جي بوءِ اچي پئي ۽ پروفيشنل اڳڪٿيون ڪندڙ وري شرطون لڳائي اڳڪٿيون پيا ڪن ته حڪومت 98ع جو سال مشڪل ڪڍي. اهڙين پيشن گوئين جي سرٻاٽن ٻڌڻ کان پوءِ پير پاڳارو به گادي واري شهر ۾ خيما کوڙيو ويٺو آهي. هو چئن ڏينهن کان چپ آهي. حالتن جو بغور مطالعو پيو ڪري ۽ حساب ڪتاب ۾ مصروف آهي ته ڪڏهن ٿو نواز شريف جي قسمت جو ستارو جهڙ ۾ غائب ٿئي. پير صاحب جيڪي به ڳالهيون ڪندو آهي سي پنهنجي عقل ۽ تجزيي جي آڌار تي ڪندو آهي. مختلف حلقن کان معلومات وٺڻ بعد هو سوچي سمجهي انومان ڪڍي پوءِ بيان ڪڍندو آهي ۽ اڪثر سندس فائر نشاني تي لڳندو آهي. اڄڪلهه جڏهن نواز ليگ خلفشار جو شڪار آهي ۽ اندروني ڀڃ ڊاهه سبب تيزي سان خراب کان خراب صورتحال ڏانهن وڌي رهي آهي ته ان مند ۾ پير صاحب پاڻ ان جي جائزي وٺڻ لاءِ سخت گرمي ۾ به هيڏانهن جو پنڌ ڪيو آهي. چوڌري شجاعت حسين گهرو کاتي جو وفاقي وزير آهي پر سندس سئوٽ پرويز الاهي جي فيڪٽري تي پنجاب پوليس ڇاپو هنيو ته شجاعت کي خبر ئي نه پئي. پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر آهي سندس فيڪٽري تي ڇاپو هڻائڻ بعد ميان شهباز شريف سندس گهر ويو ۽ حيرت ظاهر ڪدي چيو ته اهو ڪنهن ڪيو آهي؟ اسين ان کي نه ڇڏينداسين. ان ”محبت“ جو اندازو چوڌرين کي به ٿي ويو آهي. 18 ايم اين ايز ۽ 40 کان وڌيڪ ايم پي ايز جيتوڻيڪ چوڌرين جي مٺ ۾ آهن ته به ساڻن کوئنس ڪئي پئي وڃي. آف دي رڪارڊ ان جو جواز اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته احتساب کي غير جانبدار بنيادن تي هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومتي ڌر جي ميمبرن کي به ڦاسايو وڃي. فيصل آباد جي غريبن واري محلي ۾ رهندڙ ڪائونسلر جي درجي وارو چوڌري شير علي نواز شريف جو مائٽ هئڻ ڪري 93ع کان وٺي ايم اين اي بڻبو پيو اچي. سيف الرحمان هاڻي شير علي ۾ به هٿ وڌا آهن. شايد هو شير علي کان پڇڻ ٿو چاهي ته هن 6 سالن ۾ 30x70 جي پلاٽ تي اڏيل فليٽ نما گهر مان 2000 گز جي پلاٽ تي وائيٽ هائوس ڪٿان ٺاهيو آهي. شير علي سيف الرحمان جي سخت خلاف آهي. هن 3 ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ چيو ته سيف کي لغام ڏيو نه ته سندس حال خراب ڪري ڇڏيندس. شير علي خلاف ڪيل ڪارروائي بعد هن جنهن اسٽائيل ۾ احتجاج ڪيو آهي ان بعد ڪيترائي سيف جا ستايل ايم اين اي شير علي کي ليڊر ٺاهيو ٿا وتن. هتي جي هڪ اخبار ۾ 2 ڏينهن اڳ خبر هلي هئي ته 14 ايم اين اي شير علي جي ڇانوَ ۾ هليا ويا آهن.
بجيٽ پاس ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ جڏهن وزيراعظم پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڏايو ته ان اجلاس ۾ ٻن 70 سالن جي ڄمار وارن ڪراڙن پهريون دفعو نواز شريف سامهون چڱو خاصو ڳالهايو هو. مولانا لڪوي چيو هئس ته ”ميان نواز شريف صاحب نه تنهنجو ڀاءُ ٿو ڪو ڪم ڪري نه توهان ٿا ڪريو، عوام اسان جي درن تي اچي گاريون ٿو ڏئي، اڇي ڏاڙهي ۾ خوار ٿا ٿيون، يا ڪم ڪرايو يا اسان مان هٿ ڪڍو ته استعيفا ڏئي گهر وڃون.“ ٻئي ڪراڙي حمزه چيس ته ”مان ڪلمون ڀري ٿو ڳالهه ڪريان ته ملڪ ۾ ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ اسان جي حڪومت ناهي. اسان سان مخالفن وارو سلوڪ نه ڪريو.“ هن اهو تاثر به ڏنو هو ته لاهور کانسواءِ به پنجاب آهي ان جو به خيال ڪريو. هنن ڪراڙن جي طعنن سبب مني ڪلاڪ ۾ اجلاس ختم ڪري نواز شريف واپس هليو ويو هو. چوڻ جو مقصد ته هاڻي آهستي آهستي پارٽي اندر جيڪو خلفشار پيدا ٿي رهيو آهي ان کي ڊرامي جا ڊائريڪٽر يقينن Directionless ڪو نه ڇڏيندا. جولاءِ ۾ اپوزيشن جي تحريڪ کي زور وٺرائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ مسلم ليگ جي اندروني خلفشار کي Mature ڪرڻ جي به ڪا ڊگهي تاريخ ڪو نه پيا ڏين. هنن جو خيال آهي ته حڪمران ڌر مان ئي بغاوت ڪري ايم ڪيو ايم واري گوگا جهڙو گروپ پيدا ڪيو ويندو جنهن جي اڀرڻ ۽ زور وٺڻ جو وقت آگسٽ 98ع هوندو.
سيپٽمبر ۾ هڪ ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي. آمريڪا ۽ ٻين ملڪن پاران لڳايل پابندين جا اثر به سيپٽمبر آڪٽوبر ۾ پڌرا ٿيندا. نئين آرمي چيف جي نالي جي چونڊ آڪٽوبر ڌاري ٿيندي. ملڪ ۾ لڳايل ايمرجنسي جي مدت به آڪٽوبر ڌاري پوري ٿيڻ تي هوندي. قاضي حسين به آڪٽوبر ڌاري اڏام ڪندو ۽ اپوزيشن واري گرينڊ الائينس جي تحريڪ جو Peak period به آڪٽوبر ۾ ايندو جنهن بعد وري سجاد علي شاهه جا ساٿي به سرگرم ٿي سگهن ٿا. اسٽاڪ ايڪسچينج جا سٽي باز به آڪٽوبر جا اشارا پيا ڪن. خبر ناهي ته آڪٽوبر ۾ ڇا ٿيندو پر لڳي ٿو ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته نومبر ۽ ڊسمبر تائين دما دم مست قلندر ٿي وڃي. اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ چون ٿا ته ان بعد قومي حڪومت ٺهندي جنهن جو سربراهه سرتاج عزيز ٽائيپ ماڻهو هوندو. ڪجهه ماڻهو فاروق لغاري کي فيوريٽ قرار ڏئي رهيا آهن ته ڪي وري شير باز مزاري جو نالو کڻي رهيا آهن. اڄڪلهه ته نالا به اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ ماضي جو تجربو ٻڌائي ٿو ته جڏهن نالا اچڻ شروع ٿيندا آهن ته پوءِ يقينن ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو آهي، جيڪڏهن نه ٿيڻو هوندو آهي ته تڏهن به ٿي پوندو آهي.
(29 جون 1998ع)