تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ڇا مستقبل جي سياسي سيٽ اپ جي اڳواڻي پٺاڻ قيادت ڪندي؟

ڇا مستقبل جي سياسي سيٽ اپ جي اڳواڻي پٺاڻ قيادت ڪندي؟

پنجاب کانسواءِ پاڪستان جي باقي ٽنهي صوبن جن کي مظلوم قومن جا صوبا به سڏيو پيو وڃي انهن ۾ سرحد (پختونخواهه) واحد صوبو آهي جنهن کي سياسي قيادت وڌيڪ سنجيده ملي آهي. پٺاڻن کي فوج ۾ ايوب خان جي زماني ۾ وڏي پئماني تي ڀرتي ڪيو ويو ۽ سول سروسز ۾ پٺاڻن کي وڏو حصو خان عبدالعلي خان جي ڪري مليو. ولي خان جو ڀاءُ عبدالعلي جڏهن لاهور جي مشهور ڪاليج ايچيسن جو پرنسپل ٿيو ته هن لاتعداد پٺاڻن کي اسڪالر شپ ڏئي بهتر تعليم ڏياري، سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪرڻ ۽ ميرٽ تي پنجابين سان مقابلو ڪري ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو اهل بڻايو. اسفنديار ولي سميت سوين پٺاڻ جڏهن عبدالعلي خان پڙهايا ته پٺاڻن ۾ ڪوالٽي واري تعليم جو شوق وڌيو ۽ هونئن به پٺاڻ سياسي قيادت توڙي ڪامورا عالمي بئنڪ موجب ڪرپشن جي لحاظ کان سنڌ ۽ بلوچستان وارن کان وڌيڪ بچيل آهن. سنڌي عوام جي جيڪڏهن پٺاڻ عوام سان ڀيٽ ڪجي ته ان لحاظ کان سنڌ جو عوام وڌيڪ باخبر، ڄاڻو ۽ چالاڪ آهي پر پٺاڻن جي قيادت وڌيڪ ڄاڻو آهي. اقتدار ۾ رهندي به عوامي نيشنل پارٽي جي اعظم خان هوتي ۽ فريد طوفان کانسواءِ ڪنهن تي ڪرپشن جو الزام ناهي لڳو. هونئن ته سرحد صوبو ۽ خاص ڪري ان جا قبائلي علائقا ۽ پشاور شهر ٻه نمبري ڪمن جي حوالي سان منشيات ۽ اسمگلنگ جي حوالي سان ڪافي شهرت رکي ٿو ۽ پوري ملڪ جي ٻين سڀني صوبن کان اڳتي آهي. ڪا به دنيا جي اهڙي شيءِ ناهي جنهن جو نقل پشاور ۾ نه ملي پر هنن جا اهڙا رويا ۽ روزمره جي زندگي پٺاڻ سياستدانن تي منفي اثر گهٽ وڌا آهن.
تازو 15 ڏينهن ۾ 2 دفعا پشاور وڃڻ جو اتفاق ٿيو، پهريون دفعو ته پرڏيهه مان آيل سامان جيڪڏهن اسان جي ضرورت ۽ حيثيت موجب هجي ته اهو خريد ڪرڻ ۽ ٻيو دفعو پونم جي اجلاس جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ، ٻنهي ڀيرن ڪارخانو بازار وياسين ڇو ته ماڻهو پشاور اچي ۽ ڪارخانو بازار نه وڃي ته ڄڻ پشاور آيو ئي ڪو نه. ٻين قلعن جيان پشاور شهر ۾ واقع قلعو به ملٽري/ پيرا ملٽري فورسز جي قبضي ۾ آهي. تنهنڪري اهو ته گهمڻ کان ويو باقي ٻيو هر قسم جو مال جام آهي. اڄڪلهه جاپاني، ملائشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ تائيوان جو مال اچڻ بند ٿي ويو آهي. چين، ايران ۽ ڪجهه وچ ايشيائي رياستن جو مال هتي جام پيو اچي. هڪ پٺاڻ چيو ته حڪومت پاران اسمگلنگ تي سختي ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ طالبان وارن جي جهيڙي سبب هڪ ته مال نه پيو اچي ٻيو جيڪو اچي ٿو اهو ماڻهو وٺن به نٿا. ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ ۽ عوام جي قوت خريد گهٽ ٿيڻ تي جيترا ڪارخانو بازار جا پٺاڻ دڪاندار پريشان آهن ايترو ئي ملڪ جي عوام کي به ڳڻتي آهي. ايوب جي زماني ۾ چوندا آهن ته 4 آنا ڪلو کنڊ جو اگهه وڌيو هو ته عوام روڊن تي اچي ويو هو ۽ حڪومت گوڏا کوڙيندي فيصلو واپس ورتو هو. اڄڪلهه کنڊ 30 رپين کان ٿيندي 34 رپيا ڪلو تي بيٺي آهي پر مجال آهي جو ڪو احتجاج ڪري. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته عوام هاڻي سياستدانن جي چال ۾ نه ايندو ۽ هو انهن جي خواهشن لاءِ پاڻ کي عذاب ۾ نه وجهندو. سرڪاري ڌر جا پروگرام هجن يا ٻيو ڪجهه ماڻهن کي هاڻي ته ڌريون ڀاڙي ۽ ڏهاڙي جا پئسا ڏئي وٺي ٿيون اچن. تازو جنرل نقوي وارن بهاره ڪهو ۾ جيڪا مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ پولنگ جي ريهرسل ڪرائي هئي ان ۾ اڌ عورتون ۽ مرد 50 رپيا ڏهاڙي ۽ گهران کڻي اچڻ ۽ ڇڏي وڃڻ جي شرط تي آيا هئا باقي اڌ رونشي ڪوڏيا هئا. ڏهاڙين جي مزدوري وارا بل تپيدارن ڀريا بلڪل ايئن جيئن سياسي حڪومتن ۾ وزيرن جي دورن وقت صوبيدار ۽ تپيدار خرچ ڀريندا آهن. بهرحال جيئن ته اها نظام جي تبديلي ۽ عوام جي قسمت بدلائڻ جي نيڪ ڪم جي ايڪسرسائيز هئي تنهنڪري ان بابت وڌيڪ ڪو نه ٿا ڪجهه چئون. اسان ڳالهه پئي ڪئي پشاور ۽ پٺاڻن جي.
سرحد مان منشيات جي پوک ڪندڙن جي اولاد کي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جي شرط تي ڀنگ ۽ ڏوڏي جي پوک روڪائڻ ۾ حڪومت ڪامياب وئي آهي ۽ هٿيار ٺاهيندڙ دره آدم خيل ۽ لنڊي ڪوتل جي هٿيار ٺاهيندڙ ماهرن کي آرڊيننس فيڪٽرين يعني فوجي هٿيار ٺاهيندڙ فيڪٽرين ۾ نوڪريون ڏئي کانئن غير قانوني ڌنڌو ڇڏايو پر اسمگلنگ جو ڌنڌو ڪندڙن کي حڪومت منٿون ڪري مهلت پئي ڏئي ته ٻيلي اوهين قانوني ڪم ڪريو. سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو قانوني ڪم به ڪري ته موچڙي جو زيپٽ ٿو پوي ڀلي پوءِ اهو ايوب خان جي دور ۾ ون يونٽ خلاف احتجاج هجي يا ضياءَ جي زماني ۾ ايم آر ڊي واري تحريڪ، خير نصيب ۽ قسمت جي ڳالهه آهي. سنڌ سان ته مرڪز جون خاص مهربانيون آهن. جتي ڌاڙيلن کي امن فورس ٺاهڻ جو حق به ملي ٿو ته ڌاڙيل مار فورسز به ڌاڙيلن کي ٺاهڻ جو اختيار آهي پوليس هجي يا انتظاميا سڀ چون ٿا ته عوام جي ذاتي جهيڙن جا فيصلا عدالتون نه ڪنديون پر جرڳن ۾ ٿيندا. هي ته قانوني طور جهان خان پيا مضبوط ڪن. سنڌ جي سياسي قيادت کان معذرت سان ته ڇا مٿي ڄاڻايل سنڌ ۽ سرحد جي معمولي مثالن بعد اهو چوڻ غلط آهي ته اهو سمورو ڪريڊٽ واسطيدار صوبن جي سياسي قيادتن کي وڃي ٿو. خير وري اسين پشاور ۽ پٺاڻن واري موضوع تان ٿڙي وياسين.
پشاور ۾ سينيٽر عاقل جيڪو اسلام الدين شيخ وانگر ارب پتي آهي ان جي گرينز هوٽل ۾ پونم جو اجلاس هو. اسان جي الله ٻڌي سرڪار (ڪاوش) جي خرچ تي پرل ڪانٽينل هوٽل ۾ رهائش ملي. اجلاس جي ڪوريج لاءِ گرينز تي وياسين ۽ بريفنگ دوران پشاور جا صحافي به جام هئا ۽ اهي به ايترا ئي ڪميٽيڊ لڳا جيترا پنجاب جا صحافي، جيڪي ڪشمير جي معاملي تي جهادي ۽ انتها پسند ڌرين جي عظيم مجاهدن جو ڪردار ادا ڪندا آهن بلڪل اهڙي طرح صوبائي ۽ قومي خودمختياري واري سوال تي پشاور جا پٺاڻ صحافي به لڳا. پونم جي ڪنوينر افضل خان 9:30 رات جو بريفنگ شروع ڪئي خوامخواهه جو اچي ڊگهو ٿلهه ٻڌائين ان بدران جيڪڏهن قادرمگسي يا عوامي تحريڪ جو ڪو نمائندو به ڳالهائي ها ته يقينن سٺي نموني بريف ڪري ها. پونم وارا هجن يا قومپرست ڌريون چاهي ڪهڙي به صوبي جون اهي اڄ تائين ميڊيا مئنيجمينٽ نه سکي سگهيا آهن. اڪثر اجلاس رات جو ۽ بريفنگ 10 ۽ ساڍي ڏهين تائين پئي هلندي. ٻئي ڏينهن اڳ ۾ ته خبر مشڪل سان هلندي يا ته اڌ ڪي هلندي يا وري هلندي ئي نه. صبح جو اکيون مهٽي نيراني اخبارون ڏسي هڪ گار لاهيندا ته ٻي چاڙهيندا ته اخبار وارن ظلم ڪيو! سائين فوٽو ته ٺهيو خبر ئي نه هلايائون. پڪ ايجنسي سازش ڪئي هوندي. پنهنجا افعال ڪو نه ڏسندا صحافين ماني کائي چيو ته خبر سڀاڻي هلائينداسين. مون چيو واهه جو ڌڪ ٿيو بنا ماني ڀڳس ۽ هوٽل مان اچي فيڪس ڪئي صبح جو اسلم قاضي جڏهن بل ڀريو ته چيائين هتي به نه مڙين!
پشاور گهمڻ دوران چوري جي گاڏين جا پرزا وڪڻڻ واري مارڪيٽ ڀرسان گذر ٿيو. ڏاڍي رش هئي. اڪثر ماڻهو ڊيزل انجڻ ڪرائڻ ۽ استعمال ٿيل اسپيئر پارٽس خريدڻ لاءِ آتا هئا. اڳ ۾ ڪارخانو بازار ۾ رش هوندي هئي هاڻي اسپيئر پارٽس جي بازار ۾ رش هوندي آهي. جنهن ماڻهو پنهنجي گاڏي ۾ ڪو قيمتي پرزو وجهرايو هجي ۽ سندس گاڏي چوري ٿي وئي هجي ته اهو هن کي پشاور جي اسپيئر مارڪيٽ ۾ ملندو. گهمندي ڦرندي اهو به نوٽ ڪيم ته راشن جي دڪانن تي به نسوار جون پڙيون اٽي جي ٿيلهين وانگر رکيل هيون.پشاور جي ته ڪجهه فٽ پاٿن جا رنگ به نسوار سبب ساوا ٿي ويندا آهن ۽ لڳي ايئن پيو ته هاءِ ويز وارن جي 25 سيڪڙو بجيٽ فٽ پاٿ تي ڪارو ۽ هيڊو رنگ ڪرڻ تي خرچ ٿيندي هوندي.
پونم جي اجلاس کان اڳ هوٽل جي لابي ۾ ويس ته احمد نوناري، لغاري ۽ فتاح سميجو به ويٺا هئا. ملياسين سنڌي ۾ ڪچهري پئي ڪئي سين ته پٺاڻ پريشان لڳا پيا هئا، ڇو ته هو پشتو ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا ۽ اسين سنڌيءَ ۾، خير هنن ٻڌايو ته هو ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ آيا آهن باءِ روڊ 2 گاڏيون ڀري آيا آهيون. دل ۾ چيم ڊاڪٽر قادر اهو چڱو ڪيو ته همراهن جي هوا تبديل ڪئي نه ته سنڌ ۾ ته اڄڪلهه خودڪشين جي سيزن آهي. ڪيڏو به پڙهيل لکيل هجي پر معاشي پريشانين سبب خودڪشي کان ته گهٽ ڳالهه ئي نٿا ڪن. هي همراهه جيڪي هن سان گڏ هئا اهي في الحال ان لهر ۾ ڪو نه لڙهندا. الله ٻين کي عقل ڏيندو ۽ کين همت ڏيندو ته هو مايوسي ۽ پريشاني سبب زندگي ۾ مقابلو ڪرڻ جي راهه تي هلندا ۽ راهه فرار اختيار نه ڪندا. خير وري اسين پاڻ سياسي قيادت واري بحث تان ٿڙي وياسين.
اڄڪلهه خبرون پيون هلن ته اي اين پي، پي پي، بي اين پي ۽ مسلم ليگ ۾ سياسي تعاون ۽ پاور شيئرنگ جا معاملا طئي ٿي ويا آهن. مسلم ليگ مڃي ورتو آهي ته مستقبل ۾ بينظير وزيراعظم ٿئي. سرحد ۾ وڏ وزارت اي اين پي کي ملي. بلوچستان ۾ مينگل ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ (شهباز شريف) ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ملي. حڪومت قائم ٿيڻ بعد 73ع جي آئين ۾ وسيع پئماني تي ترميم لاءِ چئني صوبن مان برابري جي بنياد تي ڪاميٽي ٺهندي ۽ اهي ترميمون پارليامينٽ مان منظور ڪرايون وينديون. چون ٿا ته اهو فارمولو اسفند يار ولي تيار ڪيو آهي جيڪو بينظير ۽ نواز شريف منظور ڪيو آهي. نواز شريف ڪلثوم نواز کي مائڪرو ڪيسٽ تي پنهنجو آواز رڪارڊ ڪري فارمولو تسليم ڪري خاطري ڪرائي آهي ۽ اها ڪيسٽ ڪلثوم نواز اسفنديار ولي کي ڏياري به موڪلي آهي. چيو وڃي ٿو ته ان فارمولي تي عمل لاءِ تياري هلي رهي آهي ۽ قوي امڪان آهي ته سڀ ڌريون گڏجي مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري جلد چونڊون ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلائين. ملڪ جي مستقبل جي تحريڪ ۾ به پٺاڻ قيادت ئي محرڪ بڻجندي نظر پئي اچي.
(21 نومبر 2000ع)