اسلام آباد ۾ اڏجندڙ ننڍڙي سنڌ
ڳچ عرصي کان جڏهن دنيا ۾ ڪميونٽي ويلفيئر جي حوالي سان سرڪاري طور ٿيندڙ ترقياتي ڪمن کان وڌيڪ موثر نموني عوامي ڀلائي جي رٿائن وارو سلسلو شروع ٿيو. ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪاٺياواڙي ميمڻ برادري سطح تي اسپتالون، تعليمي ادارا، شادي هال، لائبريريون ۽ ٻين قسمن جا پراجيڪٽس ٺهيل ڏسندا هئاسين ته اها خواهش ۽ حسرت ٿيندي هئي ته جيڪر سنڌين ۾ به اها عادت پوي ۽ جذبو پيدا ٿئي ته ڪيڏو نه ڀلو ٿيندو. سنڌ ۾ قومي سطح تي ته ٺهيو پر برادري سطح تي غير سياسي ۽ سماجي تنظيمون سواءِ ڪراچي ۾ آغا خان ۽ ڪاٺيا واڙي ميمڻن جي مختلف پاڙن کانسواءِ ڪٿي به نظر نه اينديون هيون.
سنڌ ۾ هونئن ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) سميت ڪافي سماجي تنظيمون 1971ع کان وٺي ڪم ڪنديون پيون اچن پر اڄ تائين جهڙو تهڙو سنڌ سطح تي جيڪو سگا ڪردار ادا ڪيو آهي اهڙو ٻي ڪا به سماجي تنظيم فعال نموني ڪم نه ڪري سگهي آهي. سگا پاران سنڌ ۾ روشن تارا اسڪول واري Chain ڏاڍي ڪاميابي سان هلي رهي آهي. ان کانسواءِ سندن ٻيون رٿائون به بهتر آهن پر گهڻو Visible ناهن. پوءِ چاهي ڪراچي ۾ سنڌين لاءِ فليٽ ٺاهڻ وري رٿا هجي يا ڪراچي جي ٻهراڙين سميت سنڌ جي ڳوٺن ۾ لڳندڙ ميڊيڪل ڪيمپون هجن. ضياءَ الحق واري دور ۾ جڏهن سگا نيم سياسي سرگرمين ۾ ملوث رهي ته مٿس پابندي مڙهي وئي پر ان جي باوجود به انهن ڏينهن ۾ مختلف نالن ۽ حوالن سان ڪم جاري رکيو ۽ هن تنظيم کي Disburse ٿيڻ کان بچايو ويو.
سگا جي اسلام آباد شاخ ڳچ عرصي کان موثر ۽ فعال رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن هيٺ مٿي به ٿيندي رهي آهي پر عملي طور ڪم ۾ ڪڏهن به مرڪز کان پوئتي نه رهي آهي. ڪجهه وقت تائين سگا مخالفن اهو تاثر پيدا ڪيو هو ته سگا سنڌي ڪامورن جي بدلين ۽ مقررين لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. ڳچ عرصو ته منهنجو به خيال اهو ئي هو پر ان وقت ڪراچي ۾ سرگرمي گهٽ هئڻ سبب اهو خيال قائم ٿيو. جڏهن سگا اسلام آباد شاخ ۾ ميمبري ورتي ته اهو خيال ابتو نڪتو، ڇو ته هتي قصو ئي ابتو هو. اسلام آباد ۾ ته سگا سنڌي ملازمن خاص ڪري گريڊ هڪ کان 17 وارن ملازمن جي تحفظ جو ذريعو هئي. بدليون ۽ مقرريون وڏن آفيسرن جون ته گهڻو ڪري سياسي بنيادن تي ٿينديون رهيون ۽ سگا وارا سنڌي آفيسر ته سدائين ڀوڳيندي ڏٺا آهن. 17 کان مٿي گريڊ وارا سنڌي آفيسر، جيڪي سگا ۾ آهن. سي ته پنهنجو پاڻ کي خير بچائي نه سگهيا پر سگا هيٺين آفيسرن لاءِ هيمشه ڍال جو ڪم پئي ڪيو آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ هتي هوندو هو ته ”ايس پي او“ جو چيف ايگزيڪيوٽو هوندي به جيترو وقت سگا کي ڏيندو هو، يقينن اهو سندس وڏو Contribution هو. جهڙي نوڪري ڊاڪٽر سليمان کي ملي. اهڙي نوڪري گهر ويٺي تنقيدون ڪندڙن کي ڏيو ۽ پوءِ ڏسو ته هو سگا جي جيڪڏهن ويجهو به اچن! بهرحال فضل الله قريشي، يوسف ميمڻ ۽ مختيار ٽالپر سميت ڪافي دوست هتي سگا جي جياپي جو سهارو آهن ۽ سگا کي موثر نموني Intact رکڻ ۾ به هنن جو ڪردار آهي.
اسلام آباد ۾ امر جليل جهڙا کوڙ درويش رهن ٿا پرهنن کي ڪڏهن سگا جي پليٽ فارم تي ڏسڻ جو موقعو ناهي مليو. جنهن جو ڏک به ٿيندو آهي پر وري سوچيندا آهيون ته ٺهيو، ميان هو پنهنجي پليٽ فارم تان وري به مڙئي انفرادي انداز ۾ ئي صحيح سنڌ سنڌ ته ڪن ٿا. اها به هنن جي مهرباني آهي. بقول امر جليل جي ته اسلام آباد گدڙن جو شهر آهي. جنهن کي مان سدائين سوئرن جو شهر چوندو آهيان. هتي ڀانت ڀانت جا سوئر آهن. اهي جهنگلن ۾ ته هوندا ئي آهن پر اڪثر ڪري وڏين عمارتن، پارليامينٽ ايوان، صدر ۽ ايم اين اي هاسٽل جي چوگرد جهنگلن ۾، جن کي گرين بيلٽ چيو وڃي ٿو. اتي به رات جو ڌڻن جي صورت ۾ نظر ايندا آهن. هي شهر اقتداري ايوانن وارو هئڻ ڪري ڏاڍو مهانگو آهي، هتي رهائش ۽ کاڌو راولپنڊي، جيڪو گڏيل شهر آهي، جي ڀيٽ ۾ 30 کان 50 سيڪڙو مهانگو آهي. وفاقي ادارن ۾ ننڍن توڙي وڏن گريڊن ۾ هڪ ته سنڌ جي ڪوٽا تي اڄ تائين پنجاب ۽ سرحد وارا ڀرتي ٿيل آهن ٻيو ته جيڪڏهن ٿورا گهڻا سنڌي، جن کي نوڪريون ملنديون آهن. اهي يا ته سنڌ بدلي ڪرائي هليا ويندا آهن يا نوڪريون ڇڏي ڀڄي ويندا رهيا آهن. اڄ ٿوري صورتحال مختلف ان ڪري آهي ته سنڌين کي بک بي حال ڪيو آهي جو قرض کڻي به نوڪريون ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا پر انهن جو انگ تمام گهٽ آهي. تعليم حاصل ڪرڻ توڙي نوڪريون وٺڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي بري امام جي درگاهه تي لنگر کائيندي ۽ درگاهه جي فرش تي ملنگ ٿي سمهندو ڏسڻ بعد سگا طرفان اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڇو نه هتي سنڌي ماڻهن جي اجهي جو انتظام ڪجي. هتي رهندڙ ماڻهن کي وندرائڻ ۽ ثقافتي سرگرميون جاري رکڻ لاءِ هڪ موقعو ميسر ڪجي. ان لاءِ به ڊاڪٽر سليمان شيخ، فضل الله قريشي ۽ يوسف ميمڻ وارن وٺ پڪڙ ڪئي ۽ مرحيات ڄام صادق کي راضي ڪيو ته اسلام آباد ۾ ڪميونٽي سينٽر ٺاهڻ گهرجي. جتي سنڌي ماڻهن لاءِ لائبريري هجي. سنڌي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ هاسٽلون هجن. پارڪ هجي، آڊيٽوريم هجي، جتي ڇٺي ڇهه ماهي مڙئي روڄ ۽ راڳ پيو ٿئي. ڄام جهڙي قلندر ماڻهو کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. هن هڪ ڪروڙ رپيا اسلام آباد جي ڪميونٽي سينٽر لاءِ منظور ڪري ڇڏيا. فضل الله قريشي انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هو. هن دير ئي نه ڪئي. ڄام چيو ته 50 لک في الحال وٺو ۽ باقي پئسا پلاٽ خريد ڪرڻ بعد ملندا. ان بعد ڄام سان زندگي وفا نه ڪئي پر مڙئي 40 لک سنڌ حڪومت جاري ڪيا. انهن ڏينهن ۾ مرڪز ۾ مير هزار خان بجاراڻي ڊفينس پراڊڪشن (دفاعي پيداوار) جو وزير هو. هن ڪوشش ڪري نواز شريف کان پلاٽ منظور ڪرايو. هڪ ايڪڙ جو پلاٽ سستي اگهه تي سي ڊي اي کان ڏياريو. پلاٽ ملڻ بعد ان کي بلڊوزر هڻائي سڌو ڪرائي بائونڊي ڏياري وئي. نقشو پاس ڪرايو ويو ۽ اڏاوت شروع ڪرائي وئي. ان دوران ڪميونٽي بنيادن تي چندا چاڙيون ڪري 20 لک ٻيا به هٿ ڪيا ويا، 60 لک مان ڪم هنلدو رهيو. ڍانچو تيار ٿي ويو. لائبريري هن وقت ورڪنگ ڪنڊيشن ۾ آهي. باقي آڊيٽوريم جي فنشنگ رهيل آهي. ٻاهران پلستر ڪرائڻ وارو ڪم هلي پيو.
هتي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته هن سينٽر وارو ڪم مڪمل ڪرائڻ لاءِ ايم اين ايز ۽ سينيٽرز (خاص ڪري سنڌين) کي دورو ڪرايو ويو پر اڃا تائين ڪنهن به خاص مدد نه ڪئي آهي. بينظير ڀٽو جي پوئين دور ۾ کيس پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ چيو ويو پر هوءَ وقت ڏئي به نه آئي. سگا طرفان کيس مدد لاءِ اپيل ڪئي وئي پر هن آسرن ۾ رکيو، سندس دور جي سنڌي وزيرن کي چيو ويو ته اهي به ڪنڌ ڪڍائي ويا. موجوده حڪومت ۾ شامل جيڪي نالي ماتر سنڌي آهن. تن سان به سگا وارن رابطو ڪيو پر هنن به لفٽ نه ڪرائي. انهن پنهنجن ماڻهن جي اوپرن روين جي باوجود به مايوسي ناهي ٿي. سگا اسلام آباد ٽيم جا ساٿي سرگرم آهن ۽ هن سينٽر کي مڪمل ڪرائڻ وارو خواب پورو ڪرڻ ۾ مشغول آهن.
اسلام آباد ۾ اڏجندڙ ننڍڙي سنڌ جو تعارف
هن ننڍڙي تعمير ٿيندڙ سنڌ جو نالو ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪميونٽي سينٽر“ آهي. سگا 71ع کان پوءِ اهو وڏو ۽ مفيد پراجيڪٽ هٿ ۾ کنيو آهي. هن وقت تائين پاڪستان ۾ ڪنهن به اين جي او اهڙي نوعيت جو پراجيڪٽ شروع نه ڪيو آهي. 7 هزار ميمبرن واري تنظيم سگا جون 55 برانچون آهن. اها سنڌ جي واحد تنظيم آهي، جنهن جي اسلام آباد ۾ هڪ موثر شاخ آهي. سگا پاران اسلام آباد جي سيڪٽر ايڇ-8 ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ايڌي سينٽر جي ڀر ۾ 5310 چورس والن تي مشتمل پلاٽ تي گهڻ مقصدي ڪامپليڪس جي اڏاوت شروع آهي. ڪامپليڪس ۾ آڊيٽوريم به هوندو. جنهن ۾ 500 ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ هوندي. هن وقت اسلام آباد ۾ ايڏو وڏو آڊيٽوريم موجود ناهي. هي آڊيٽوريم ڪنهن کي به غير سياسي سرگرمين لاءِ مسواڙ تي فراهم ڪيو ويندو.
لائبريري ۽ ريسورس سينٽر ۾ مختلف موضوعن خاص ڪري سنڌ متعلق ڄاڻ تي مشتمل ڪتاب ۽ مواد رکيو ويندو. آڊيو ۽ ويڊيو ڪيسٽون به رکيون وينديون.
مردن ۽ عورتن لاءِ هاسٽلون جڙنديون، جيڪي سنڌي ناريون نوڪرين جي ڳولا ۾ اينديون يا مختلف کاتن ۾ هتي ڪم ڪنديون يا تعليم لاءِ اينديون، تن کي تمام مناسب اگهه تي رهائش ملندي. ان کانسواءِ اسلام آباد گهمڻ يا ٻين سرگرمين جي سلسلي ۾ ايندڙ عورتن کي به رهايو ويندو. ساڳئي طرح مردن لاءِ ڌار هاسٽل هوندي.
ڊسپلي سينٽر: هتي هڪ ڊسپلي سينٽر ٺاهيو ويندو. جتي سنڌ جي آرٽسٽن کي نمائشون لڳائڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
ڪميونٽي هال: هن سينٽر ۾ آڊيٽوريم کانسواءِ ڪميونٽي هال به هوندو، جتي 300 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هوندي. جتي شاديون، پارٽيون، دعوتون وغيره آسانيءَ سان ڪري سگهبيون.
ڊسپينسري ۽ ايمبولينس: هتي ڊسپينسري هوندي، جتان عام ماڻهن ۽ خاص ڪري سنڌين جو علاج مفت ڪيو ويندو. ميت جي صورت ۾ ڳوٺن ڏانهن لاش کڻائي وڃڻ لاءِ ايمبولينس آڇي ويندي.
لان: سينٽر جي اڳيان خوبصورت لان هوندو. جتي شام جو ويهي ۽ واڪ وغيره به ڪري سگهبو.
مطلب ته هر حوالي سان هي سينٽر جتي انساني ترقي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. ان سان گڏ هتي رهندڙ گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول جي ستايل سنڌي فيمليز کي سک جو ساهه کڻڻ لاءِ سهارو به ڏيندو ته سنڌ مان ايندڙ ماڻهن لاءِ آٿت ۽ گهر جو ڪم به ڏيندو. هن سينٽر ۾ سنڌي سيکارڻ لاءِ ڪلاس به شروع ڪيا ويندا ۽ مفت ۾ سنڌي پڙهائي ۽ سيکاري ويندي. انٽرنيٽ ڪلب جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي، جتي ريسورس سينٽر مان سڀ ماڻهو سهولت حاصل ڪرڻ جا هڪ جيترا حقدار هوندا.
(24 آگسٽ 1999ع)