پاڻي ڪيس: ڪامورن بدران عوام وارثي ڪري!
9 اپريل تي اسلام آباد ۾ ارسا جي صلاحڪار ڪاميٽي جي اجلاس ۾ جيڪا سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي ٻي واردات ٿي آهي. جنهن ۾ 10 سالن جي محنت بعد مشڪل سان جڏهن ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي سمورن صوبن جي حصي مان ڇڏڻ بابت مضبوط ڪيس تيار ٿيو ته هڪ ئي ڌڪ ۾ اهو پٽ ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندگي سنڌ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري امتياز قاضي ۽ او ايس ڊي شجاع جوڻيجو ڪئي. هنن تي الزام آهي ته هنن ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي وچ جي حصي بدران رڳو سنڌ جي حصي مان ڇڏڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها خواهش ۽ مطالبو پنجاب جو رهيو آهي. جيڪو امتياز قاضي ۽ شجاع جوڻيجو جي واتان ٻڌو ويو پر سنڌ جي نمائندگي ڪندي انهن 20 ۽ 19هين گريڊ جي ڪامورن آخر ايئن ڪيو ڇو؟
ان سوال جا 2 جواب آهن، هڪ ته اهو ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻي جي معاملن ۾ انجنيئرنگ جي حوالي سان اڻ ڄاڻ آهن ۽ نان ٽيڪنيڪل ماڻهو آهن. متان هنن کي خبر نه هجي. اول ته اهو ممڪن ڪونهي، ڇو ته سنڌي ميڊيا گذريل 5 سالن ۾ جيتريون تحقيقاتي رپورٽون پاڻي جي حوالي سان شايع ڪيون آهن. ان بعد واهي پانڌي جي ڇپر هوٽل تي ويٺل ”ڪاوش“ پڙهندڙ کان به پڇو ته هو به چوندو ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي سنڌ جي حصي جو نه، پر وچ جي حصي مان ملڻ گهرجي. ٻيو جواب اهو آهي ته متان انهن صاحبان تي مٿان کان دٻاءُ هجي. معلوم ٿيو آهي ته ارسا جي اجلاس کان اڳ رات جو يعني 8 ۽ 9 اپريل جي وچ واري رات جو سنڌ جي نمائندن سان جڏهن ارسا ۾ سنڌ ۽ وفاق جي نمائندن نور محمد بلوچ ۽ نصرعلي راجپوت ملاقات ڪري کين ٻڌايو ته خريف ۾ کوٽ وڌيڪ آهي. اوهين سڀاڻي اجلاس ۾ احتجاج ڪريو. ته سنڌ کان آيل نمائندن قاضي ۽ جوڻيجو کين جواب ڏنو ته کين هدايت ملي آهي ته پنجاب واري پاليسي تي هلو. سنڌ جي نمائندن جڏهن غير رسمي ملاقات ۾ ارسا جي سنڌ ۽ وفاق وارن نمائندن کي اهڙو جواب ڏنو ته هنن جا تاڪ لڳي ويا. اها ساڳئي ڳالهه ارسا اجلاس کان پوءِ به سنڌ جي ڪامورن ڪئي ته پنجاب سان ڦڏي بدران سمجهوتي ۽ مصلحت واري پاليسي تي هلڻ لاءِ کين چيو ويو آهي. حيرت اها آهي ته سنڌ جي پاڻي جو ڪيس جيڪو ڏينهون ڏينهن ڏکيو بڻجندو پيو وڃي ان جي پوئواري ڪرڻ لاءِ مون اڳ ۾ هنن ڪالمن ۾ هڪ تجويز ڏني ته سنڌ ۾ مرحوم عبدالرسول ميمڻ جي نالي سان زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام يا ڪنهن ٻئي يونيورسٽي ۾ چيئر ٺاهيو يا سنڌ واٽر ريسرچ سينٽر ٺاهيو، جيڪو پاڻي بابت سنڌ جو ڪيس اپ ڊيٽ ڪري. اسان جا 5-7 ماهر جيڪي باقي بچيا آهن. اهي به عمر جي آخري حصي ۾ آهن، انهن کان پوءِ ڀينگ لڳي پئي آهي. هر ايندڙ سال پاڻي جي حوالي سان سنڌ لاءِ ڏکيو منظر کڻي ايندو. ان ڪري ان حوالي سان سنڌ حڪومت کي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪريون ته سنڌ واٽر ريسرچ سينٽر ٺاهيو. پاڻيءَ جي حوالي سان سنڌ جو ڪيس مضبوط آهي ۽ گذريل ڏيڍ سؤ سالن کان پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ پاڻي جو تڪرار هلي پيو. جنهن جو رڪارڊ به سنڌ جي گهڻ گهرن وٽ موجود آهي. اهو گڏ ڪرڻ ان کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري ويب سائيٽ تي مواد فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن حڪومت ان صلاح تي عمل نٿي ڪري ته پوءِ سنڌ جي دانشورن، گهڻ گهرن ۽ سنڌ دوستن کي گهرجي ته هو ان ڏس ۾ قدم اڳتي وڌائين ۽ اي اين جي عباسي ۽ ادريس راجپوت سميت باقي بچيل سنڌ جي انجنيئرز کي گڏ ڪري اهو ڪم ڪرڻ گهرجي. ڇو ته جيڪا صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. اها مستقبل لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي ۽ جهڙي طرح پنجاب واٽر ڪائونسل وارن اڳ ۾ چيو هو ته ڪني آڱر وڍي ڀلي آهي. روز روز سنڌ جي ٽان ٽان ٻڌڻ بدران جيڪڏهن سنڌ کي عليحده ڪريو ته سندن جان ڇٽي. اها سوچ پيدا ٿي چڪي آهي. تنهن ڪري رڳو رڙيون ڪرڻ، اخباري بيان ڏيڻ، مظاهرا ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي. ان تي عمل۽ تحقيقي ڪم جي شديد ضرورت آهي.
گذريل ڏيڍ سال کان سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جا جيترا سيڪريٽري تبديل ٿيا آهن. ايترا پنجاب واري آبپاشي سيڪريٽري ڪپڙا به نه بدلايا هوندا. سنڌ جي آبپاشي کاتي جو نان ٽيڪنيڪل سيڪريٽري رکي انجنيئرز ۽ ايڪسين جي بدلين تي ڪمائي ڪرڻ وارن کي سنڌ تي رحم ڪرڻ گهرجي ۽ ان تي سوچڻ گهرجي ته آخر سنڌ آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري نان ٽيڪنيڪل ڪامورو ڇو ٿو رکيو وڃي؟ جڏهن جانورن جو ڊاڪٽر ماڻهن جو علاج ڪندو يا اکين جو ماهر ڊاڪٽر دماغ جو آپريشن ڪندو ته فيصلا ۽ نتيجا اهڙا ئي نڪرندا ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي وچ نه، پر سنڌ جي حصي مان وڃڻ گهرجي. هي ته خدا ڀلو ڪري نصرراجپوت جو جنهن بريفنگ دوران ”سنڌ جي سپوتن“ جو اختيار ڪيل موقف پريس کي ٻڌايو نه ته اها فلم به سنڌ کي اهڙو ڳچي ۾ پوي ها. جهڙي طرح 94ع وارو بين الوزارتي فيصلو ٿيو آهي ۽ اڄ تائين پنجاب چوي ٿو ته 94ع ۾ سنڌ وارن تاريخي حصي موجب پاڻي جي ورڇ قبولي آهي. صوبن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ بينظير ڀٽو جي حڪم تي ۽ غلام مصطفيٰ کر جي خواهش تي دادو جي حاجي ظفر لغاري ۽ تڏهوڪي آبپاشي سيڪريٽري علي گوهر شاهه 94ع واري ان فيصلي ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندي سنڌ کي وزارتي فيصلي وارو تحفو ڏنو هو ۽ اڃا سنڌ ان تحفي کي ڀوڳي رهي آهي.
پنجاب جو گورنر هجي يا وڏو وزير، هو پنهنجي صوبي لاءِ لابنگ ڪن ٿا. 4 سال اڳ جڏهن پاڻي بابت تڪرار ٿيو ته سنڌ جي اصولي موقف جي سرحد ۽ بلوچستان به حمايت ڪئي هئي پر پنجاب جي گورنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) صفدر سرحد ۽ بلوچستان جي گورنرز کي فون ڪري ذاتي دلچسپي وٺي، انهن صوبن جي نمائندن تي دٻاءُ وجهرايو هو. جنهن بعد سرحد ۽ بلوچستان جي نمائندن رات ئي رات سنڌ جي اصل موقف جي حمايت وارو فيصلو واپس وٺي پنجاب جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو. ان کان پوءِ پنجاب جو گورنر خالد مقبول به ساڳيو ڪم ڪندو رهيو ۽ هاڻي پنجاب جي مالڪي جيتري پرويز الاهي پيو ڪري، ايتري سنڌ جو ڪو قومپرست يا وڏو وزير به شايد نه ڪري سگهي. ڪرڻ ته ٺهيو، پر سوچي به نه سگهي. سنڌ جي مالڪي حڪمران ڪو نه ڪندو، ڇو ته هنن کي ماڻهو ڇڏائڻا آهن ۽ آفيسر بدلي ڪرائڻا آهن. سنڌ جي مالڪي سنڌي ماڻهو کي ئي ڪرڻي پوندي.
(13 اپريل 2003ع)