تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5028
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

اي اين پي ۽ ليگ جي رولڙي ۾ پيل اتحاد جي اندروني ڪهاڻي

اي اين پي ۽ ليگ جي رولڙي ۾ پيل اتحاد جي اندروني ڪهاڻي

اوچتو ئي اوچتو مسلم ليگ ۽ اي اين پي وچ ۾ اتحاد وارين خبرن سياسي مارڪيٽ ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. اعظم هوتي ۽ فريد طوفان، بيگم نسيم ولي کي اعتماد ۾ وٺي اي اين پي جي مرڪزي قيادت کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ چوڌري نثار ۽ شهباز شريف سان ملاقاتون ڪرڻ شروع ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ اندروني طور معاملو طئي ٿي ويو ۽ رڳو اعلان باقي هو. اها خبر پوڻ تي اجمل خٽڪ، اسفند يار ولي، سينيٽر قاضي انور ۽ ٻين ولي خان وٽ سخت احتجاج ڪيو. بقول قاضي انور جي ته ولي خان کي جڏهن ڳالهين بابت ٻڌايو ويو ته هن لاعلمي ظاهر ڪندي چيو ته نواز ليگ سان اتحاد منهنجي موت بعد ڪو ڪري ته ڀلي، پر جيسين آئون جيئرو آهيان تيسين اهو ممڪن ناهي. ولي خان جي جذبات ۾ چيل انهن جملن سبب اجمل خٽڪ وارن کي آسرو ٿيو. هنن سندرو ٻڌو ۽ اتحاد جا مخالف ٿي بيٺا.
ٻڌائڻ وارا ٻڌائين ٿا ته جڏهن اعظم هوتي ڪميونيڪشن جو وفاقي وزير هو ته ان دوران هڪ ٺيڪي جو معاملو هلندڙ هو پر بعد ۾ اوچتو اي اين پي ۽ مسلم ليگ ۾ عليحدگي ٿيڻ ڪري اعظم هوتي ٻن هفتن تائين استعيفا نه ڏني ۽ ان ٺيڪي واري ”معاملي“ کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو پر ڪامورن کي عليحدگيءَ واري خبر ملي ته هنن اعظم هوتيءَ جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان فائدو ملندڙ همراهه وڃي شهباز شريف سان رابطو ڪيو. منٿ ڪئي ۽ گهڻو ڪجهه آڊيو ٽيپ ذريعي تفصيلي احوال ٽيپ ڪري کيس ڏنو ۽ اسٽامپ پيپر تي به لکي ڏنو. اهي ۽ اهڙن ڪجهه ٻين معاملن کان پوءِ اعظم هوتي پنهنجي ڀيڻ بيگم نسيم ولي سان ڳالهايو. بيگم نسيم ولي سان ملڻ کان پوءِ اعظم هوتي شهباز سان مليو جنهن کيس ٽاسڪ ڏنو ته اي اين پي جو حڪومت سان واپس اتحاد ڪرايو، جيئن پونم جا تڏا گول ٿين. اعظم هوتيءَ سان ساٿ ڏيڻ لاءِ بلور فيملي ۽ فريد طوفان به گڏيا. بلور برادرز ڪنهن سان وڙهڻ بدران ان لاءِ ڪم ڪرڻ کي سدائين ترجيح ڏيندا آهن سندن هونئن به ميان برادرز سان سٺا ناتا آهن ۽ بلور ئي اصل ۾ اي اين پي جا فنانسر آهن. بلور برادرز، اعظم هوتيءَ سان سهڪار شروع ڪيو ته فريد طوفان به ساڻن گڏ ٿي ويو. هونئن ته فريد طوفان اي اين پي سرحد جو جنرل سيڪريٽري آهي ۽ ڪافي هارڊ لائينر طور مشهور آهي پر هن دفعي وزارت ملڻ سبب يارويسي ڪندي اهڙا به ڪم ڪري ويٺو جو هن خلاف به ٻه ٽي فائيل تيار ڪرڻ ۾ خفيه ادارن کي آساني ٿي پئي. فريد طوفان جي وزارت بابت تفصيل وارا فائيل به شهباز شريف وٽ هجڻ بابت افواهه آهن. ان بعد بلور برادرز، فريد طوفان، اعظم هوتي گڏجي بيگم نسيم ولي سان حڪمت عملي ٺاهي اي اين پي جو مسلم ليگ سان ٻيهر ٺاهه ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون. جڏهن ڳالهيون ميچوئر ٿيڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿيون ته شهباز شريف پنهنجي جگري يار چوڌري نثار کي وري ڳالهين لاءِ مقرر ڪيو. گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن ۾ ولي خان کي بيگم نسيم ولي اعتماد ۾ ورتو ته نواز شريف اوهان وٽ 16 فيبروري تي اچي توهان کي پرچائيندو ۽ پختونخواهه نالو به سرحد جو رکڻ لاءِ تيار ٿيو آهي. ان جو اعلان به ڪندو. وڌيڪ ولي خان کي بيگم صاحبه ڪجهه نه ٻڌايو. ولي خان چيو ته ڀلي اچي. اها خبر جڏهن اي اين پي جي ٻين ليڊرن کي پئي ته هنن سخت احتجاج ڪيو. اجمل خٽڪ، اسفند يار ولي، قاضي انور ۽ ٻين نوجوان پٺاڻ پارليامينٽيرين سميت مرڪزي اڳواڻن استعيفا جي ڌمڪي ڏني.
مسلم ليگ سان اتحاد واري سوال تي اي اين پي ۾ ٿيل ڏڦيڙ سبب وڏو گوڙ ٿي ويو ۽ خود اي اين پي جو وجود سواليه نشان بڻجي ويو. اهڙي صورتحال ۾ اعظم هوتيءَ وارا بيگم نسيم ولي سميت ڍرا ٿي ويا. نواز شريف سان ملڻ کان ولي خان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اڄ 16 فيبروري تي رٿيل ملاقات رد ڪئي وئي. حڪومت وارا مهرا ناڪام ٿيڻ سبب گيم خراب ٿي وئي. جنهن کان پوءِ فريد طوفان جي گهر چوڏهين فيبروري جي شام جو يعني 15هين جي رات جو ڇاپو هنيو ويو پر فريد طوفان موجود نه هو. اهو ڇاپو کيس ڊيڄارڻ لاءِ هو ۽ في الحال ٽيلر ڏيکاريو ويو اٿس.
پشاور ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان پونم وارن جو ميلو جاري آهي. 14 فيبروري واري اجلاس ۾ بيگم نسيم ولي سان رسول بخش پليجو ۽ يوسف لغاري سميت عطاءُ الله مينگل، اچڪزئي ۽ تاج لانگاهه وارا اٽڪي پيا. مسلم ليگ سان اتحاد بابت ٿيل ڳالهين تي پونم اعتراض ڪيو، پهرين ته بيگم نسيم ولي کين اهو چيو ته مسلم ليگ سان اتحاد وارو مسئلو سندن پارٽيءَ جو اندروني مسئلو آهي ان سان پونم جو ڪجهه نه وڃي. ان جواب تي سمورن پونم جي ”مظلومن“ احتجاج ڪيو ۽ نسيم ولي نيٺ اڌ مان اٿي هلي وئي. جنهن بعد ڪالهه 15 فيبروري تي جڏهن باچا خان جي ورسي ٿي ته ان ۾ يوسف لغاريءَ احتجاج طور تقرير نه ڪئي. پونم ۽ اي اين پي وچ ۾ ته جهيڙو وڌي ويو هو ۽ پونم وارن اصولي فيصلو ڪيو ته اي اين پي وارا يا پونم سان هلن يا مسلم ليگ سان. اها خبر جڏهن ولي خان کي پئي ته هن مسلم ليگ سان ٿيندڙ ڳالهيون روڪي ڇڏيون. عطاءُ الله مينگل جي ڏڍ تي پونم وارن بيگم نسيم ولي سميت اي اين پي اڳواڻن سان جيڪا جٺ ڪئي اهڙي شايد ڪڏهن ئي ساڻس ٿي هجي. اجمل خٽڪ پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ويو ۽ چوڻ وارا چون ٿا ته اجمل خٽڪ ان حد تائين ولي خان کي چيو ته هو اي اين پي جي مرڪزي صدر جي عهدي تان استعيفا ٿو ڏئي ۽ اهو اعلان باچا خان جي ورسيءَ ۾ ڪندو. پونم وارن جي دٻاءَ کان پوءِ نسيم ولي وارا Defensive ٿي ويا ۽ اجمل وارن کي رليف مليو. رات دير تائين اي اين پي وارا اجمل کي پرچائڻ ۾ پورا هئا. هونئن ته رسول بخش پليجو، بيگم نسيم ولي کان پراڻا پلاند پيو اوڳاڙي باقي ماما يوسف به گهٽ ڪو نه ڪئي. باقي لانگاهه عطاءُ الله مينگل جي ڪلهي تي بندوق رکي پئي هلائي.
ڪالهه 15 فيبروري تي پونم جي اڳواڻن جي ولي خان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اچڪزئي، عطاءُ الله مينگل، رسول بخش پليجو ۽ يوسف لغاري ولي خان سان ڏند چڪ ڏنا ۽ کيس چيو ته اوهين يا ته پونم سان هلو يا مسلم ليگ سان. ولي خان جو موقف هو ته مسلم ليگ سان صرف پختونخواهه بابت ڳالهيون ٿيون آهن. ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ليگ سان نه ٿيندي. ولي خان جي ان موقف تي يوسف لغاريءَ اعتراض ڪيو ۽ چيو ته پختونخواهه هاڻي پونم جو مسئلو آهي. ان معاملي بابت پونم کي باءِ پاس ڪري حڪومت سان نه ڳالهايو. جنهن تي ولي خان ٿورو چڙيو. بعد ۾ عطاءُ الله مينگل ۽ اچڪزئي جي مداخلت بعد ولي خان ٿڌو ٿيو. اچڪزئي ولي خان کي چيو ته اوهين رهبر آهيو ۽ پونم جي رهبري سنڀاليو، اهڙي آڇ بعد هو مڃي ويو ۽ معاملو ٿڌو ٿيو.
پونم اندر ٻيو به ڦڏو هلي رهيو آهي. پاڪستان جي جاگرافيائي ونڊ ورڇ واري سوال تي اندروني طور پونم ۾ اختلاف آهن جيڪي سلجهائڻ لاءِ ڪوششون هلي رهيون آهن. محمود خان اچڪزئي وارن جو زور آهي ته بلوچستان جي پٺاڻ علائقن تي مشتمل سدرن پختونخواهه ٺاهيو وڃي ۽ ڪوئيٽا ان ۾ شامل ڪيو وڃي. عطاءُ الله مينگل وارا بلوچستان جي ورهاڱي تي متفق آهن پر ڪوئيٽا تان هٿ نٿا کڻن. بلوچن جو مطالبو آهي ته ڊيره اسماعيل خان ۽ ڊيره غازي خان کي بلوچستان ۾ شامل ڪيو وڃي. پٺاڻ ڊيره اسماعيل خان ۽ سرائيڪي ڊيره غازي تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهن. بلوچن جا ان سوال تي سرائڪين ۽ پٺاڻن سان اختلاف آهن. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪو به اختلاف ناهي. سرائڪين ساهيوال کان اٽڪ تائين پنجاب ڊڪليئر ڪري باقي علائقن کي سرائڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هو سرگوڌا ۽ فيصل آباد ڊويزن جو اڌ علائقو به سرائيڪي صوبي ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا. انهن معاملن بابت اختلاف راءِ سبب اڃا تائين آئيني ترميم جي بل وارو مسودو مڪمل طور تيار نه ٿي سگهيو آهي. گذريل رات به پشاور ۾ پونم جو اجلاس جاري هو جنهن جا تفصيل هي رپورٽ لکڻ تائين نه ملي سگهيا هئا.
(16 فيبروري 1999ع)