تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

بجيٽ پاس ٿيڻ کان اڳي جا رسڻ ۽ پرچڻ

بجيٽ پاس ٿيڻ کان اڳي جا رسڻ ۽ پرچڻ

ميان نواز شريف اهو پهريون شخص آهي، جنهن 96-95ع جي بجيٽ وانگر 96-97ع جي بجيٽ پيش ٿيڻ بعد سڀ کان اڳ ۾ مخالفت ڪندي، بجيٽ کي ظالم قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. فرق اهو هو ته گذريل سال هن بجيٽ کي قاتل قرار ڏنو هو ۽ هن سال ظالم. هن دفعي جيتوڻيڪ ميان صاحب 23 جون تي بجيٽ خلاف ملڪي سطح تي هڙتال جو سڏ ڏنو آهي، پر کانئس اڳ ئي جماعت اسلامي بجيٽ خلاف 24 جون ۽ فضل الرحمان 28 جون تي ملڪي سطح تي احتجاج جو سڏ ڏئي چڪا آهن.
مسلم ليگي سربراهه جماعت اسلامي جي احتجاج واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ احتجاج جو اعلان ڪري جماعت وارن جي پروگرام کي ايئن سبوتاز ڪيو آهي، جهڙي طرح ڪالاباغ ڊيم ۽ بهارين جي آباد ڪاري خلاف شايد 92ع ۾ ڄام ساقي جي لانگ مارچ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ رسول بخش پليجو هن کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو. ڄام ساقي ته اوٻاوڙي کان لانگ مارچ ڪيو هو، پر پليجي صاحب شارٽ ڪٽ ڪري سکر کان ئي ڪم شروع ڪيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڄام جنهن مهل ڪراچي پهتو هو ته سندس پير سڄيل هئا ۽ پيرن ۾ لڦون پڻ هئس، پر پليجو صاحب گهڻو ڪري شاهراهه فيصل تي پنهنجي پانڌين سان گڏجي پريس ڪلب پهتو هو. پليجي صاحب کان ان مهل 3 سوال پڇيا ويا هئا. 1- اوهان ڄام کان هڪ ڏينهن اڳ لانگ مارچ شارٽ ڪٽ هڻي ڇو شروع ڪيو؟ 2- اوهان پاڻ گهڻا ڏينهن پنڌ ڪيو ۽ ٽيون سوال به لڳ ڀڳ اهڙو ئي هو ته انهن ٽنهي سوالن جي جواب ۾ پليجو صاحب نوڪمينٽ چيو هو.
مولانا فضل الرحمان جنهن کي راولپنڊي ۽ لاهور جون اخبارون ڪجهه وقت اڳ ”پرمٽ رحمان“ به لکنديون هيون، ان پاران هن دفعي بجيٽ واري مسئلي تي حڪومت سان اختلاف جو اعلان ڪرڻ واري تمام وڏي خبر کي اخبارن لفٽ ان ڪري نه ڪرائي آهي، جو هو وقفي سان اهڙا اعلان اڳ ۾ به ڪندو رهيو آهي.
مولانا صاحب جيڪو ٿورن ڏينهن ۾ حڪومت پاران رابطو ڪرڻ تي ٺهي ويندو هو، اهو هن دفعي پڙ ڪڍي بيٺو آهي. ايتري قدر جو آصف زرداري کي به جواب ڏيئي ڇڏيو اٿائين. مدرسن مان اسلام جي اعليٰ تعليم وٺندڙ فضل الرحمان صاحب، جيڪو اتفاق سان قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو سربراهه پڻ آهي. اهو تازو ڪافي يورپي ملڪن جا دورا ڪري موٽيو آهي ۽ خير سان سندس خرچن جو تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش به ٿي چڪو آهي. تنهن ۾ ”اڻ ٻڌايل خرچ“ جي مد ۾ به ڪجهه رقم آهي. جيڪڏهن حڪمرانن مولانا جو لحاظ ڪندي سميع الحق واري ڪار نه ڪئي ته به افغانستان ڏانهن سوشل ويلفيئر (نان رجسٽرڊ) تنظيمن جي نالي تي کاڌي پيتي، ڊيزل ۽ گاسليٽ موڪلڻ وارين پرمٽن جو فائيل به ڳرو آهي. مولانا فضل الرحمان پاران حڪومت تي ڀرپور تنقيد ڪرڻ بابت سندس پارٽي جي هڪ پارليامينٽ ميمبر ٻڌايو ته ”هاڻي مولانا کي پڪ ٿي وئي آهي ته پاڻ واري سنگت گهڻو وقت اقتدار جي گهوڙي تي سوار نه رهندي.“ تڏهن ئي هن سنجهي سان ٽپڙ ويڙهيا آهن، بهرحال جيڪو ٿيندو جلد خبر پئجي ويندي.
بجيٽ خلاف هن دفعي مسلم ليگ (ن) جو اندازو وري به ساڳيو آهي، جيڪو 96-95ع دوران هو، پر پراڻي تجربي جي بنياد تي هن دفعي فيصلا سوچي سمجهي ڪيا پيا وڃن. هنن جو قدرتي ڀلو اهو به ٿيو آهي، جو نصير الله بابر اڳوڻي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل اسد دراني پاران مهراڻ بئنڪ مان ورتل 14 ڪروڙ، جيڪي هن اسلم بيگ جي صلاح سان خرچ ڪيا هئا، ان رقم مان جنرل جي بقول ته هن جتوئي صاحب کي 50 لک رپيا ڏنا هئا ۽ مزاري کي به خرچي ڪرائي هئي. اها ڳالهه نصير الله بابر قومي اسيمبلي ۾ ڇيڙي ٻنهي اڳوڻن وزيراعظمن ۽ ڪراڙن شينهن کي رنجايو آهي. اهي ٻئي به هن وقت حڪومت تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهن. ٻن هفتن کان پوءِ وضاحت ڪرڻ بعد ٻنهي ڪراڙن شينهن قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي ڪاوڙ ماريندي نواز شريف جي احتسابي عدالتي ڪميشن جي حمايت ڪري، نواز شريف کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. اهي ڪراڙا به مسلم ليگ جا آزمايل آهن. تحريڪ نجات دوران نواز شريف کي ڪوٺي تي چاڙهي ڏاڪڻ کسڪائڻ وارا هي جهونا اڃا تائين ياد آهن، پر پوءِ به حڪومت مخالف هئڻ جي صورت ۾، نواز شريف مصلحت کان ڪم وٺندي کين گڏ کڻي هلندو.
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته 97-96ع جي بجيٽ سخت آهي. زراعت تي لڳايل ٽيڪس واري فيصلي سان آءِ ايم ايف وارا ته خوش ٿيا آهن، پر مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي رڌڻي ۾ رولو آهي. نواز ليگ جنهن ۾ واضح طور صنعتڪارن ۽ جاگيردارن جا گروپ آهن، اهي هن وقت منظر عام تي تيزيءَ سان آيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ تقريرن دوران صنعتڪار زرعي ٽيڪس جو ذڪر ئي نٿا ڪن ۽ زميندار وري زرعي ٽيڪس کانسواءِ ٻئي ڪنهن مسئلي تي نٿا ڳالهائين. جاگيردارن جي اڪثريتي جماعت پيپلزپارٽي ۾ پڻ اختلاف راءِ چٽا ٿي اڀريا آهن. في الحال ته اهي بند اجلاس تائين محدود آهن، پر صورتحال مان لڳي ٿو ته اهي جاگيردار زرعي ٽئڪس ۾ ٻيڻ تي اضافي وارو فيصلو هضم نه ڪري سگهندا ۽ اوٻر ضرور ٻاهر ڪڍندا.
مخالف ڌر وارن کي حڪومت داءُ ڀلو ڏنو آهي، جيڪڏهن هي داءُ به کانئن هليو ويو ته پوءِ وٽن اخلاقي طور رضاڪارانه استعيفائون ڏئي، ڪو ٻيو ڌنڌو سنڀالڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه بچندو. هن دفعي تڏهن ئي مسلم ليگ جا ميمبر خوش آهن ۽ چون پيا ته آڪٽوبر 96ع ۾ ”گل مڪ جا سي“. مسلم ليگ وارا اهڙيون خواهشون ته سالن کان دل ۾ سانڍي ويٺا آهن، پر خواهشن جي تڪميل لاءِ جاني ۽ مالي قربانيون ڏيڻ کان ڪيٻائيندا رهيا آهن. ڪجهه ميمبرن نه چاهيندي به استعيفا ڏيڻ جو نواز شريف سان قسم تي واعدو ڪيو آهي ۽ گرفتاريون ڏيڻ لاءِ به پڪ ڪرائي آهي. دلين جا حال خدا ٿو ڄاڻي، ايمان مهمان آهي. نواز کوکر ۽ زهير اڪرم نديم جا مثال موجود آهن، جيڪي لوٽا ٿيڻ کان صرف چند ڏينهن اڳ به مسلم ليگ جي احتجاجن ۾ ايڏي ته ولولي ۽ جذبي سان ايندا هئا جو نواز شريف کي به ڪڏهن ڪڏهن شڪ ٿيندو هو ته ٻيا سڀ هليا به ويا، ته به هي نه ويندا.
بقول مسلم ليگي ڦڙتيلي اڌ سفيد مٿي واري ايم اين اي جي ته جڏهن مريءَ واري نواز شريف جي زال کي تحفي ۾ مليل بنگلي ۾ ڪجهه مهينا اڳ ملاقات دوران آمريڪي سفارتڪار رابن رافيل چيو هو ته 97ع ۾ اليڪشن ٿيندي، ان جي باوجود نواز شريف جيڪڏهن تڪڙ ڪئي آهي ته اها به ڪنهن پڪي آسري کانسواءِ نه هوندي، ڇو ته گذريل سال وارو تاريخي تجربو اسان جي سامهون آهي.
ڪجهه وقت اڳ هن ئي ڪالم ۾ اوهان پڙهيو هو ته محلاتي سازشون شروع ٿيڻ جي بوءِ اچي رهي آهي. اها خفيه چرپر هاڻي آهستي آهستي وسيع ٿيندي منظر عام تي اچي رهي آهي. ڇو ته جتوئي ، جمالي ۽ مزاري به پڙ ۾ آيا آهن. چٺو به نه چاهڻ جي باوجود، دونهو دکائي رهيو آهي، باقي نصرالله کي پراڻن احسانن جي بدلي سان وٽو به چنبڙيو پيو آهي. مولانا فضل الرحمان به رومال ڪلهي تي رکي ميدان ۾ اچي چڪو آهي. ارباب غلام رحيم سميت کوڙ سارا همراهه جتوئي ۽ مزاري سان ملي کين آسرا ڏئي چڪا آهن. جولاءِ ۾ ڀڀڙ ڀڙڪڻ وارو آهي، ڇو ته سرڪار هر حالت ۾ 500.2 ارب رپين جي خرچ واري بجيٽ جون 29 کان اڳ پاس ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ۽ مخالف ڌر پاران خرچن ۾ ڪٽوتي ۽ جمع ڪرايل 700 رٿون ڪيون وينديون. حڪمران ڌر پنهنجي ميمبرن کي اڄڪلهه ناشتو، مانجهاندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن رات جي ماني به روزانو کارائي رهي آهي. وزيراعظم روزانو 10 کان 15 ايم اين ايز سان ملاقاتون ڪري، سندن ڪمن ڪارين جون لسٽون وٺي، کين هر وقت اجلاس ۾ موجود رهڻ جون هدايتون ڪري، کلي کيڪاري پڻ رهي آهي. باقي 29 جون گذرڻ ڏيو، پوءِ وري انهن ايم اين ايز جا ملاقات لاءِ ساڳيا پنڌ هوندا.
(22 جون 1996ع)