آصف جا سيڪس اسڪينڊلز ۽ پ پ وارن جي پريشاني
مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي جاچ ڪندڙ عدالتي ٽربيونل جو سربراهه جسٽس ناصر اسلم زاهد اصرار ڪري رهيو آهي ته سندس رپورٽ سرڪاري طور شايع ڪري پڌري ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ هن قانون واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري کي خط پڻ لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت رپورٽ پڌري نه ڪري ته پوءِ اسين رپورٽ لکنداسين ئي ڪو نه، ڇو ته ماضي وانگر جيڪڏهن هي رپورٽ به دٻائي وئي ته ٽربيونل جي ڪارروائي بي ڪار ثابت ٿيندي. جسٽس ناصر اسلم زاهد جي ان قانوني طور جائز موقف کي حڪومت تسليم ڪندي کيس پڪ ڪرائي آهي ته رپورٽ شايع ڪرائي ويندي. جسٽس ناصر اسلم زاهد جيڪو ٻن ڏينهن کان اسلام آباد ۾ هو تنهن ان ڏس ۾ واسطيدار اختيارين سان ملاقاتون به ڪيون. ڏسون ته آصف کي ٽربيونل ڏوهي قرار ڏئي ٿو يا آجو ٿو ڪري. جيڪو ڪجهه به ٿيو اها وڏي خبر هوندي. گادي واري شهر جي سياسي مبصرن ۽ پنڊتن جو خيال آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي ڪيريئر ٺاهڻ يا خراب ڪرڻ ۾ پڻ هي رپورٽ اهم ڪردار ادا ڪندي، جيڪڏهن آصف کي آجو قرار ڏنو ويو ته اها نه صرف آصف پر محترمه ۽ سندس پارٽي جي اخلاقي فتح هوندي ۽ جيڪڏهن آصف تي ڏوهه ثابت ٿيو ته ان جا منفي اثر پ پ ۽ بي بي تي ايترا پوندا جنهن جو في الحال اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي.
اڄڪلهه ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال به خراب آهي. خاص ڪري سنڌ ۾ ته وري ساڳيو بدامني وارو زور ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ پيو اچي. دهشتگردي ۽ خاص ڪري فرقيوارانه دهشتگردي وڌي وئي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نئون قانون متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ان جو ڊرافٽ به تيار ٿيو پر عوامي نيشنل پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي مخالفت سبب اهو ڊرافٽ منظور نه ٿي سگهيو. هن ڊرافٽ ۾ اهو به هو ته دهشتگردن کي هڪدم سزا ملندي ۽ عدالت 30 ڏينهن اندر دهشتگردن کي سخت سزا ڏيڻ جي پابند هوندي. دهشتگردي ۾ ملوث ملزم جي ضمانت نه ٿيندي ۽ دهشتگردن جي ملڪيت ضبط ڪئي ويندي وغيره وغيره. اهو قانون جڏهن حڪومت جي حامي ڌرين جي قانوندانن تي مشتمل ڪاميٽي آڏو ويو ته ان مهل ايم ڪيو ايم جي آفتاب شيخ گوڙ ڪيو ته هن قانون ۾ اها شق به شامل ڪريو ته رياستي دهشتگردي ۾ ملوث فورسز جي اهلڪارن کي به ساڳي نوعيت جي سزا ملندي. يعني جيڪڏهن پوليس، رينجرز يا ڪنهن ٻي ايجنسي جو اهلڪار دهشتگردي ۾ ملوث هوندو ته ان کي به سزا ڏني وڃي. ان موقف جي اي اين پي وارن به حمايت ڪئي جنهن تي معاملو ڳڙ ٻڙ ٿيو ۽ اجلاس بنا فيصلي ختم ٿي ويو. جنهن بعد خالد انور جنهن جا عدليا سان سٺا ناتا رهيا آهن تنهن چيف جسٽس سجاد علي شاهه ۽ نواز شريف وچ ۾ ملاقات جو بندوبست ڪرايو جنهن ۾ ان مسئلي جو وچٿرو حل اهو ڳوليو ويو ته بجاءِ نئون قانون آڻن جي موجوده قانونن ۾ ترميم ڪئي وڃي ۽ دهشتگردن لاءِ سخت سزائون مقرر ڪيون وڃن. ان لاءِ بقول نواز شريف ۽ خالد انور جي (جيڪو هنن 20 مئي تي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي) ته چيف جسٽس سجاد علي شاهه ان ڏس ۾ حڪومت جي مدد لاءِ راضي آهي. ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جيڪڏهن پنهنجي موقف تي قائم رهيا ۽ اهو مڃرائڻ لاءِ زور ڀريائون ته حڪومت لاءِ نئون قانون ته ٺهيو پر موجوده قانون ۾ ترميم ڪرڻ به ڏکيو ٿي پوندو. اسيمبلي مان جيڪڏهن هي ترميمي بل پاس به ٿي ويو ته سينيٽ ۾ مشڪل ٿيندي ڇو ته ان معاملي تي انساني حقن جي اوٽ وٺي پ پ وارا به ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي موقف جي حمايت ڪري سگهن ٿا جنهن سان حڪومت لاءِ خراب صورتحال پيدا ٿيندي.
تازو وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي احتساب سيل پاران آصف زرداري کي سيڪس اسڪينڊل ۾ ملوث ڪرڻ بابت جيڪي خبرون اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن تن تي پ پ وارا چڙي پيا آهن ۽ پ پ وارن نواز شريف، شهباز شريف، چوڌري شجاعت، پرويز الاهي ۽ لياقت جتوئي سميت هڪ درجن کان وڌيڪ ليگي ميمبرن خلاف ريفرنس تيار ڪري سپريم ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 184 هيٺ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ريفرنس جي تياري جو ڪم اعتزاز احسن ۽ رضا رباني ڪري رهيا آهن. مبينا طور ڪرپشن ۾ ملوث ليگي اڳواڻن بابت مواد گڏ ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار احمد مختار جيڪو پ پ جو سيڪريٽري جنرل آهي سو ڪري رهيو آهي. گجرات جي چوڌري، بوٽن جي مشهور ڪمپني . ”سروس“ جي مالڪ ۽ تجارت واري سابق وزير احمد مختار ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ صحافين جي مدد پڻ حاصل ڪئي آهي. بلڪل اهڙي طرح جهڙي ريت مسلم ليگ جو خواجا آصف ڪندو هو. سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس جي پيروي پ پ پاران شريف الدين پيرزادو ڪندو. ريفرنس ۾ عدالت کي اهو به چيو ويندو ته حڪومت، مخالف ڌر جو ميڊيا ٽرائل ڪري کين بدنام ڪرڻ بند ڪري، جيڪڏهن وٽس ثبوت آهن ته عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪيا وڃن، ٻيو ته هڪ طرفو احتساب نه ڪيو وڃي. اهو ريفرنس ايندڙ هڪ اڌ هفتي اندر سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. عدليا جنهن کي هر قسم جا برا ڀلا لفظ چئي پ پ وارا ان تي تنقيد ڪندا هئا. هاڻي اهي ڦاسڻ بعد رليف لاءِ اوڏانهن ئي واجهائين پيا. ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي. سندن ريفرنس سپريم ڪورٽ جي جرسڊڪشن ۾ به آهي يا نه. بهرحال اهو ته عدليا پاڻ فيصلو ڪندي.
پ پ وارا اڄڪلهه محترمه بينظير ڀٽو جي پريس ڏانهن اختيار ڪيل رويي تي پريشان آهن. هڪ پاسي محترمه اخبارن کي گهٽ وڌ پئي چوي، ته ٻئي پاسي اعتزاز احسن ۽ رضا رباني سميت ڪيترائي ماڻهو صحافين ۽ ايڊيٽرن جي در در وڃي ساڻن پي آر ڪري رهيا آهن. خاص ڪري آصف زرداري جي فلمي اداڪارائن ريما، مديحه ۽ نيلي وغيره سان اسڪينڊلز سبب محترمه ۽ ٻيا پ پ وارا پريشان آهن. محترمه پ پ وارن کي چيو آهي ته اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر حڪومت خلاف ڀرپور محاذ کوليو. ڏسون ته سندن لائين تي ڇا ٿو ٿئي. پ پ جا ڪجهه سنجيده ماڻهو محترمه جي پريس ڏانهن اختيار ڪيل رويي سبب سخت پريشان آهن، هو کيس چون به ٿا ته پريس سان نه اچايو.
تازو محترمه آمريڪا ۾ 3 يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيڻ بعد وطن موٽي آهي. هن کي ليڪچرن جو معاوضو مبينه طور 80 هزار ڊالر مليو پر پ پ جو آمريڪا ۾ ويٺل پراڻو لابيسٽ مارڪ سهگل جنهن ليڪچرن جو بندوبست ڪيو تنهن 20 هزار ڊالر ڪميشن ورتي. نه صرف هن پر جنهن ماڻهو هيري واڪر ذريعي هنن ليڪچرن جو بندوبست ڪيو تنهن 20 هزار ڊالر ڪميشن ورتي. جنهن بعد محترمه جي صافي بچت 60 هزار ڊالر (24 لک رپيا) ٿئي ٿي. ايئن هوءَ گهمي به آئي ۽ پئسا به ڪمائي آئي.
لاهور جي اردو اخبار ”پاڪستان“ جي 11 مئي 1997ع واري اشاعت ۾ خبر آئي آهي ته مارڪ سهگل بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ناهيد خان کي 5 مارچ تي لکيل پنهنجي خط ۾ ڄاڻايو آهي ته بينظير ڀٽو آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ هڪ جائيداد جي مالڪ آهي جتي هن نادل اير ون هنڊ سچل سان شراڪتداريءَ ۾ هڪ رهائش گاهه خريد ڪئي آهي. اخبار لکي ٿي ته ان ڏس ۾ جڏهن ناهيد خان سان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته نادل ايرون بينظير ڀٽو جي دوست آهي ۽ آمريڪا ۾ بينظير انهيءَ وٽ ئي مهمان هئي. اها ڳالهه اخبار پاڪستان جي خبر ۾ به ڄاڻايل آهي ته ڪجهه ماڻهو اهو خط اسلام آباد جي مختلف شخصيتن ۾ ورهائي رهيا آهن. اهڙي هڪ ڪاپي مون کي به هٿ چڙهي آهي جنهن ۾ وڏيون خبرون آهن. هن خط جي البته پ پ وارن ترديد ڪئي آهي ته اهو مارڪ ڪو نه لکيو آهي.
تازو درٻيلي جو شاهه سائين ظفر شاهه آيو هو ۽ صدر لغاري سان ملاقات ڪري موٽي ويو. 85ع کان وٺي 93ع تائين لڳاتار 4 دفعا ايم اين اي رهندڙ ظفر شاهه هن دفعي هارائي ويو. سندس حلقي وارن جو چوڻ آهي ته هو جوکين کانسواءِ ڪنهن سان ملندو ئي ڪو نه هو. صدر لغاري جي چوڻ تي شهيد ڀٽو جوائن ڪندڙ ظفر شاهه کي سچ ته هن دفعي واقعي ڌڪ اچي ويو. هن کي مٿان جي پڪ هئي ته هو کٽيندو پر سندس آسرن ۾ لاهه پٽجي ويا. همراهه چپ چپات ۾ اسلام آباد آيو، صدر سان ملي ڪراچي هليو ويو. هاڻي ته صبر سان رهڻ ڏکيو هوندو. بهرحال الله هن کي برداشت جي توفيق ڏيندو.
وزيراعظم نواز شريف تازو بيان ڏنو آهي ته ٽيڪس جي وصولي جو ٽارگيٽ جيڪو 348 ارب رپيا هو ان جي وصولي 280 ارب رپيا به مشڪل سان ٿيندي يعني 68 ارب رپين جو گيپ هوندو. اهڙي فرق سبب ايندڙ بجيٽ ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي. سندس اهڙي بيان بعد سينيٽر سيف الرحمان جيڪو احتساب سيل جو چيئرمين آهي تنهن وٺ وٺان لائي ڏني آهي ۽ ڊيفالٽرن کان رقمن جي وصولي ۾ مصروف آهي جيئن خسارو ڪجهه گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. هن شان گروپ جي ملڪ ناصر شان جيڪو ملڪ کان ٻاهر آهي تنهن تي ايترو ته دٻاءُ وڌو آهي جو هو پنهنجي ملڪيت وڪڻي به حڪومت کي هڪ ارب 75 ڪروڙ رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهي. 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم هن ادا به ڪئي آهي. ناصر شان هونئن ته پئسي ۽ مرتبي جي لحاظ کان سيف الرحمان کي گاهه ئي ڪو نه وجهندو هو پر اڄڪلهه عتاب ۾ آهي. ڇو ته هن کي خبر آهي ته سيف الرحمان چند سال اڳ مالي طرح ڇا هو ۽ سندس والد جو لاهور ۾ ميڊيڪل اسٽور هو پر نواز شريف جي وڏ وزارت وارن ڏينهن ۾ سيف الرحمان ريڊڪو گروپ آف ڪمپنيز جو مالڪ بڻجي ويو. سيف الرحمان شيرٽن هوٽل جي مالڪ تي به زور وڌو آهي. جنهن به 53 ڪروڙ رپيا ڏئي جيئدان وٺڻ جي آڇ ڪئي آهي، بهرحال جيڪو به آهي، سيف الرحمان بجيٽ جو خسارو گهٽائي پيو.
(22 مئي 1997ع)