پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ذڪر شائوٽنگ ۽ نڪتل پگهر جو!
عوامي اتحاد ۾ اختلافن سبب طاهر القادري ۽ اسلم بيگ جي عليحدگيءَ واري اعلان کان پوءِ پيپلزپارٽيءَ کي ٻيو جهٽڪو وري ڪالهه پارليامينٽ ۾ ان وقت لڳو آهي جڏهن صدر تارڙ جي تقرير دوران پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کانسواءِ اپوزيشن جي ٻين پارٽين جي هڪ به ميمبر احتجاج نه ڪيو. غير متوقع طور تي اپوزيشن وارا پريشان هئا ته اي اين پي، بي اين پي، بي اين ايم، جي يو آءِ، جي ڊبليو پي ۽ ٻين پارٽين وارا ايم اين اي ۽ سينيٽر سينيٽ ۾ گڏيل اپوزيشن ۾ هوندي به تارڙ جي تقرير دوران احتجاج ڇو نٿا ڪن. پاڪستان ۾ گذريل 10 سالن کان گهٽ ۾ گهٽ ايئن ئي ٿيو آهي ته 2 سال جيڪا به پارٽي اڪيلي طور يا اتحادين جي مدد سان اقتدار هلائيندي آهي ته ان عرصي کان پوءِ حڪومتي ڌر ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ اپوزيشن مضبوط کان مضبوط ٿيندي ويندي آهي پر جهڙي نموني نواز شريف هر اڻ ٿيڻو ڪم ڪيو آهي ۽ پنهنجي انفراديت قائم رکي آهي، تنهن پنهنجي حڪمت عمليءَ سان پاڻ يعني حڪومتي ڌرين کي ته Intact نه رکي سگهيو آهي پر اپوزيشن کي به متحد ٿيڻ نه ڏنو آهي. جنوريءَ جي شروع ۾ ڪاوش ۾ هڪ خبر منهنجي ئي حوالي سان شايع ٿي هئي. جنهن ۾ پهريون دفعو هڪ وفاقي وزير جي حوالي سان انڪشاف ڪيو ويو هو ته مارچ ۾ بينظير ڀٽو حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو سوچي پئي پر هن کي ان جي مهلت نه ملندي. محترمه کي احتساب بينچ سزا ڏيندي، حڪومت کيس جيل ۾ وجهندي ۽ نااهل ڪرائيندي. نه صرف محترمه کي پر آصف زرداريءَ کي به، ان خبر ۾ اهو به هو ته عوامي اتحاد ۾ ڏار وجهڻ لاءِ حڪومتي مشينري حرڪت ۾ اچي وئي آهي. پونم ۽ پ پ ۾ معاملو پيدا ڪرڻ لاءِ ڪارروايون شروع آهن. حڪومت جي ان حڪمت عمليءَ هيٺ ستن هفتن جي لڳاتار ڪوششن ۾ کين ڪاميابي حاصل ٿي چڪي آهي. جنهن جو عملي مظاهرو ڪالهه ڏسڻ ۾ آيو. ڪالهه خميس تي صبح جو اخبارن ۾ عوامي اتحاد ٽٽڻ جون خبرون آيون، پ پ وارن اهي پڙهڻ بعد جڏهن پارليامينٽ جو رخ ڪيو ۽ 10 وڳي رفيق تارڙ جي خطاب دوران پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مهل کين ٻيو جهٽڪو تڏهن لڳو جڏهن احتجاج ۾ ڪنهن به ٻي اپوزيشن پارٽيءَ ساڻن ساٿ نه ڏنو. حڪومت وارا ڏاڍا خوش هئا جڏهن اسفند يار ولي ۽ زاهد خان جهڙا ڪڙڪيدار ماڻهو ماٺ هئا. محترمه منڍ ۾ ته خاموش رهي پر هر هر ڪنڌ ڦيرائي پوئتي تڪيندي رهي ته ٻين پارٽين وارا ڪڏهن ٿا اٿن. جڏهن ڪو نه اٿيو ته محترمه پاڻ اٿي ۽ اهو پهريون دفعو هو جو محترمه بينظير ڀٽو جيڪا وزيراعظم نواز شريف کان ٽن فوٽن جي مفاصلي تي ساڳئي قطار ۾ ويٺل هئي. تنهن پاڻ نواز شريف جي موجودگيءَ ۾ وزيراعظم تي شائوٽنگ ڪئي، ۽ کيس ڊيفالٽر، قرض خور ۽ بجلي چور سڏيو. نواز شريف ڪنڌ ڦيرائي پري منهن ڪري ڪنن تي هيڊ فون چاڙهي تارڙ جي تقرير ٻڌندو رهيو.
حڪومت پ پ وارين اتحادي ڌرين کي پ پ کان پري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي هاڻي خود پ پ جي ليڊر شپ آڏو اهو هڪ وڏو چئلينج آهي ته هو ان کي ڪيئن ٿا منهن ڏين؟ پونم وارين ڌرين اهو طئي ڪيو آهي ته جيسين پ پ وارا صوبائي خودمختياريءَ جي سوال تي آئين ۾ ترميم واري بل تي سندن حمايت نه ڪندا تيسين هو پ پ سان تعاون نه ڪندا. جيڪڏهن پونم وارا سمورا گروپ سينيٽ ۾ گڏ ٿين ته اپوزيشن جو وڏو گروپ بڻجي ويندا ۽ پ پ وارن جي اپوزيشن ليڊري به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. پ پ جنهن جي منشور ۾ صوبائي خودمختياري آهي ۽ محترمه ته ”روسو“ واري نظريي موجب ضلعي حڪومتن ۾ يقين رکڻ واري آهي. آخر اها پونم سان ساٿ ڇو نٿي ڏئي. اهو سوال سڀني آڏو آهي. سياسي مبصر چون ٿا ته پ پ جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن ۾ حڪومت جي حڪمت عمليءَ کي ڪائونٽر ڪندي پونم کي پاڻ سان گڏ نه رکيو ته پوءِ پ پ کي اڪيلو ڪري مارڻ ۾ حڪومت کي آساني ٿي پوندي. هيساتئين پونم جي پروگرام کان پري رهڻ واري پ پ جي فيصلي بابت اهي تبصرا ٿيندا هئا ته پونم جي مضبوط ٿيڻ جي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ پ پ کي نئون رول ڏيندي ۽ جان جي امان جي به گارنٽي ڏيندي پر اڃا تائين ايئن بظاهر ٿيو ناهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو به آهي ته اها صرف محترمه کي ئي خبر هوندي. جيڪڏهن اڃا پ پ قيادت پونم سان گڏجي نه ٿي هلي ته پوءِ شايد پڪ ٿي وڃي ته پ پ کي ڪو آسرو يا اشارو مليو آهي. پ پ جي هڪ ٿنڪ ٽئنڪ جو خيال هو ته پونم وارا بليڪ ميلنگ ڪري رهيا آهن ۽ ان ۾ اسين نه اينداسين. اصل ۾ اي اين پي ۽ مسلم ليگ ۾ ٿيل ڳالهين سبب اي اين پي وارا پونم وارن کي پ پ کان پري ڪري رهيا آهن جنهن جو مالي توڙي سياسي فائدو رڳو اي اين پي کي ٿيندو. هاڻي پونم جي ٻين پارٽين تي اهو مدار آهي ته هو اي اين پي کي پونم جي ڊرائيونگ سيٽ ڪيستائين ٿا ڏين؟
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ڪالهه صدر تارڙ ٻيو دفعو خطاب ڪيو آهي. سندس پهرين خطاب تي ئي اڃا سينيٽ ۾ بحث شروع نه ٿي سگهيو آهي ته مٿان ٻيو خطاب اچي ويو آهي. سينيٽ پ پ جو مضبوط مورچو آهي جيڪو هينئر پونم جي ٺهڻ سبب کانئن ڦرجي رهيو آهي، پ پ کي ان سلسلي ۾ سوچي سمجهي تڪڙ ۾ فيصلو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اهو مورچو پ پ کان کسجي ويو ته سندن لاءِ ڏاڍيون مشڪلاتون پيدا ٿينديون ڇو ته پارليامينٽ کان ٻاهر ۽ پارليامينٽ اندر جنهن نموني حڪومت پ پ کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي ۽ هڪ حد تائين ڪامياب به ٿي آهي، ان کي موثر نموني جيڪڏهن پ پ روڪڻ لاءِ حڪمت عملي نه ٺاهي ته سندس لاءِ ڏکيائي پيدا ٿيندي. ڪالهوڪي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي حوالي سان ئي جيئن ته اسان مٿئين موضوع تي بحث پئي ڪيو پر هاڻي ڪجهه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ڪهاڻيءَ ڏانهن ٿا اچون. ڪالهه خميس ڏينهن 10 وڳي کان پهريائين سفارتڪار، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، ڪامورا، مسلم ليگي ليڊر ۽ سندن زالون رنگ برنگي ڪپڙا پائي ايئن پارليامينٽ ڏانهن آيا ڄڻ ڪو تهوار هجي. صدارتي ڊيسڪ تي الاهي بخش سومرو وچ ۾ وسيم سجاد سندس کاٻي ۽ صدر رفيق تارڙ ساڄي پاسي ويٺو هو. صدر جي سفيد ڏاڙهي چمڪي رهي هئي شايد هو تيل به سونهاري کي هڻي آيو هو. ڏهه لڳي پنج منٽن تي ڪارراوئي شروع ٿي. قومي ترانو، تلاوت ۽ ترجمي کان پوءِ صدر تارڙ کي الاهي بخش سومرو خطاب لاءِ سڏ ڪيو ته تارڙ صاحب پنهنجي اڳواٽ لکيل ڪرايل تقرير پڙهڻ شروع ڪئي. ان تقرير بابت هتي جي هڪ اردو اخبار ۾ خبر شايع ڪرائي وئي ته حڪومت پاران تيار ڪيل تقرير صدر تبديل ڪري پاڻ لکي آهي ۽ اڄ هو حڪومت تي تنقيد ڪندو، اها خبر پڙهي کل آئي. خير تقرير ۾ اهڙي ڪا ڳالهه هئي به ڪو نه. آخر هجي به ته ڇو؟ ڇا لاءِ؟ صدر جي تقرير ۾ رڳو تعريف هئي. حڪومت جي پاليسين جي واکاڻ هئي. مالياتي توڙي پرڏيهي پاليسيءَ جي واکاڻ سان مالامال تقرير هو پڙهي رهيو هو ته وزيراعظم زور سان ڊيسڪ وڄائي کيس داد ڏئي رهيو هو. صدر تارڙ جيئن ئي تقرير لاءِ ڊائيس تي آيو ته پي ٽي وي تي اها سڌي طرح ٽيلي ڪاسٽ ٿي رهي هئي. اپوزيشن وارا گوڙ ڪري رهيا هئا پر ٽي وي ڪئميرا تارڙ جي چهري کان هيڏي هوڏي نه وئي. جيتوڻيڪ نونو ۽ گوگو جي نعرن جي اپوزيشن جي گوڙ ۽ زور سان ڊيسڪ وڄائڻ واري شور سبب تارڙ جي تقرير ٻڌڻ ۾ نه پئي آئي پر پوءِ به تارڙ صاحب ڪنڌ مٿي نه ڪيو ۽ لکيل تقرير تڪڙ ۾ پڙهندو ويو. ان جي باوجود به کيس 50 منٽ لڳا. تيز روشنيءَ سبب پيدا ٿيل گرمي يا ڪنهن ٻئي ڪارڻ ڪري سندس پيشانيءَ تي پگهر اچي ويو هو.
جيئن ئي تارڙ صاحب کي سڏ ٿيو ۽ هن بسم الله چئي ته خورشيد شاهه، رضا رباني، واجا ڪريمداد، نويد قمر، فهميده مرزا پ پ پاران پوائنٽ آف آرڊر تي اٿيا ۽ هوڏانهن آفتاب شيخ پنهنجي ايم اين ايز ۽ سينيٽرن واري ايم ڪيو ايمي راڄ ڀاڳ سان گڏ گوڙ ڪرڻ لاءِ اٿيو. ان دوران شاهنواز جوڻيجو اٿيو ۽ چپ چپ ڪري ٻاهر هليو ويو. چاچو شاهنواز چلتو ته ٿيو پر پ پ وارن کيس ڏسي ورتو واجا ڪريمداد سڏ ڪيس پر هن ڄڻ ٻڌو ئي ڪو نه. جيتوڻيڪ غلام قادر چانڊيو. علي نواز شاهه (ٻئي) خالد خان لنڊ ۽ علي محمد خان مهر وارا اجلاس ۾ موجود هوندي به ماٺ هئا. هنن ڪو نعرو ڪو نه هنيو نه ئي گوڙ ڪيو پر اٿي بيٺا هئا. اڳ ۾ ته 20 منٽ بينظير خاموش رهي پر جڏهن ڏٺائين ته گوڙ ۾ مزو ناهي ۽ ايترو شور ناهي جيترا سندن ماڻهو آهن ته پاڻ اٿي ۽ احتجاج ڪرڻ لڳي پر پوءِ به لُنڊ وارا ماٺ رهيا. هونئن به هو شريف ماڻهو آهن، هنن ڪڏهن نعرا هنيا هجن ته احتجاج ڪن. بهرحال خورشيد شاهه، رضا رباني ۽ صفدر عباسي حسب معمول ڪالهه به ميلو لٽي ويا ۽ واهه جو احتجاج ڪيائون. حسين شاهه راشديءَ کي خورشيد شاهه ڏاڍيون ٺوٺيون هنيون، ڌڪا ڏنا ته اڙي ڪا رڙ ڪر، پر حسين شاهه کان به ڪو وڏو آواز نه نڪتو. سينيٽ ۾ لطيفا ٻڌائي مذاق ۾ حڪومت جي بي عزتي ڪرڻ جو ماهر سيد حسين شاهه خورشيد شاهه جي ٺوٺين کان پوءِ اٿيو ته صحيح پر مزو نه ڪيائين. خورشيد شاهه ٻنهي هٿن سان پئي ڊيسڪ وڄـايا. ايم ڪيو ايم واري شيخ لياقت جڏهن رڙيون پئي ڪيون ته ٻن مسلم ليگي ايم ين ايز کيس ٻانهن کان وٺي ماٺ ڪرايو ته چپ ڪر اسان جا ڪن ٿو ڦاڙين. شيخ لياقت رڙ ڪئي ”ڇوڙو تمهارا ڪيا“ ته ليگي سڌا ٿيس ۽ شيخ لياقت ۽ ليگي هٿين پوڻ وارا هئا ته ڪشنچند پارواڻي ٻنهي کي ڇڏايو. ان بعد شيخ لياقت جو گوڙ به وري ٻڌڻ ۾ نه آيو. دعا ڪري پارواڻيءَ کي جنهن سندس جان ڇڏائي نه ته ليگي في الحال ته کيس بج بج ڪري ڇڏين ها.
اپوزيشن کي هال ۾ اهڙي نموني سيٽون مليون هيون جو هڪ هڪ ايم ڪيو ايمي ۽ پيپلي جي اڳيان پويان پنج پنج مسلم ليگي ويٺا هئا. بلڪل ايئن ئي جيئن فٽبال جي عالمي ڪپ جي مئچ ۾ ارجنٽائن جي جڳ مشهور رانديگر ميرا ڊونا کي روڪڻ لاءِ مخالف ٽيم جا 4 رانديگر کيس روڪيندا هئا ته جيئن هو کيڏي نه سگهي.ان جي باوجود به ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وارن نونو گوگو جا نعرا پئي هنيا. ”تارڙ گو، تارڙ نو“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا لڳي رهيا هئا. شيم شيم جا نعرا به زورن تي هئا. گوڙ ايڏو هو جو ڪجهه به سمجهه ۾ نه پيو اچي. اپوزيشن وارن اسپيڪر تي هوٽنگ ڪئي. هو ڪنڌ ڦيرائي مسڪرائيندي صدر تارڙ کي ڏسندو رهيو جنهن جي تقرير ختم ڪرڻ لاءِ ڇڪ ڇڪان هئي. ڪالهوڪي ڊگهي تقرير سان ته هو ايترو ڦاٿو هو جو آئنده جيڪڏهن کيس خطاب جو موقعو مليو ته شايد هو ننڍي تقرير لکي ايندو. وسيم سجاد چپ تي آڱر رکي تماشو ڏسي رهيو هو. اسپيڪر جي کاٻي پاسي واري باڪس ۾ چئني صوبن جا گورنر، بلوچستان ۽ سرحد جا وڏا وزير ويٺا هئا. لياقت جتوئيءَ کي دعوت ملي پر هو ڳوٺ هو، شهباز شريف پرڏيهه ۾ آهي. ان ئي قطار ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه به ويٺا هئا. آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جي هٿ ۾ ”ڏنڊي“ هئي. جڏهن ايوان ۾ هل هنگامو ۽ گوڙ وڌي ويو ۽ محترمه پاڻ به اٿي بيهي احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ته ان مهل ڊپلوميٽ ڏاڍا بيزار هئا. فوجي سربراهه پاڻ ۾ سس پس ڪري رهيا هئا ۽ آرمي چيف ڏنڊي کي هوريان هوريان لوڏي رهيو هو. انهن جي پاسي واري باڪس ۾ چئني صوبن جا ۽ آزاد ڪشمير جا اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر به ويٺا هئا. جلال محمود شاهه به فل سوٽ پائي مزو وٺي رهيو هو ۽ شايد اهو سوچيندو هوندو ته سندس سنڌ اسيمبليءَ کان سٺو ميلو ته هتي متل آهي.
محترمه بينظير ڀٽو پوائنٽ آف آرڊر تي ٽائيم گهريو ته اسپيڪر پري منهن ڪري ڇڏيو ڄڻ ته هو کيس سڃاڻي ئي ڪو نه ٿو ۽ هن ڪجهه نه ٻڌو ۽ نه ڏٺو. هوءَ ان بعد نواز شريف ڏانهن منهن ڪري هٿ جا اشارا ڪندي بجلي چور، ٽيڪس چور، ڪرپٽ الائي ڇا ڇا چوڻ شروع ٿي وئي. محترمه جي احتجاج واري انداز بعد ايم ڪيو ايم وارا پنهنجون سيٽون ڇڏي ايوان جي آخري سيٽن وٽ ٽولي ٺاهي تارڙ گوگو، تارڙ نو نو جا نعرا هڻندا رهيا ۽ ڀرپور احتجاج بعد واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا پر محترمه وارن واڪ آئوٽ نه ڪيو. شايد پ پ وارن ان ڪري واڪ آئوٽ نه ڪيو ته متان اهي خبرون اچن ته اپوزيشن ۾ اختلاف ٿي پيا آهن. پ پ جو ڪنهن به مخالف ڌر جي پارٽيءَ ساٿ نه ڏنو. محترمه جي گوڙ، شائوٽنگ ۽ نعرن بعد ڄڻ ته پ پ وارن ۾ جوش پيدا ٿيو پر پوءِ اڳ ۾ جيڪي ماٺ هئا، اهي ماٺ ئي رهيا. محترمه سميت اڪثر پ پ وارا ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي آيا هئا. بي بي جي جڏهن سيف الرحمان تي نظر پئي ته هن کيس نالو وٺي شائوٽ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سيف الرحمان مسڪرائي ماٺ ڪري ڇڏي. 10:41 وڳي آصف زرداريءَ کي اڊيالا جيل مان وٺي آيا ۽ آصف اچڻ سان ئي ڊيسڪ وڄائيندي شيم شيم جا نعرا هنيا ۽ تارڙ گو گو جا آواز ڏنا. آصف جي احتجاج بعد رضارباني ۽ واجا ڪريمداد به سخت گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ غلام قادر چانڊيو به رڙ ڪئي. محترمه وزيراعظم جو نالو کڻي مٿس پهريون دفعو هوٽنگ ڪئي. اهو تماشو ڏسندي سفارتڪار مسڪرائي رهيا هئا. چارئي گورنر کلي رهيا هئا ۽ ٽئي هٿياربند فوجن جا سربراهه خاموشيءَ سان ڏسي رهيا هئا. تارڙ جي تقرير جنهن مهل ختم ٿي ته هن زور سان طارق عزيز وانگر پاڪستان پائنده باد جو نعرو هنيو.
(12 مارچ 1999ع)