تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

حڪومت سازيءَ واري راند جو آخري رائونڊ

حڪومت سازيءَ واري راند جو آخري رائونڊ

هي سٽون لکڻ تائين يعني ڪالهه شام 6هين وڳي تائين سياسي ڌرين ۾ تعاون بابت معاملا طئي نه ٿي سگهيا هئا. سڄو ڏينهن سياستدانن جو پاڻ ۾ ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ گذريو پر اهي ڪنهن به نتيجي تي نه پهچي سگهيا. ٽنهي وڏين پارلياماني پارٽين مسلم ليگ(ق)، پ پ ۽ متحده مجلس عمل قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ پنهنجي نمائندن جا فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) پاران رڳو ڊپٽي اسپيڪر لاءِ فارم جمع ڪرايا ويا. مسلم ليگ (ق) پاران چوڌري امير حسين اسپيڪر ۽ سردار محمد يعقوب ڊپٽي اسپيڪر لاءِ فارم جمع ڪرايا. خورشيد قصوري به اسپيڪر لاءِ فارم جمع ڪرايو، پر هڪ ڪلاڪ کان پوءِ هن فارم واپس وٺي ڇڏيو، ڇو ته چوڌري شجاعت حسين هن کي پرڏيهي کاتي جو وزير بنائڻ جو آسرو ڏنو آهي. پ پ پاران اعتزاز احسن اسپيڪر ۽ نبيل گبول ڊپٽي اسپيڪر لاءِ فارم جمع ڪرايا. مسلم ليگ (ن) پاران سردار يعقوب ناصر ڊپٽي اسپيڪر لاءِ فارم جمع ڪرايو. مسلم ليگ (ق) ۽ ان جي اتحادي ڌرين جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ قومي اتحاد وارا به نه آيا ۽ نه ئي فارورڊ بلاڪ جو ڪو نمائندو آيو. ڪالهه قومي اتحاد ۽ مسلم ليگ (ق) ۾ اختلافن جا افواهه گشت ڪندا رهيا. قومي اتحاد وارن اسپيڪر جو عهدو گهريو هو جيڪو ڏيڻ کان شجاعت انڪار ڪيو، جنهن بعد ارباب غلام رحيم کي سنڌ جو وڏو وزير بڻائڻ لاءِ لغاري مطالبو ڪيو پر شجاعت ان تي به ڪو جواب نه ڏنو. سرڪار جي نان سويلين عملدارن سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ سيد مظفر شاهه تي اعتراض ڪيو ته هن خلاف ڪيس آهن ۽ انهن ڄڻ ته ارباب غلام رحيم کي ڪليئرسن ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته سويلين سرڪاري عملدار غوث بخش مهر جي وڏ وزارت لاءِ حمايت ڪري رهيا آهن ۽ چوڌري شجاعت پاڻ لياقت علي جتوئيءَ جي حمايت ڪري رهيو آهي. قوي امڪان آهي ته ارباب غلام رحيم سنڌ جو وڏو وزير ٿيندو يا غوث بخش مهر، ڇو ته انهن جي حامين جو پاسو ڳرو لڳي ٿو. هاڻي مقابلي ۾ 2 ڄڻا بچا آهن، پر ان معاملي ۾ اڃا وقت پيو آهي، جنهن درميان ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ان ڪري پاڻ انتظار ٿا ڪريون ته نيٺ ڇا ٿو ٿئي؟
ڪراچي ۾ نوگو ايرياز جي خاتمي لاءِ آپريشن شروع ٿيڻ ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي جي قيادت جي نظربندي بعد متحده قومي موومينٽ مسلم ليگ (ق) جي واضح حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڪالهه نواب مرزا هنن جي پارلياماني پارٽيءَ ۾ به شرڪت ڪئي. سياسي ڌرين وچ ۾ هڪٻئي جي حمايت بابت آخري لمحي تائين حمايت جو فيصلو نه ڪري سگهڻ سبب ايتري سياسي جوڙ توڙ جي باوجود به پارلياماني سياست ۾ ڪڏهن به اهڙي غير يقيني واري صورتحال ناهي رهي، جهڙي صورتحال هن مهل پيش پئي اچي. غيريقيني ايتري آهي جو ڪو اعتبار ناهي ته جنهن پارٽيءَ ٻي پارٽيءَ سان ڪمٽمينٽ ڪئي آهي، سا پارٽي هڪ ڏينهن کان پوءِ ان ڪمٽمينٽ تي بيهندي! البته 1970ع ۾ اهڙي صروتحال هئي. جنهن بعد نتيجن جي صورت ۾ ملڪ کي نقصان ٿيو ۽ بنگلاديش ٺهي ويو. مرڪز ۾ حڪومت سازيءَ لاءِ صبح جو جڏهن توهان اخبار پڙهندا ته رات گذري چُڪي هوندي ۽ ان ۾ ئي معاملا طئي ٿيڻا آهن. 17 ۽ 18 نومبر جي وچ واري رات سرڪاري عملدارن جي ميزبانيءَ ۾ سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ سحري تائين ٿيل ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪري سگهيو هو، تنهن ڪري اڄ صبح تائين معاملا طئي ٿي ويندا. بظاهر ته صورتحال رن آف اليڪشن ڏانهن وڌي پئي. اڄ جيڪڏهن اسپيڪر لاءِ ٽن اميدوارن مان ڪنهن هڪ هٿ نه کنيو ته پوءِ ڪو به اميدوار شايد گهربل ووٽ حاصل نه ڪري سگهي ۽ سڀ کان گهٽ ووٽ کڻڻ واري کي خارج ڪري وري ٻن اميدوارن ۾ مقابلو ٿئي. جيڪڏهن متحده مجلس عمل ۽ مسلم ليگ (ق) ۾ ٺاهه ٿي ويو. جنهن جو امڪان به موجود آهي ته پوءِ اسپيڪر لياقت بلوچ ۽ ڊپٽي اسپيڪر سردار محمد يعقوب ٿيندو. اڄ صبح تائين جيڪڏهن فارورڊ بلاڪ کي اطمينان بخش وزارتون ڏيڻ ۽ سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ ارباب غلام رحيم جي حمايت جو مسلم ليگ (ق) وارن فيصلو نه ڪيو ته صورتحال غير متوقع طور تبديل ٿي سگهي ٿي. مسلم ليگ (ق) لياقت جتوئي، غوث بخش مهر، ارباب غلام رحيم، علي محمد مهر ۽ صدر الدين شاهه کي قومي اسيمبليءَ جو قسم کڻڻ لاءِ گهرايو آهي. صدر الدين شاهه سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ جو قسم کڻڻ لاءِ تيار آهي ۽ قومي اسيمبليءَ کان لنوائي پيو. علي محمد مهر به سنڌ ۾ وزير ٿيڻ جو خواهشمند آهي پر شجاعت جو مٿس زور آهي ته مرڪز ۾ ميمبر طور قسم کڻي. انهن 5 ميمبرن جي قسم نه کڻڻ سبب مسلم ليگ (ق) جا ووٽ گهٽ ٿيندا. ان ڪري اڄ ٻن ميمبرن کانسواءِ باقي هتي قسم کڻندا. جيئن جيئن هاڻي وقت گذري رهيو آهي ته وزيراعظم، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ سنڌ جي وڏ وزارت ۽ سنڌ ۾ وزير ٿيڻ جي خواهشمندن جي دلين جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي رهي آهي. هاڻي جيئن ته چند ڪلاڪن جو معاملو باقي رهيو آهي ۽ فيصلي جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي، تنهن ڪري فيصلي کان پوءِ مايوسيءَ جو منهن ڏسندڙن جو خدا خير ڪري، ڪٿي دل جي ڌڪ ڌڪ ڪو ڌڪ نه هڻي وجهين.
ڪالهه قاضي حسين احمد مخدوم امين فهيم سان ملاقات ڪئي ۽ تعاون بابت ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) وارن پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس بعد بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هو اي آر ڊي جي فيصلي تي عمل جا پابند آهن، جنهن موجب وزيراعظم فضل الرحمان ۽ اسپيڪر پ پ جو اعتزاز احسن ۽ ڊپٽي اسپيڪر مسلم ليگ (ن) جو سردار يعقوب ناصر ٿيندا. جيڪڏهن صبح تائين اي آر ڊي ۽ متحده مجلس عمل وارن جو اتحاد قائم رهيو ته پوءِ وري صورتحال يڪسر تبديل هوندي. پ پ وارن جو فارورڊ بلاڪ سان به ڳجهه ڳوهه ۾ رابطو آهي ۽ جيڪڏهن ايم ايم اي وارا بدستور اي آر ڊي سان بيٺا ته پوءِ فارورڊ بلاڪ جا 6-7 ووٽ ڪٿي پ پ کي نه ملي وڃن. ساڳئي وقت مسلم ليگ (ق) وارا پراميد آهن ته خفيه ووٽ هئڻ ڪري پ پ جا وڌيڪ ايم اين ايز جن فارورڊ بلاڪ ۾ شموليت ناهي ڪئي، پر اهي به ووٽ مسلم ليگ (ق) کي ڏيندا. ڪامريڊ ڪرشن ڀيل جنهن الزام هنيو آهي ته هن کي شيخ رشيد جي گهر ڪجهه ماڻهو زوري وٺي ويا ۽ هڪ ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي آهي، پر هن انڪار ڪيو آهي. ڪروڙ رپين جو ٻڌي ڪنگلي ڪامريڊ ڪرشن ڀيل جو مٿو ئي چڪرائجي ويو آهي، هڪ پاسي بنا پئسي کيس ايم اين اي چونڊڻ واري نواز شريف جو احسان آهي، ٻئي پاسي ڪامريڊ کي ڪروڙ پتي ٿيڻ جو آپشن آهي. مائٽن کيس ڪروڙ پتي ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي، پر دوستن کيس چيو آهي ته جيڪڏهن هو ايم اين اي رهيو ۽ وفاداري نه بدلائي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ڪروڙ پتي ضرور ٿيندو، ڏسجي ته ڪامريڊ ڪهڙا ٿو ڪم ڏيکاري. نواز شريف کي خبر آهي الائي ڪو نه، پر ٿر ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”ڀلو ته به ڀيل- مٺو ته به تيل“ ڪرشن کي ڀلو ٿي ثابت ڪرڻو پوندوته هو جهڪڻ ۽ وڪامڻ وارو ناهي. وڌيڪ ايمان مهمان آهي، وڏا وڏا تونگر به لالچ ۽ خوف آڏو پنهنجا سياسي رُخ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن پر اها تاريخ آهي ته وفادار ماڻهن کي هميشه سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو آهي.
افواهي اطلاعن موجب معلوم ٿيو آهي ته ايم ڪيو ايم حقيقي وارن پ پ وارن سان رابطو ڪيو آهي ۽ اڪيلي ايم اين اي جو ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ڇو ته ايم ڪيو ايم حقيقي جا اڳواڻ نظربند آهن ۽ متحده قومي موومينٽ وارن مسلم ليگ (ق) جي حمايت ڪئي آهي. مير ظفرالله جمالي جيڪو مسلم ليگ (ق) جو وزيراعظم لاءِ اميدوار به آهي، تنهن ڪالهه مولانا اعظم طارق سان ملاقات ڪئي. مولانا اعظم طارق هڪ پابندي لڳل تنظيم جو سربراهه هو ۽ هاڻي ته حڪومت اهو قانون به لاڳو ڪيو آهي ته جنهن شخص جو پابندي هيٺ تنظيم سان لاڳاپو هئڻ جو حڪومت کي شڪ ٿئي ته ان کي هڪ سال لاءِ تحويل ۾ رکي سگهجي ٿو. مولانا اعظم طارق ڪالهه ظفرالله جمالي جي کلم کلا حمايت ڪري ڇڏي آهي.
مير ظفرالله جمالي جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته ان وقت تائين سندس نالو مير جبل خان جمالي هو. ڄائي ڄم کان ڪاليج جي زماني تائين هن جو نالو رڪارڊ ۾ اهو رهيو پر ڪاليج ۾ هن کي دوست پٽائيندا هئا ۽ ٽوڪيندا هئا ته اوهان پڙهيل لکيل هوندي به جهنگلي نالو ڇو رکيو آهي. ان ڪري جلالي طبيعت واري مير جبل خان والد سان مشورو ڪري اشتهار شايع ڪرائي جبل خان مان ظفر الله خان ٿي ويو. هن جو خاندان هونءَ ته ورهاڱي کان اڳ به مسلم ليگ سان تعلق رکندڙ هو پر هن پنهنجي پارلياماني سياسي ڪيريئر جي شروعات 1977ع کان پ پ پ ۾ شموليت سان ڪئي. جڏهن هو بلوچستان ۾ اطلاعات ۽ آبپاشيءَ جو وزير ٿيو. ان بعد هو خاموش رهيو ۽ 1985ع ۾ پنهنجي دوست خواجا طارق رحيم جي چوڻ تي ضياءُ الحق جي شوريٰ ۾ شامل ٿي مسلم ليگي بڻجي ويو. 1988ع ۾ ضياءُ الحق جي موت بعد پ پ جي تعاون سان بلوچستان جو وڏو وزير ٿيو، پر اڪثريت وڃائڻ جي يقين بعد هن صوبائي اسيمبلي ٽوڙائي ڇڏي ۽ نواب اڪبر خان بگٽي عدالت مان اسيمبلي بحال ڪرائي آيو ءِ پاڻ وڏو وزير ٿي ويو. ان کان پوءِ جمالي وري مسلم ليگ ۾ هليو ويو ۽ مسلسل مسلم ليگ ۾ رهيو. 1990ع تائين هو پاڻ کي مير ظفرالله لکندو هو ۽ بطور سردار دادو جي حاجي محمد بخش جمالي وارن کي سردار تسليم ڪندو رهيو، پر بعد ۾ هن جمالي تنظيم ٺاهي ۽ آهستي آهستي پاڻ کي سردار سڏائڻ شروع ڪيو. مير ظفرالله کي خبر آهي ته جمالين جا اصل سردار دادو وارا جمالي آهن. جن کي هن جا وڏا ٽيڪس به ڏيندا رهيا آهن. هاڻي ان ئي خاندان مان نوجوان فرد رفيق جمالي پ پ ٽڪيٽ تي ايم اين اي ٿيو آهي ۽ اهو به مير ظفرالله کي ووٽ ڪو نه ڏيندو.
مير ظفرالله جماليءَ جو خاندان 1930ع کان سياست ۾ آهي ۽ سندس چاچو مير جعفر خان جمالي ان زماني کان مسلم ليگ ۾ رهيو ۽ قائداعظم جو ويجهو ساٿي هو. مير جعفر خان پاڻ اڻ پڙهيل هوندي به سڄي خاندان کي اعليٰ ترين تعليم ڏياري ۽ سياست ۾ هن جي ڪهاڻي سبب ئي سندس پونئيرن جو رستو کُليو ۽ هن خاندان جا 3 فرد بلوچستان جا وڏا وزير ٿيا، جن ۾ مير ظفرالله جمالي، مير تاج محمد خان جمالي ۽ مير جان محمد خان جمالي شامل آهن. تاج جمالي جهاز ۾ چڙهڻ کان ڊڄندو آهي ۽ وڏ وزارت وارن ڏينهن ۾ جڏهن کيس اسلام آباد ۾ اچڻو هوندو هو ته هو روڊ رستي ايندو هو. جهاز ۾ چڙهڻ کان ڊڄ رڳو بلوچستان جي مير تاج محمد جمالي کي نه، پر خان آف قلات مير احمد يار خان کي به ٿيندو هو.
مير ظفرالله جمالي تي مولانا فضل الرحمان جيڪو نيب جو ڪيس هئڻ جو الزام لڳايو آهي. ان مطابق 1990ع ۾ نگران وڏي وزير جي حيثيت ۾ هن پ پ اڳواڻ اڪبر لاسيءَ جي ڀاءُ عبدالستار لاسيءَ کي ڪيچ فلور ملز لاءِ هزارين ٻوريون ڪڻڪ اوڌر تي ڏني هئي، جنهن تي نيب وارن ڪيس ٺاهيو. شروع ۾ مير ظفرالله جمالي جو به ان ۾ نالو هو پر بعد ۾ خارج ڪيو ويو. عبدالستار لاسي جيل ۾ آهي. اڪبر لاسي هن سان وڙهيل آهي پر ان هوندي به اڪبر لاسيءَ جو نامزدگي فارم ان ڪري رد ڪيو ويو ته هن جي ڀاءُ تي ڪرپشن جو الزام آهي. ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ مير جان جمالي ۽ فائق جمالي تي به الزام هئا ۽ فائق جمالي کي سزا ملي چڪي آهي، جڏهن ته جان جمالي ٻاهر هليو ويو هو، جيڪو خيرن سان هاڻي مسلم ليگ (ق) جي تعاون سان موٽي آيو آهي ۽ مير ظفرالله جي حمايت لاءِ پ پ مان فار ورڊ بلاڪ ٺهرائڻ ۾ به اهم ڪردارا دا ڪيو آهي. فارورڊ بلاڪ جو ڪريڊٽ مير ظفرالله جي ويجهي دوست خواجا طارق رحيم ۽ جان جمالي ڏانهن وڃي ٿو.
بهرحال اليڪشن کان پوءِ ڪالهه تائين سياسي ڌرين ۾ جيڪا جوڙ توڙ ٿيندي رهي، اڄ ان جو ڪو نه ڪو حتمي فيصلو ٿي ويندو. جنهن ۾ خبر پوندي ته ڪهڙي ڌر ڪنهن سان گڏ آهي ۽ ڪهڙا ميمبر پنهنجي پارٽين ۾ هوندي به ووٽ ڪنهن ٻي پارٽيءَ کي ڏين ٿا. انهيءَ جو دارومدار انهيءَ ڳالهه تي آهي ته پاور شيئرنگ ۾ ڪهڙي ڌر کي ڪيترو حصو ٿو ملي يا انفرادي طور تي ڪنهن کي ڪهڙي ٿي آڇ ٿئي. ڇو ته هن مهل تائين ڳالهيون ڊهنديون ۽ ٺهنديون رڳو ان بنياد تي رهيون آهن ته ڌريون پاڻ ۾ اختيارن ۽ عهدن تي متفق ناهن ٿيون. جن به ڌرين ۾ اختيارن ۽ عهدن جي ورهاست تي اتفاق ٿي ويندو، سي ڌريون پاڻ ۾ ٺهي وينديون. هاڻي عهدن ۽ رعايتن توڙي اختيارن جون اميدوار رڳو وڏيون سياسي پارٽيون ڪونهن پر انهن پارٽين وٽان ٽوڙيل ميمبر به ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪرڻ جي آسري تي ئي پنهنجي ديرينه پارٽين کان وٿيريڪا ٿي بيٺا آهن. جنهن جو مقصد اهو ٿيو ته وزارتن، صلاحڪارين ۽ مشاورتن وارن عهدن جا حصيدار وڌي ويا آهن ان ڪري لازمي آهي ته انهن عهدن جي انگ ۾ به اضافو ٿيندو. بلڪل ايئن جيئن جيڪڏهن متحده مجلس عمل وارا ٺهن ٿا ته پوءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نائب وزيراعظم جو عهدو به جڙندو. اڃا ڪٿي ڳالهه آهي. جهڙي نموني جي صورتحال آهي، سا هتان جي عوام کي اڃا گهڻا رنگ ڏيکاريندي.
(19 نومبر 2002ع)