تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ڇا نواز شريف بحرانن مان مزا پيو وٺي؟

ڇا نواز شريف بحرانن مان مزا پيو وٺي؟

لڳي ٿو ته وزيراعظم نواز شريف به بينظير ڀٽو جيان ڄاڻي واڻي بحرانن ۾ رهڻ چاهي ٿو. هڪ بحران مان نڪري ٿو ته مٿان ٻيو بحران اچي مهمان ٿئي ٿو. محترمه پنهنجي اقتدار جي آخري ڏينهن ۾ چيو هو ته هن کي بحرانن کي منهن ڏيڻ ۾ مزو ايندو آهي ۽ She is a lady of crisis ساڳئي نموني ميان صاحب به پاڻ کي ”مرد بحران“ ثابت ڪري رهيو آهي. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته جيڪو به کيس ان خطاب سان سڏيندو آهي تنهن تي هو مهربان ٿي پوندو آهي. خاص عدالتن جي قيام تي سجاد علي شاهه سان ٿيل سندس جهيڙي ۾ هن کي فتح نصيب ٿي. ان بعد مرضي مطابق جوڙيل قانونن تي آڱوٺو نه هڻڻ سبب فاروق لغاري سان جهيڙو جوٽيائين جنهن ۾ به هو ڪامياب ويو. ان کان اڳ به ننڍي سطح تائين جيڪي ڪجهه هن ڪيو کيس ڦٻندو آيو. 28 مئي وارا ايٽمي ڌماڪا به ڦٻي ويس پر جڏهن کان جون 98ع شروع ٿيو آهي تڏهن کان بحرانن هن جي حڪومت کي نيزي تي کڻي ڇڏيو آهي. ڪالاباغ ڊيم واري اعلان کان وٺي شريعت نافذ ڪرڻ واري اسٽيج تائين کيس ڪا به شيءِ ڦٻي نه سگهي آهي.
مزيدار ڳالهه اها آهي ته هيستائين جيڪي به بحران سندس ڳچيءَ ۾ پيا يا هن پاڻ پنهنجي ڳچي ۾ وڌا. اهي ايڏا ته وڏا هئا جو شايد جيڪڏهن نواز شريف پنجاب جو نه هجي ها ته گهر ڀيڙو ٿي چڪو هجي ها ۽ رائي ونڊ ۾ تسبيح پڙهندي تبليغي جماعتن جا اجتماع Attend ڪري ها پر سندس قسمت زور آهي. سندس ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته اڄڪلهه هو سڀ ڪم مشيرن جي مرضي موجب نٿو ڪري ۽ پنهنجي هلائڻ به شروع ڪئي اٿائين. جنهن ڪري کانئس ويجها مشير بيزار پيا لڳن. هڪ حڪومت جي حامي ايم اين اي آف دي رڪارڊ ٻڌايو ته اسان کي اليڪشن جا خرچ به ڪڍڻ ڪو نه ٿو ڏئي. ان صورت ۾ اسين ته چئون ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن بحران حڪومت کي گوڏا کوڙايا ته به اسان جو خير آهي، ڏک ڪو نه ڪنداسين.
جڏهن ميان صاحب ڪالاباغ ڊيم جو اهو هٿرادو ڀريل ڪارتوس ڇوڙيو جنهن ۾ گندرف ته هو پر ڇرا ڪو نه هئا ته ان جي ٺڪاءُ تي سڀ اپوزيشن وارا ٻين مسئلن کي ڇڏي ڪالاباغ ڊيم جي پويان پيا ۽ ميان صاحب وري 15 سالن کان هر حڪمران پاران اختيار ڪيل ساڳيو موقف ورتو ته جيسين اتفاق راءِ نه ٿيندو تيسين ڊيم نه ٺهندو. ڪالاباغ ڊيم وارو ايڏو وڏو مسئلو جڏهن گوڏي جيتري پاڻي ۾ ٻڏي غائب ٿي ويو ته مٿان آمريڪي حملي وارو معاملو پيدا ٿيو. جنهن بابت هاڻي اهي شڪ پڪا ٿيندا پيا وڃن ته آمريڪا جي پرڏيهي کاتي سان حملي جي اجازت واري سوال تي واشنگٽن ۾ شهباز شريف ڳالهه ٻولهه ڪري پنهنجي پياري ڀاءُ جي حڪومت لاءِ رستا صاف ڪيا آهن. جيتوڻيڪ ان ڏس ۾ اڃا پڪا ثبوت ڪير به پيش نه ڪري سگهيو آهي پر اٿاريل شڪن جا مطمئن ڪندڙ جواب به ڪو نه اچي سگهيا آهن.
اڃا آمريڪي حملي واري فلم چڱي نموني نواز حڪومت جي ڳچي ۾ پئي ئي ڪا نه هئي ته مٿان وري هڪ ٻيو ڪارتوس ڇوڙي شريعت نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪندي 15هين ترميم جو بل پيش ڪري ڇڏيو اٿائين. همراهه کي امير المؤمنين ٿيڻ جو شوق آهي. آئين ۾ ترميمون 8 کان 12 منٽن ۾ ڪرائڻ جي رڪارڊ رکندڙ نواز شريف جي شريعت نافذ ڪرڻ ۾ سنجيدگي جو اندازو ان مان ئي ٿئي ٿو ته پهرئين ڏينهن ئي هن چئي ڇڏيو ته شريعت بل جي منظوري ۾ تڪڙ ناهي، ڀلي مهينو کن لڳي پرواهه ناهي. شريعت بل تي هونئن ته اڳ ۾ ئي گهڻو ڪجهه اخبارن ۾ اچي چڪو آهي پر جيڪڏهن رفيق تارڙ ۽ راجا ظفرالحق پاران تيار ڪيل آئين ۾ 15هين ترميم ڪرڻ واري ان بل جي متن جو مطالعو ڪنداسين ته ان ۾ لکيل آهي ته نبي صلي الله عليه وسلم جن جي سنت اعليٰ ترين قانون هوندو. بل جي مسودي ۾ اهو ڪٿي به ذڪر ڪونهي ته نيٺ ڪهڙي نبي سڳوري جي سنت تي عمل ڪيو ويندو. هونئن ته اسين سڀ مسلمان 124000 پيغمبر ۽ نبي سڳورن جو احترام ڪريون ٿا پر پوئلڳ رڳو محمد صلي الله عليه وسلم جن جا آهيون. نواز شريف به مسلمان هجڻ جي ناتي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو ئي پوئلڳ آهي پر بل ۾ اها وضاحت ٿيڻ گهرجي ته ڪهڙي نبي سڳوري جي سنت نافذ ڪئي ويندي. اسان جي عالم سڳورن کي اهو به سوچڻ گهرجي ته جهڙي طرح ضياءَ الحق ريلوي اسٽيشنز جي باٿ رومز جا نالا عربي ۾ بيت الخلا لکرائي ۽ ڪعبته الله جو طرف ٻڌائيندڙ تير هڻائي دعويٰ ڪئي هئي ته هن اڌ اسلام لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. تيئن هن ڀيري به اهڙي نموني ئي اڌ اسلام لاڳو نه ٿيڻ کپي. فلسطينين تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي فوجن سان گڏ گوليون هلائڻ واري جٿي جي ڪمانڊر ضياء الحق ئي اسان جي مذهب سان ايترو ڪجهه ڪيو آهي جو اڃا پيا ان جو ڪيو لوڙيون. قرآن ۽ سنت کي ملڪ جو اعليٰ ترين قانون قرار ڏيڻ هر مسلمان جي خواهش هوندي پر اهي لفظ لکي آئين ۾ 15هين ترميم جو جيڪو بل نواز شريف آندو آهي ان جا 2 ٻيا حصا خطرناڪ آهن. بل پاس ٿيڻ بعد وقت جو حڪمران عوام لاءِ جيڪو به حڪم يا هدايت جاري ڪندو، اها آئين، عدليا ۽ هر اداري کان مٿانهين هوندي ۽ ان کي ڪو به چئلينج نه ڪري سگهندو. موجوده بل جي متن مطابق جيڪڏهن سڀاڻي قاضي ڪورٽون به ٺهيون ته اهي به ان حڪمران جي حڪم جي طابع هونديون ڇو ته بل ۾ لکيل آهي ته هر ادارو ان حڪم کي مڃڻ جو پابند هوندو. آئين ۾ ترميم جو طريقو به تبديل ڪيو پيو وڃي. آئينده 3/2 اڪثريت بدران سادي اڪثريت سان آئين ۾ ترميم ٿي سگهندي. جيڪڏهن سينيٽ يا اسيمبلي مان هڪ ايوان سادي اڪثريت سان پاس ڪري ۽ ٻيو نه ڪري ته پوءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ان بل کي پاس ڪندو. يعني جيڪڏهن ٽن صوبن جا قومي اسيمبلي جا ميمبر هڪ پاسي هجن ته به اهي پنجاب جي 115 ميمبرن کان گهٽ آهن. 217 واري ايوان ۾ 115 پنجاب جا آهن، 46 سنڌ، 26 سرحد، 11 بلوچستان ۽ 10 اقليتن وارا، اهي سڀ هڪ پاسي هجن پر جيڪڏهن پنجاب چاهي ته اهو بل پاس ٿي ويندو.
خير اهو ته شرعي مسئلو آهي ان تي عالم سڳورن کي تشريح لاءِ تلقين ڪرڻ گهرجي ۽ عوام کي سمجهائڻ گهرجي پر چوڻو اهو آهي ته اهڙو احتياط ۽ خبرداري ضروري آهي ته جيئن حڪمرانن جي ذهنن ۾ شريعت بابت موجود تصور کان آگاهه ٿي سگهجي ۽ جيڪڏهن شريعت جي آڙ ۾ انهن جا ڪي ٻيا ڳجها مقصد آهن ته انهن جو به سدباب ڪري سگهجي. ان بل بابت ٽنهي صوبن جا ننڍا وڏا گروپ ۽ سياسي جماعتون متحد ٿي رهيون آهن. اصل ۾ اهي شريعت خلاف نه آهن پر وڏي عرصي کان انهن جي سڃاڻپ حڪومت جي مخالف هجڻ واري آهي. هينئر به اهي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن اهو بل پاس ٿي ويو ته ان بعد نواز شريف کي اهو آئيني اختيار حاصل ٿي ويندو ته هو تاحيات ملڪ جو وزيراعظم رهڻ جو اعلان ڪري.
اجمل خٽڪ ۽ بينظير جون ملاقات اڄ ڪلهه وڌي ويون آهن. ايندڙ 2 کان 4 هفتن اندر هنن جي خواهش آهي ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ مسلم ليگ حڪومت جا تختا ڪڍيا وڃن. سرحد ۾ 5 وزير اڳ ۾ ئي استعيفا ڏئي ويٺا آهن. سرحد اسيمبلي جي 83 ميمبرن مان جيڪڏهن 42 ميمبر هڪ پاسي هجن ته حڪومت ٺهي سگهي ٿي. پ پ ۽ اي اين پي جي اتحاد ۽ ناراض 5 وزيرن بعد هڪ به ميمبر جي ضرورت نه ٿي رهي. سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي رولو پيو آهي. ڪالهه هڪ ايم ڪيو ايم واري همراهه ٻڌايو ته اجمل خٽڪ جي خاطري بعد ايم ڪيو ايم پ پ جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. حڪومت پ پ ٺاهيندي ته ايم ڪيو ايم شامل نه ٿيندي. پ پ وارا اقتدار ۾ اچڻ بعد ايم ڪيو ايم سان هٿ چراند نه ڪندا. ان رٿ بعد جڏهن ايم ڪيوا يم پاران پ پ جي حمايت جو فيصلو ٿيندو ته جتوئي، ارباب، پاڳارو ۽ اقليتي گروپ پاڻ ئي پ پ جي جهوليءَ ۾ وڃي ڪرندا. ايم ڪيو ايم جي اعلان بعد جڏهن اهي گروپ پ پ وٽ ويندا ته ان بعد ايم ڪيو ايم وارا پاڻ ئي انڊر گرائونڊ ٿي ويندا ۽ ڪوشش اها ڪندا ته پ پ حڪومت ٺاهڻ ۾ هنن جو آن رڪارڊ حصو نه هجي. هوڏانهن وفاقي حڪومت جنهن هر ڪم لاءِ چوڌري نثار کي مقرر ڪيو آهي اهو اڄڪلهه شريعت بل اچڻ کان وٺي بيمار ٿي پيو آهي. باخبر ذريعن مطابق هن جو چوڻ آهي ته ڪالاباغ ڊيم ۽ شريعت بل جي هن مخالفت ڪئي پر پوءِ به ميان صاحب نه مڙيو. چوڌري نثار تمام گهٽ بيمار ٿيندو آهي پر جڏهن به ٿيندو آهي ته مسلم ليگ تي ڪا نه ڪا مصيبت ضرور ايندي آهي پوءِ اها تحريڪ نجات هجي يا ڪو ٻيو مرحلو، بهرحال نثار حڪومت کي حڪمت عملي ٺاهي ڏني آهي ته 6 کن پ پ جا ۽ ان کان ٿورا وڌيڪ ايم ڪيو ايم جا ايم پي اي جيڪي ”ڏي وٺ“ لاءِ تيار آهن تن جي خدمت حاصل ڪري سنڌ حڪومت کي بچائڻ جي آخري ڪوشش ڪجي جيڪڏهن اهو نه ٿئي ته پوءِ سيد غوث علي شاهه کي گورنر بڻايو وڃي. سائين غوث علي شاهه اهڙي خاطري بعد خوش آهي ۽ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته الاهي بخش سومرو ڏاڍو پريشان آهي ۽ ”ڀڄ ڊڪ“ ڏاڍي پيو ڪري.
بلوچستان لاءِ پ پ ۽ اجمل خٽڪ جيڪا حڪمت عملي تيار ڪئي آهي ان موجب هو جي يو آءِ (ف) سان ڳالهيون ڪن پيا. جيڪڏهن بگٽي جي وڃڻ کان پوءِ جي يو آءِ بلوچستان حڪومت مان هٿ ڪڍي ٿي ته جمالي حڪومت ڌڙام سان ڪرندي ۽ اتي پ پ، بي اين پي، بي اين ايم، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي، جي يو آءِ ۽ جمهوري وطن پارٽي گڏجي حڪومت ٺاهيندا. جي يو آءِ کي بلوچستان حڪومت ڇڏڻ جي نتيجي ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين شپ ۽ بلوچستان ۾ وڌ کان وڌ وزارتون آڇيون وينديون. جڏهن ته بگٽي جي ناٺي همايون مري کي سينيٽ جو چيئرمين ٺاهيو ويندو. بگٽي ۽ جي يو آءِ لاءِ پيڪيج مناسب آهن جن ۾ هو دير ڪو نه ڪندا بهرحال اڃا ڳالهيون ابتدائي مرحلي ۾ آهن. بي بي ۽ اجمل خٽڪ جي خواهش موجب نواز شريف حڪومت کان ٽنهي صوبن ۾ حڪومتون کسڻ ۽ سينيٽ جي چيئرميني ۽ نائب چيئرميني ڦرڻ لاءِ جيڪا جمهوري طريقي سان گيم آرگنائيز ٿي رهي آهي ان تي عمل درآمد ٻن کان ٽن هفتن ۾ ڪرائڻو آهي. جيڪڏهن هن جو اهو جانٺو لڳي ويو ته پوءِ نواز حڪومت کي باءِ باءِ ڪرڻ ۾ دير ڪو نه لڳندي. هونئن به اڪبر خان بگٽي چوڌري شجاعت ۽ بيگم عابده سان شرط لڳائي آهي ته نواز حڪومت 4 مهينن اندر ختم ٿي ويندي.
اڪبر بگٽي کي پرچائڻ لاءِ شجاعت ۽ بيگم عابده اڱاري تي ڪوئٽا ويا هئا جيڪي بگٽي وٽ رهڻ بعد اربع تي اسلام آباد موٽي آيا آهن. بگٽي هنن سان هلڻ کان انڪار ڪيو آهي. بگٽي سان ملڻ لاءِ ويلن مان هڪ همراهه ٻڌايو ته مون بگٽي کي چيو ته اچو حڪومت ۾ شامل ٿيو. بگٽي چيو اوهان ڪنهن به فيصلي تي اعتماد ۾ نٿا وٺو.شريعت بل بابت اوهان صلاح به نه ڪئي. هونئن به اوهان مهينن ۾ وڃڻ وارا آهيو. ان تي کيس هڪ وفاقي وزير چيو ته اسين 4 سال رهنداسين. بگٽي چيو ته مهينن ۾ اوهين هليا ويندا. وزير چيس ته شرط لڳايو. بگٽي چيو ته مان شرط نه لڳائيندو آهيان. هن چيس ته جيڪڏهن حڪومت 4 مهينن ۾ هلي وئي ته مان توهان کي مبارڪباد ڏيڻ اسلام آباد واري گهر ايندس ۽ رات جي ماني گڏجي کائينداسين. وزير چيس ته جيڪڏهن نه وئي ته اوهان بهترين سوٽ موڪلجو. بگٽي چيس ته اهو قبول آهي. هونئن به اڄڪلهه گادي واري شهر جي حلقن ۾ بگٽي واري ڳالهه ئي هلي رهي آهي ته 4 مهينن کان اڳ ميان صاحب اباڻي ڳوٺ موٽي ويندو.
(4 سيپٽمبر 1998ع)