تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ڇا هاڻ جمهوري آمريت جي ڏنل زخمن تي پها رکبا؟

ڇا هاڻ جمهوري آمريت جي ڏنل زخمن تي پها رکبا؟

پاڪستان ۾ اوچتو آيل تبديلي کان پوءِ سڄي دنيا وارا پريشان آهن جڏهن ته پاڪستان جو عوام ۽ سياسي ڌريون مطمئن آهن ۽ آرام سان پنهنجي گهر ويٺا آهن. 1985ع کان 1999ع تائين 14 سالن دوران غير جماعتي چونڊن ۽ پارٽي بنيادن تي چونڊن جي نتيجي ۾ آيل جوڻيجو جمهوريت، بي بي ۽ بابو وارو ميدان جمهوريت عوام ڏسي چڪو آهي. ميڊ ان جوڻيجو، بي بي ۽ بابو (نواز شريف) جمهوريتن ۾ ملڪي مسئلا ته خراب کان خراب تر ٿيندا ئي ويا آهن پر عوام جي حالت به مسلسل ڇڙواڳي سان وڌندڙ مهانگائي سبب به بدتر کان بدترين ٿي وئي آهي. وقت جي هر جمهوري حڪمران جون ترجيحون هنن جي مخصوص مفادن جي چوڌاري گهمنديون رهيون. مرحوم جوڻيجو غريبن لاءِ گهر ٺهرايا، انهن ۾ غريب ته ڪو نه رهيا پر اڪثر ڪري گڏهه ۽ گهوڙا انهن ۾ ٻڌل نظر ايندا هئا. اڄ به سکر کان شڪارپور وڃڻ وقت روڊ جي ساڄي پاسي ڪلراٺي زمين ۾ سم جي پاڻي جي دٻن ۾ ٺاهيل انهن غريبن وارن گهرن جا کنڊر موجود آهن. محترمه بينظير ڀٽو ان بعد اقتدار ۾ آئي ته (Yips) نالي ادارو قائم ڪري نوجوانن کي قرض ڏنا ۽ گرين ٽريڪٽر اسڪيم شروع ڪئي. قرض اسڪيم مان اڄ تائين نه نوجوانن ڌنڌو شروع ڪيو ۽ نه قرض واپس ڪيو جڏهن ته گرين ٽريڪٽر اسڪيم ۾ وچولي درجي وارن زميندارن ۽ چڱو چوکو کائيندڙ هارين جيڪي قرض کڻي ٽريڪٽرز بڪ ڪرايا اڄ تائين اڪثر کي ٽريڪٽر ته ٺهيو پر پئسا به واپس نه مليا آهن. باقي بابو واري پيلي ٽيڪسي اسڪيم ۽ خود روزگار اسڪيم رهيل سهيل ڪسر پوري ڪندي قومي بئنڪن ۽ مالياتي ادارن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ۽ بئنڪن جا ٻڏل قرض 225 ارب رپين تائين ڪيائين. ڊالر جو اگهه 50 کان ٽپائي ڇڏيائين. پيٽرول جا اگهه 35 سيڪڙو هڪ سال ۾ وڌايائين، گيهه 40 کان 55 رپيا ڪلو ڪيائين. 75 پئسن واري ماني 2 رپين تائين پهچايائين. مطلب ته ڏاڍي عوام جي ”خدمت“ ڪيائين. هي ته همراهه هليو ويو پر جيڪڏهن هجي ها ته هائوسنگ اسڪيم ۾ جيڪا ڀينگ ٿئي ها اها به راڄ ڏسن ٿا. ڇو ته غريبن جي نالي تي ٺهندڙ 2 ڪمرن واري فليٽ جو اگهه 10 لک بعد اهو چٽو ٿي چڪو هو ته هي اسڪيم ڪهڙن غريبن لاءِ شروع ٿي هئي.
انهن ٽنهي جمهوري دورن ۾ وري به مڙئي جوڻيجو وارو دور ڪنهن حد تائين بهتر هو باقي بي بي ۽ بابو ٻئي هڪٻئي کان مال ميڙڻ ۾ گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ ئي هئا. اهو ئي سبب آهي ته ماضيءَ جي جمهوري دورن ۾ مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌڻ ڪري عوام بدحال ۽ بي حال ٿي ويو. انهن دورن ۾ بي بي توڙي بابو شهنشاهن جيان راڄ ڪيو. نواز شريف جي حالت ته اها هئي جو صبح جو تازي لسي، ڏهي ۽ مکڻ ڀورڀن مان گهرائڻ لاءِ خاص هيليڪاپٽر موڪليندو هو. هنن جي دورن کي جيڪڏهن جمهوري آمريتي دور سڏجي ته به حرج نه ٿيندو. انهن ٻنهي حڪمرانن عدليا ۽ پريس ٻنهي کي آزادي ڏيڻ بدران جمهوري حڪمران هوندي به دٻائي رکيو. هنن جا ڪجهه چڱا ڪم به هوندا جيڪي يقينن برن ڪمن جي ڀيٽ ۾ قابل ذڪر ناهن. انهن جي اهڙي آمراڻي انداز سان حڪمراني ڪرڻ واري طريقي سبب عوام جو سياست تان اعتماد کڄندو ويو ۽ حالت اها ٿي ته ملڪ ۾ سياست جو مطلب ٺڳي بڻجي ويو. اڄ به ٻهراڙين ۾ بنهه اڻپڙهيل ڳوٺاڻا ماڻهو پاڻ ۾ جڏهن ٺڳي ۽ دوکي بابت ڳالهائيندا آهن ته اهو چوندا آهن ته ”اڙي مون سان سياست ٿو ڪرين.“ اهڙي جمهوريت کان عوام ايترو بيزار ٿي ويو جو اڄ جڏهن هيوي مينڊيٽ وارو نواز شريف اٽڪ قلعي ۾ چادر وڇائي ويٺو آهي ته ڪو به سندس لاءِ همدردي نٿو رکي. ساڳئي حالت بي بي جي به هئي جڏهن لغاري سندس حڪومت ختم ڪئي ته ڪو به سندس لاءِ ڳوڙها ڳاڙڻ وارو ڪو نه هو. بي بي جو پلس پوائنٽ اهو هو ته پارٽي وارا ساڻس گڏ رهيا پر نواز شريف کان ته مسلم ليگ جي سينيئر نائب صدر اعجاز الحق به پهرين ڏينهن لاتعقلي ظاهر ڪئي آهي. سندس والد ميان شريف به بيان ڏنو ته منهنجي نافرماني جي سزا نواز پيو کائي ڇو ته هن کي سدائين سمجهائيندو هئس ته فوج سان ٽڪر نه وٺجانءِ. هاڻي ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته چوڌري نثار ۽ شهباز شريف به اهو پيا مشهور ڪرائين ته هنن نواز شريف کي منع ڪئي ته پرويز مشرف کي نه هٽايو، چون ٿا ته شهباز شريف ايتري حد تائين چيو ته جيڪڏهن مشرف کي هٽايو ويو ته هو استعيفا ڏيندو. بهرحال حقيقت ڇا هئي اها ته جلد سامهون ايندي پر چوڻ جو مقصد ته ميان جي حالت مائيءَ کان به خراب آهي.
جنرل پرويز مشرف آئين ناقابل عمل بڻائي پاڻ کي چيف ايگزيڪيوٽو بنائي ڇڏيو آهي. اسيمبليون معطل ڪري ڇڏيون پر ان تي ڪو به رد عمل سامهون نه آيو. جمهوريت جا چيمپئن به چپ آهن ته عوام ته اهڙي ماٺ ۾ آهي ڄڻ هنن جو ڪو واسطو ئي ناهي. جنرل مشرف جي ان حڪم تي دنيا ۾ واويلا متل آهي، آمريڪا، برطانيا، ڪامن ويلٿ جا ملڪ ۽ يورپي برادري سميت چين به پريشان آهي ته پاڪستان ۾ هڪدم جمهوريت بحال ٿيڻ گهرجي. دنيا احتجاج پئي ڪري ته پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ڪيو پر پاڪستان جا سياستدان توڙي عوام ان کان لاتعلقي ظاهر ڪيون ويٺا آهن هاڻي ته ايئن پيو لڳي ته مدعي سست ۽ گواهه چست وارو حساب آهي. هرڪو دنيا ۾ پريشان آهي ته پاڪستان ڪهڙو ملڪ آهي جنهن جا سياستدان توڙي عوام جمهوريت جي خاتمي ۽ فوجي راڄ جي قيام تي خوش آهن. جيتوڻيڪ اهو ئي آمريڪا هو ۽ اهي ئي يورپي ملڪ هئا جن ضياءَ الحق جي مارشل لا خلاف ڪو احتجاج نه ڪيو هو. افغانستان ۾ روس کي شڪست ڏيڻ لاءِ ضياءَ مارشل لا جي جيتري مالي، اخلاقي ۽ سياسي مدد آمريڪا ڪئي اوتري ڪنهن به نه ڪئي هئي.
هاڻي جڏهن ملڪ ۾ اڌ آئيني ۽ اڌ غيرآئيني سيٽ اپ آيو آهي ۽ ان سيٽ اپ جي سربراهه جنرل پرويز مشرف جيڪو 7 نڪاتي فارمولو ڏنو آهي ان بعد هاڻي بينظير ڀٽو به چوي پئي ته 6 مهينا اهو سيٽ اپ ڀلي هلي پر بهتري لاءِ مون کان مشورو ضرور وٺو. خير اهو ته مالڪن جي مرضي تي ڇڏيل آهي ته هو مشورو وٺن يا ٻيو ڪجهه ٿا ڪن، اهو وقت ٻڌائيندو.
بهرحال هيستائين اڻ ڄاتل مدي تائين اقتدار ۾ رهندي 7 نڪاتي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ جو جيڪو جنرل مشرف اعلان ڪيو آهي اهو جهانگير ڪرامت جو مشن مڪمل ڪرڻ جو حصو ٿو لڳي. پهرين فرصت ۾ قومي سلامتي ڪائونسل جو قيام ان جو واضح ثبوت آهي. هي اهائي ڪائونسل آهي جنهن جي قيام جي صلاح جهانگير ڪرامت جي برطرفي جو باعث بڻي هئي. جيڪڏهن عدليا ۽ ميڊيا جي آزادي برقرار رکڻ واري اعلان تي روح سان عمل ٿيو، ڊيفالٽرن کان 200 ارب وصول ٿيا، ڪرپٽ سياستدانن ۽ ڪامورن کان ڦريل مال واپس ورتو ويو، اقليتن جا حق بحال رهيا، نجي نيوز ٽي وي چينل هلي پيو، مهانگائي گهٽجي وئي، بجيٽ جو خسارو ختم ٿي ويو، صوبائي خودمختياري ڏني وئي، مڪاني ادارا مضبوط ڪيا ويا ته بنگلاديش جي جنرل ضياءَ وانگر پرويز مشرف کي هٽائڻ تي پاڪستان جا ماڻهو به پاڻ ساڙڻ کان نه ڪيٻائيندا. جيڪڏهن جمهوري آمريتن جي ڏکايل عوام توڙي ادارن جي ڦٽن تي مارشل لائي جمهوريت جي مرهم رکي ته مشرف کي ماڻهو تاحيات چيف ايگزيڪيوٽو رکڻ لاءِ دعائون گهرندا. جنرل جي لبرل جمهوري ايجنڊا تي جيڪڏهن عمل ٿي ويو ته پوءِ آمريڪا هجي يا ڪير به هجي ماڻهو جمهوريت کان لاتعلقي ظاهر ڪندا. اسلام کي ايڪسپلائيٽ ڪندڙن کي جيڪا مشرف اک ڏيکاري آهي ۽ سچي اسلام جي پرچار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ان تي به جيڪڏهن عمل ٿيو ته امن امان سان گڏ ڪافي مونجهارا ۽ مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا. جيڪڏهن ڀارت سان ڪشمير معاملي بابت بريڪ ٿرو ٿي ويو ۽ طالبان جي طبيعت پڇي وئي ته پوءِ دنيا وارا پاڻ ئي مشرف تي ڪلما پڙهندا.
نواز شريف جيڪو اڄڪلهه اٽڪ قلعي ۾ آهي تنهن جي جنسي ۽ ڪرپشن اسڪينڊلز جا جلد راز فاش ٿيڻ وارا آهن. وزيراعظم هائوس جي تلاشي دوران نواز شريف جي خاص ڪمري مان ”وياگرا“ سميت جنسي دوائون به هٿ آيون آهن. هن جي ڪمري مان پيانو به مليو آهي. چون ٿا ته هو پاڻ به وڄائيندو آهي ۽ اڪثر ڪري شام جو غم غرق ڪرڻ لاءِ ان ڪمري ۾ ڪنهن سٺي ڳائيندڙ سان گڏ تارون ملائيند هو. ان کانسواءِ شهباز شريف جي نئين شادي جا پراڻا مخدوم الطاف جي زماني وارا قصا، ثروت سڳوري ۽ لاهور ۾ اوور هيڊ برج ٺاهڻ جي پس منظر وارا قصا به آهستي آهستي رليز ٿيڻ وارا آهن. لاهور ۾ هڪ دفعي شهباز پنهنجي دوست سان ملڻ ويو ته روڊ بلاڪ هو، نجي ڪار ۾ بنا گارڊز جي هو ڪڇي به نه پيو سگهي پر صبح جو اجلاس گهرائي دوست واري گهر ڏانهن اوور هيڊبرج ٺهرائي ڇڏيائين.
اڄڪلهه جڏهن نواز شريف عتاب ۾ آهي ته سندس سڄي مسلم ليگ جا مک ماڻهو گڏجي هن کي مسلم ليگ جي عهدي تان هٽائي نئون ليڊر چونڊڻ ۽ سڀني مسلم ليگين کي گڏائي متحده مسلم ليگ ٺاهي پئي وڃي جنهن جو سربراهه سنڌ جو وڏو پير هوندو.
(19 آڪٽوبر 1999ع)