تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

آصف پاران “خودڪشيءَ” جي ڪوشش؟ پردو کڄي ٿو

آصف پاران “خودڪشيءَ” جي ڪوشش؟ پردو کڄي ٿو

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ٽيهر حڪم جاري ڪرڻ بعد آصف زرداري کي ڪالهه پوليس آغا خان اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي جتي بقول پ پ وارن جي ته آصف جي وات مان رت وهي رهيو آهي ۽ غشيءَ جي حالت ۾ آهي. آصف زرداري هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان ۾ اهڙي شخصيت بڻجي اڀريو آهي جو هر مارڪيٽ، هر آفيس، هر دڪان ۽ هر بازار ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي. ڪجهه وقت اڳ سندس باري ۾ سٺي راءِ نه رکندڙن ۾ به ڄڻ ته هاڻ هڪ همدردي پيدا ٿي پئي آهي جنهن تي حڪومت جي هڪ ذميوار همراهه چيو ته ”وزيراعظم نواز شريف کي سخت ڪاوڙ آهي ته اسان اڍائي سالن ۾ آصف کي زيرو ڪيو پر پوليس وارن جي هڪڙي رات جي ڪارروائيءَ سبب هو هيرو ٿي ويو آهي ۽ اسان جي اڍائي سالن جي محنت ضايع ٿي وئي آهي.“ هتان جي سڄاڻ حلقن ۾ اها راءِ آهي ته آصف جي آغا خان اسپتال منتقلي وفاقي حڪمرانن جي مرضي سان ٿي آهي پر ان ۾ ٻين ڌرين خاص ڪري بول بالا وارن جي به ڪوشش شامل آهي.
پيپلزپارٽي جي هڪ انتهائي ذميوار ۽ سينيئر اڳواڻ الزام هنيو ته ”لاهور جي هڪ اهم شخصيت رانا مقبول کي خصوصي هدايت ڪئي ته آصف سان ”توهين آميز“ سلوڪ ڪريو ۽ سندس ويڊيو فلم به ٺاهيو. ان ڪم لاءِ نويد سعيد انسپيڪٽر کي به موڪليو ويو. 17 ۽ 18 مئي جي وچ واري رات 7 پوليس آفيسرن جي ٽيم آصف وٽ پهتي، هڪ پوليس آفيسر آصف تي جسماني تشدد لاءِ سندس ڪپڙا لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن کي آصف ڌڪو ڏئي گاريون ڏيڻ لڳو ته نويد سعيد شيشي جو گلاس ڀڃي سندس ڳچي تي رکيو ۽ ٿورو زور ڏنو ته ڀڳل شيشي جي چهنب آصف کي چڀي وئي. جنهن تي آصف دانهن ڪندي نويد سعيد کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس هٿ ۾ ڀڳل گلاس هو جيڪو سندس سيني تي لڳو ۽ سيني ۾ به زخم رسيو، گلاس سان زخمي ٿيڻ کان پوءِ آصف جي ڳچي، هٿ ۽ سيني مان رت وهڻ لڳو. آصف ڪري پيو ۽ مٿس غشي طاري ٿيڻ لڳي. اها حالت ڏسي پوليس وارن کي ڊپ ٿيو ته هو خدانخواسته هيٺ مٿي نه ٿي وڃي. ان ڊپ کان پوءِ پوليس وارن خودڪشيءَ جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي.“ اهو قصو ٻڌائيندڙ پ پ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته هن کي اها ڳالهه هڪ اهڙي پوليس آفيسر ٻڌائي آهي جيڪو ان سڄي قصي کان باخبر آهي. جيڪا منظرڪشي هن ڪئي اها درست يا غلط ان بابت ته هڪ آصف ٻڌائي سگهي ٿو ٻيو اهي پوليس وارا.
گاديءَ واري شهر ۾ حڪومتي حلقا آصف جي حوالي سان سخت پريشان آهن. هنن جي پريشاني ان ڪري ناهي ته ڪو هن جي زندگيءَ کي خطرو آهي پر اهي ان ڪري پريشان آهن ته آصف لاءِ همدردي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. سڀ کان وڌيڪ فارين ميڊيا ۽ سفارتي حلقا آصف زرداريءَ بابت دلچسپي وٺي رهيا آهن ۽ هو پنهنجي پنهنجي ذريعن، جيڪي گهڻو ڪري صحافي آهن، تن کان ڪلاڪ ڪلاڪ جي رپورٽ وٺي رهيا آهن. هتان جي سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ سنڌ جي گورنر واري سنگل ڪالم ۾ شايع ٿيل ان بيان کي انتهائي اهميت جوڳو قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ معين الدين حيدر چيو آهي ته هن کي آصف بابت پوليس معلومات نٿي ڏئي ۽ آصف خودڪشي نه ڪئي آهي. معين الدين حيدر جي اهڙي موقف جي حوالي سان ٻه رايا رکيا وڃن ٿا. هڪ اهو ته معين الدين حيدر جن جو ماڻهو آهي تن جي چوڻ تي هن ايئن چيو هوندو، ٻيو اهو ته هن کي خبر آهي ته هن خلاف ڪوششون تيز آهن ۽ ڪنهن وقت سندس تبديليءَ جو اعلان متوقع آهي. غوث علي شاهه ته تابانيءَ لاءِ لابنگ به شروع ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سنگل جج جسٽس حامد مرزا جي حڪم تي آصف کي اسپتال منتقل نه ڪرڻ ۽ وري ڊويزنل بينچ جيڪا جسٽس ڊوگر ۽ جسٽس سومرو تي مشتمل هئي تنهن جي حڪم کي به سنڌ پوليس لاءِ پنجاب مان امپورٽ ڪيل موسٽ جونيئر آفيسر، جن کي تڪڙا پروموشن ڏئي وت، سمجهه، سگهه ۽ قد کان وڏا عهدا ڏئي سنڌ ۾ ڪمانڊ ڏني وئي آهي. تن مڃڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي هتان جي عدالتي توڙي نان سويلين حلقن ۾ سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي. انهن ادارن جي ڳڻتي ۽ خاموش احتجاج جي نتيجي ۾ ئي حڪومت جنهن تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي هئي، هاڻي هن اها اسپيڊ زيرو ڪري ڇڏي آهي. جيڪو عمل پوئتي هٽڻ برابر آهي.
جيتوڻيڪ حڪومت جي رفتار ۽ انداز مان ڪالهه تائين پوئتي هٽڻ جو امڪان نظر نه پئي آيو پر ٿي سگهي ٿو ته ان جو شايد هڪ ٻيو سبب هجي ته پنجاب پريس جيڪا اڳ ۾ بنهه سرڪار جي اشتهاري شعبي جي هدايتن ۽ گذارشن مطابق هلي رهي هئي. تنهن آصف واري مسئلي کي Extra flash ڪيو آهي. هتي پنجاب پريس مان مراد پنجاب ۽ اسلام آباد مان شايع ٿيندڙ اخبارون آهن. ايڪسٽرا فليش ان ڪري ٿا چئون ته هيستائين بينظير توڙي آصف کي انهن انڊر پلي ڪيو آهي. ڪالهه حقيقي معنيٰ ۾ جيڪا ڪوريج آصف جي واقعي کي ملي، اهو واقعو اها ڪوريج لهڻي به پر جيئن ته اها ڪوريج حڪمرانن جي توقع کان وڌيڪ آهي تنهن ڪري اهو جملو لکڻو ۽ ايڏي وضاحت ڪرڻي پئي.
آصف سان غير انساني سلوڪ ڪرڻ بابت جيتوڻيڪ سيد مشاهد حسين کانسواءِ ٻئي ڪنهن به وزير ترديد نه ڪئي آهي پر جڏهن کان سنڌ جي گورنر اهو چيو آهي ته ”آصف خودڪشي نه ڪئي آهي“ تنهن کان پوءِ حڪومت جو ڪيس ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ وزيراعظم کي اها شڪايت به پهتي آهي ته محترمه ۽ آصف کي احتساب ڪورٽ پاران مليل سزا کان پوءِ ڪو به وزير حڪومت جي حق ۾ بيان نٿو ڏئي، ان ڏس ۾ اوهين وزيرن کي چئو. ميان صاحب وزيرن کي چيو به هو پر پوءِ به اڃا تائين ڪنهن وزير جو قابل ذڪر بيان نظر نه آيو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر شيخ رشيد به چپ جو روزو رکيو آهي.
آصف واري واقعي کان پوءِ ڄڻ ته سياسي طور ڇانئيل جمود ٽٽي پيو آهي ۽ بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر به ڄڻ ته حڪمرانن پاڻ اڇلايو آهي. ان واقعي کان پوءِ حڪومت خلاف هڪ حد تائين راءِ عامه جڙي سگهي ٿي ۽ پ پ ۾ به ساهه پئجي سگهي ٿو. ان صورتحال ۾ پ پ وارن کي جنهن طريقي سان حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي اها حڪمت عملي شايد اهي جوڙي نه سگهن. اڄ 20 مئي تي سنڌ ۾ هڙتال ۽ پنجاب جي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي جلوس ۽ مظاهرا ٿيندا. پ پ پاران اها ڪال ته ڏني وئي آهي پر ان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڏسجي ته مال ڪيترو ٿا لڳائين. ڇو ته هاڻي ڪارڪن کلي عام چون ٿا ته جن مال کاڌو اهي خرچ ڪن. مال خرچ ڪرڻ لاءِ شايد ئي ڪو تيار ٿئي. جهنڊا ۽ بينر ٺهرائڻ لاءِ به ڪو تيار ناهي. محترمه جي گاڏيءَ جي ڊرائيونگ تي افتخار گيلانيءَ سان جهيڙا ڪندڙ جهانگير بدر وارا بلڪل نظر نٿا اچن. ان صورتحال جو محترمه کي ذاتي طور نوٽيس وٺڻو پوندو.
محترمه جي ساٿين جو چوڻ آهي ته بي بي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف سان رابطي جي به ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هوءَ امين فهيم ۽ ڪجهه ٻين کي وٽس موڪلي. ان ڏس ۾ باقاعده اڻ سڌا رابطا ۽ ڪوششون شروع به ٿيون آهن. جيڪا هاڻي صورتحال نظر اچي رهي آهي تنهن ۾ ڪافي دم خم آهي ۽ صورتحال يڪسر تبديل ٿي به سگهي پئي ۽ اڄڪلهه حڪومت مخالف حلقا هڪ ٻئي کي تبديليءَ جي حوالي سان معنيٰ خيز انداز ۾ اهو شعر پڙهي ٻڌائين پيا ته:
”سو دل ڪا جانا ٺهر گيا، اب صبح گئي ڪي شام گئي.“
(20 مئي 1999ع)