ڪرپشن بابت ٺهراءُ ۽ واڳ ڌڻين جي بدحواسي
ڪرپشن ختم ڪرڻ بابت عدالتي ڪميشن ٺاهڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي پيش ڪيل رٿ جي مخالفت ڪري پيپلزپارٽي جي حڪومت ڇا حاصل ڪيو آهي؟ ان سوال جو جواب سرڪار وٽ به ناهي. خواجا آصف جهڙا مسلم ليگي ميمبر جيڪي صحافين وانگر وزيرن ۽ سرڪار جي حامين جي ڪرپشن بابت قصا ايئن ٿا کوٽي آڻين جو هڪ واقعو بيان ڪري بيهن ئي نٿا ته ٻئي قصي جا ڪاغذ کين ملي وڃن ٿا. جيئن سٺي رپورٽر وٽ سدائين ٽي چار خبرون اسپيئر ۾ پيون هونديون آهن، ايئن ئي مخالف ڌر وٽ به سرڪار جي حامين جي ڪرپشن جا دستاويز پيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ليگين جي مدد ڪجهه صحافي به ڪن ٿا. جهڙي طرح اخباري دنيا ۾ مختلف ٻولين جي اخبارن جي رپورٽرن جو پاڻ ۾ سينڊيڪيٽ هوندو آهي، ۽ هو هڪٻئي سان خبرون شيئر ڪندا آهن. اهڙي طرح اڄڪلهه صحافي پڻ ليگي ميمبرن سان ڪرپشن واريون خبرون ايڪسچينج ڪن ٿا.
موجوده حڪومت جي چند وزيرن ۽ ايم اين ايز خلاف جهڙي طرح روز مسلم ليگ وارا سچا ڪوڙا ڪرپشن جا الزام هڻندا رهن ٿا ۽ هر هڪ ڊيل ۾ هروڀرو به آصف زرداري ”ويچاري“ کي ملوث ڪندا رهن ٿا. اهڙي ماحول ۾ حڪومت لاءِ سنهري موقعو هو ته هو مخالف ڌر جي ليڊر نواز شريف جي رٿ جي مخالفت ڪرڻ بدران حمايت ڪري ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪري ها. ان سان ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ملي ها! جهڙي طرح نواز شريف آڇ ڪئي ته جنهن تي ڪرپشن جو ڪيس ثابت ٿئي ان تي سڄي زندگي لاءِ سياست تي بندش وڌي وڃي. ان سان سياست مان ڪارين رڍن جو به ڪنهن حد تائين صفايو ٿي وڃي ها! جيتوڻيڪ نواز شريف هٿ سان وارو ڏنو هو پر الائي ڇو حڪومت جي مت مري وئي جو هنن اهڙو موقعو وڃائي ڇڏيو. سرڪار ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي مخالفت ڪري ڪرپشن جي حمايت ڪئي آهي. ان سان حڪومت کي ڪيترو فائدو ٿيندو ۽ مخالف ڌر کي نان اشوز جي سيزن ۾ ڪيڏو فائدو ٿيندو؟ اهو وقت ۽ تاريخ ٻڌائيندي. ڇو ته اها ڳالهه قومي اسيمبلي جي آڊيوڪيسٽن ۾ رڪارڊ ٿي وئي، ته پ پ حڪومت ڪرپشن ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي.
گيم اوور ٿيڻ بعد خورشيد شاهه جهڙو شريف ماڻهو پڻ نواز شريف تي 45 ڪروڙ انڪم ٽيڪس بچائڻ ۽ ڪوآپريٽو اسڪينڊل ۾ 300 ملين رپيا يعني (30 ڪروڙ) هضم ڪرڻ جا الزام هڻندو رهيو. خورشيد شاهه ته اهو به چيو ته وزيراعظم بينظير ڀٽو جنهن ڏيڍ ڪروڙ جي ڊيوٽي بچائي ٻه مرسيڊيز ڪارون گهرايون آهن، سو ته نواز شريف کي نظر اچي ٿو، پر هن جيڪي پاڻ اربين رپين جا غبن ڪيا آهن کيس ياد نٿا اچن. ان ڳالهه مان شايد اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته ”اسان ته ننڍا آهيون، وڏا چور ته مخالف ڌار وارا آهن.“
پاڪستان ۾ ڪرپشن جا قصا ايڏا وڌي ويا آهن، جو نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ شايع ٿيندڙ انگريزي مئگزين ۽ اخبارن ۾ به انهن قصن کي اهم ڪوريج ملي رهي آهي. ان جو سبب اهو آهي، ته اسان جي ملڪ ۾ هيٺ کان وٺي مٿي تائين جنهن کي وارو لڳي ٿو وهائي ٿو وٺي. وزيراعظم بينظير ڀٽو جڏهن 1988ع ۾ وزيراعظم ٿي ته جرمني جي مشهور ”مرسڊيز بينز“ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ کان نئين مرسڊيز بينز ڊيوٽي فري ڪار امپورٽ ڪئي، جنهن تي 65 لک رپين کان وڌيڪ جي ڊيوٽي معاف ڪرائي وئي. ان کان پوءِ نواز شريف آيو هن به پنهنجي پٽ جي نالي تي اسپورٽس مرسڊيز گاڏي امپورٽ ڪئي، جنهن تي پڻ 60 لک کان وڌيڪ ڊيوٽي بچائي وئي. نواز شريف سياڻپ اها ڪئي جو جڏهن اقتدار مان ويو ته اها گاڏي حڪومت حوالي ڪري ويو. بينظير ڀٽو کان غلطي اها ٿي جو هن 88ع ۾ گهرايل مرسڊيز گاڏي وڪرو ڪري ڇڏي، جنهن جي بدلي ڊيوٽي معاف ڪيل 65 لک به کيس وصول ٿي ويا. قانون موجب کيس گاڏي گهرائڻ جو حق هو، ان ڪري ان کي ڪرپشن نٿو چئي سگهجي. وري محترمه جڏهن 93ع ۾ ٻيهر وزيراعظم ٿي ته فيبروري 94ع ۾ هڪ ٻي نئين مرسڊيز بينز ٽائپ ايس 6000،600 سي سي گهرائي، جنهن تي به 88،28،222 رپيا ڊيوٽي معاف ڪرائي، هي ته کڻي وزيراعظم هئا، ٺيڪ آهي، هنن گاڏيون گهرايون، پر وسيم سجاد جيڪو 93ع ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ قائم مقام صدر ٿيو، تنهن به وارو نه وڃايو ۽ قائم مقام صدر جي حيثيت ۾ ڊسمبر 93ع ۾ نئين مرسڊيز بينز ٽائپ ايس 3000،320 سي سي گاڏي امپورٽ ڪئي ۽ 66،16،901 رپيا ڊيوٽي معاف ڪرائي. تازو پتو پيو آهي، ته وسيم سجاد اها گاڏي پيپلز پارٽي جي پنجاب مان چونڊيل مشڪي رنگ واري سفيد شهپري ايم اين اي کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي ۽ معاف ڪرايل ڊيوٽي واري رقم به وصول ڪئي آهي.
جڏهن ڪرپشن جي حد اها هجي ته پوءِ ڇو نه آواز اٿندو. تڏهن ئي ته پاڪستان دنيا ۾ ٽيون نمبر وڏو ڪرپٽ ملڪ سڏجي ٿو، جو هن ملڪ جا سربراهه به مهذب نموني ڪرپشن ڪن ٿا، پوءِ ڪيئن ٽيڪس جي وصولي جو ٽارگيٽ پورو ٿيندو. منهنجي گذريل مهيني 1000 رپيا انڪم ٽيڪس ڪٽجي وئي. عيد به ان مهيني ۾ آئي. اسان جو ته سڄو سسٽم ڊانواڊول ٿي ويو، پر پوءِ به چيو ته ٺيڪ آهي. جڏهن اسان جهڙن پورهيتن کان ٽيڪس وٺن ٿا ته پوءِ نواز سريف ۽ بينظير ڀٽو ٽيڪس ڇو نه ٿا ڏين؟
قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي حڪومت جي حامي سردار عاشق ڊوگر الزام هنيو ته 93ع ۾ نواز شريف ايم اين ايز کي خريد ڪرڻ لاءِ 2 ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي ۽ مون کي به چيو، پر مان هن کي ووٽ ڏيڻ جي ها نه ڪيم ۽ محترمه بينظير ڀٽو سان ثابت قدم رهيس. هن ايم اين اي 2 ڪروڙ نه وٺي ڪيترا ڪروڙ ورتا هوندا، اها ته کيس ئي خبر آهي. پر ان مان اها ڳالهه واضح ٿي ته نواز شريف به وزيراعظم ٿيڻ لاءِ هر ميمبر کي 2 ڪروڙ رپيا آڇيا هئا. هڪ ٻئي سنڌ جي ايم اين اي مون کي ٻڌايو ته نواز شريف، غوث علي شاهه سان گڏجي مون کي به 2 ڪروڙ رپيا آڇيا هئا، مون کين انڪار ڪيو. ان بعد هو وري آيا ۽ چيو ته گوهر ايوب کي اسپيڪر شپ لاءِ ووٽ ڏيڻ لاءِ 25 لک رپيا وٺو. سنڌ جي ان ”سلم Slim“ ايم اين اي چيو ته غوث علي شاهه جي هٿ مان نواز شريف ڪاري رنگ ۽ سنهري ڪڙن واري چمڙي جو بريفڪيس وٺي مون ڏانهن وڌائيندي چيو ته هن ۾ 25 لک پورا آهن. پڪ نه اچي ته ڳڻي ڏسو. بقول ان پاسي تان سينڌ ڪڍڻ واري ايم اين اي جي ته ”مون کيس جواب ڏنو ۽ موٽائي ڇڏيو.“ نواز شريف ان ايم اين اي جي حصي وارو بريف ڪيس کڻي سنڌ جي هڪ ٻئي شيڊولڊ ڪاسٽ واري شهپري ايم اين اي وٽ ويو، جنهن 25 لک ڳڻڻ کان پوءِ اسپيڪر شپ جو ووٽ ڏيڻ لاءِ واعدو ڪيو. مطلب ته ڪرپشن جا کوڙ قسم آهن. جيڪڏهن نواز شريف ٻيهر وزيراعظم ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ جو اهو طريقو اختيار ڪيو ته پنجاب ۾ وٽو جي حڪومت ڊاهڻ کان پوءِ حڪومت وارن پڻ ساڳيو ڪم ڪيو هو، خواجه، آصف ته قومي اسيمبلي ۾ نالا کڻي چيو هو ته ذوالفقار مرزا ۽ آصف زرداري وٽو کي هٽائڻ بعد پنهنجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ نوٽن جا بيگ ڀري پنجاب جي ايم پي ايز کي خريد ڪرڻ جي مهم هلائي هئي، اهي جملا قومي اسيمبلي جي رڪارڊ ۽ اخبارن ۾ موجود آهن.
جڏهن ملڪ جي سياست ۾ اهڙا رنگ رچن ۽ پوءِ به اسين چئون ته جمهوريت آهي، ته اها زيادتي ٿيندي. ڇا هن ملڪ جي مقدر ۾ اهڙي قسم جي سياست ئي آهي؟ ڇا عوام جي ووٽ جو احترام ڪندي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جون اهڙيون حرڪتون ڪرڻ، عوامي مينڊيٽ جي توهين ناهي ؟ ڇا اهي ڪم ڊڪٽيٽري راڄ جي علامت ناهن؟ بلڪل آهن. اسان جي ملڪ مان اهڙيون روايتون ختم ڪرڻ لاءِ ڪرپشن جو خاتمو ضروري آهي. جيڪڏهن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪميشن ٺهي ها ته انهن ڪڌين روايتن جو انت اچي وڃي ها. موجوده سسٽم ۾ ڪجهه بهتري اچي ها ۽ معاشرو به سڌري ها. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي، ته موجوده اسيمبلي مان ڄام ساقي جي اقتدار ۾ شموليت کان اڳ ۾ ڪيل ڳالهه موجب ته ”جيڪڏهن پاٿاريدارن ۽ ڪرپٽ ماڻهن خلاف درست نموني مهم هلي ته موجوده اسيمبليون خالي ٿي وينديون.“ جيڪڏهن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪميشن ٺهي ها ته جنگ اخبار جو ڪارٽونسٽ انڊيا جي ڦولن ديوي جي اسيمبليءَ ۾ پهچڻ تي اهو ڪارٽون نه ٺاهي ها ته ”هوءَ پنهنجي اصل گهر پهتي آهي، هاڻي هن کي خطرو ناهي.“
تازو اطلاعات کاتي پاران وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جي ڪارڪردگي، حاصلات ۽ مختلف موقعن تي ڪيل تقريرن تي مشتمل لکين رپين جي لاڳت سان شايع ڪرايل ”پريس ڪٽ“ اسلام آباد جي صحافين ۾ ورهائي وئي. هونئن ته وزيراعظم کان وٺي وزيرن تائين پرڏيهي دورن دوران سنڌي پريس وارن کي وٺي وڃڻ ته ٺهيو، پر پريس ڪانفرنسن ۾ به نه گهرايو ويندو آهي. ٻيا ته ٺهيو، پر سنڌي وزير به سنڌي پريس جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن صحافين کي پنهنجي پريس ڪانفرنس جو باقاعده اطلاع نه ڏيندا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته سنڌ مان اليڪشن کٽڻ تائين سنڌي پريس جي ضرورت آهي ۽ پوءِ اڳتي وڌڻ لاءِ اردو ۽ انگريزي پريس ضروري آهي، سنڌي پريس جو ڪم پورو ٿو ٿئي. پر ”پريس ڪٽ“ اسان کي به ملي. ان ۾ وزيراعظم جا ڪجهه رنگين فوٽو به آهن ۽ ”بلاول فقير کان بلاول زرداري تائين“ جي عنوان سان انگريزي ۾ محمد لائق زرداري جو لکيل انگريزي وارو ڪتابچو به آهي، جيڪو پڻ سرڪاري خرچ تي اطلاعات کاتي شايع ڪرايو آهي. هن ڪتابچي ۾ زردارين جي تاريخ آهي. اڄ کان 9 مهينا اڳ جڏهن هي ڪتاب لکجي رهيو هو ته ان وقت نوابشاهه جي هڪ زرداري ۽ هڪ جمالي مون کي ٻڌايو هو ته لائق زرداري کي گرانٽ ملي آهي. ته اوهين زردارين جي تاريخ بابت ڪم ڪيو ۽ لائق زرداري ان گرانٽ مان ڪجهه فنڊ نوابشاهه جي جهونن زرداري استادن کي ڏنا آهن ۽ کين چيو آهي ته هو بلو فقير ۽ زردارين بابت مختلف تاريخ جي ڪتابن مان مواد ڳولي کيس ڏين. ان مهل ته مون انهن همراهن جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو هو، پر جڏهن ”پريس ڪٽ“ کوليم ته پهريون ڪتاب اهو پيو هو.
هن ڪتاب ۾ لائق زرداري اڳ ۾ ته اهو بحث ڪيو آهي ته زردارين بابت ڪجهه ڪتابن ۾ لکيل آهي، ته هو سماٽ آهن ۽ ڪجهه ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هو بلوچ آهن. آخرڪار اهو ثابت ڪيو ويو ته زرداري بلوچ نسل جا آهن. ان کان پوءِ وري اهو نقطو اٿاريو ويو آهي ته زرداري جت آهن يا رند؟. لائق زرداري مختلف تاريخدانن جا حوالا ڏيندي، مرزا قليچ بيگ تي زردارين جو ذڪر نه ڪرڻ تي ڪاوڙ ڪندي، اهو ثابت ڪيو آهي، ته ”زرداري جت نه پر رند قبيلي جي شاخ آهن.“ جيتوڻيڪ هن اهو به لکيو آهي، ته زرداري سنڌ جو امير ترين قبيلو ليکيو ويندو آهي. امير ترين ان ڪري جو هنن وٽ اٺ جام هوندا آهن ۽ سنڌ ۾ اها روايت آهي ته ڪلهوڙن جي دور تائين هٿيار وغيره هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ آڻڻ نيڻ لاءِ اٺ استعمال ٿيندا هئا. جيئن ته اٺ زردارين وٽ هوندا هئا ان ڪري نه صرف هو معزز ليکيا ويندا هئا پر وقت جا حڪمران پڻ زردارين جي عزت ڪندا هئا. لائق زرداري لکيو آهي ته ”زرداري 1640ع کان وٺي سنڌ ۾ رهندا پيا اچن ۽ هو شروع کان وٺي هوشيار، ڏاها، علم دوست، عالم، فاضل ۽ امير ترين رهيا آهن.
هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته آصف زرداري جو اصل نالو سجاول زرداري آهي. لائق زرداري 32 صفحن جي ڪتابچي ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ، ته ”گذريل 300 سالن کان زرداري قبيلو سنڌ جي سماجي، معاشي ۽ علمي خدمت ڪري رهيو آهي. ڪلهوڙا حڪمراني واري دور دوران ميان نصير محمد ڪلهوڙو جڏهن حاڪم هو، تڏهن زرداري قبيلو وجود ۾ آيو. جڏهن ميان آدم شاهه ڪلهوڙو بلوچستان (ڊيراجت) مان لڏي سنڌ ۾ آيو ته هن سان گڏ ڪجهه بلوچ قبيلن جا ماڻهو به آيا. سردار خان بلوچ نالي شخص امير ماڻهو هو. ان جا ميان نصير سان سٺا واسطا هئا، ان ڪري ميان نصير خان، سردار خان کي ”زردار خان“ جو لقب ڏنو. جنهن کان پوءِ زردار خان جي اولاد ۽ سندس ساٿي زرداري سڏائڻ لڳا. اهو واقعو بيان ڪرڻ مهل اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته هي ڏند ڪٿا آهي يا هن جو ڪنهن تاريخ ۾ ذڪر آهي. زردار خان کي ٻه پٽ هئا. جن مان مارڪاڻو خان به هڪ هو. مارڪاڻو خان جو پٽ هو مير خان ۽ ان جو پٽ هو بلاول جيڪو بعد ۾ بلو فقير جي نالي سان مشهور ٿيو. هن کي پٽ ڄائو سردار خان جنهن جو پٽ ٿيو دلاور خان، دلاور جو پٽ هو مراد خان ۽ هن جو پٽ هو الله بخش، وري الله بخش جو پٽ سجاول ۽ هن جو پٽ ٿيو محمد حسين ۽ وري محمد حسين جو پٽ حاڪم علي زرداري (هاڻوڪو) هن جو پٽ سجاول عرف آصف زرداري ۽ آصف کي وري پٽ ٿيو، بلاول. آصف پنهنجي پٽ جو نالو پنهنجي اٺين پيڙهي واري بلاول عرف بلو فقير کان متاثر ٿي رکيو. لائق زرداري پاران لکيل هن ڪتاب موجب زرداري مرد توڙي عورتون ميٽ ۽ تيل سان وهنجنديون آهن، شايد صابڻ استعمال گهٽ ڪن. بلو فقير ميان نصير جو ملازم هو. جڏهن نادر شاهه افشر سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ان وقت ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم هو، جنهن نادر شاهه کي هر سال 20 لک ڏنڊ ڀري ڏيڻ جو واعدو ڪيو. نادر شاهه جڏهن واپس ويو ته ميان نور محمد جا ٻه پٽ ميان غلام شاهه ۽ ميان مراد ياب خان نادر شاهه پاڻ سان گڏ وٺي ويو. انهن جي نوڪري ۽ سهولت لاءِ ميان نور محمد پنهنجي ملازم بلال عرف بلو فقير کي به گڏ ايران موڪليو. ايران ۾ ميان غلام شاهه تي نادر شاهه جي ڀائٽي عاشق ٿي پئي ۽ هنن شادي ڪري ورتي. جنهن بعد 3 سالن کان پوءِ بلو فقير کي غلام شاهه واپس سنڌ موٽائي ڇڏيو. بلو فقير پنهنجي ڳوٺ مير خان زرداري ۾ 1743ع ۾ موٽي آيو ۽ غلام شاهه 7 سالن بعد جڏهن نادر شاهه مري ويو ته واپس سنڌ موٽي آيو، جنهن کي ايراني شهزادي مان ميان سرفراز ڪلهوڙو نالي پٽ ڄائو، جيڪو شاعر پڻ هو. انهن ڏينهن ۾ بلو فقير ڪراڙو ٿي چڪو هو ۽ هن کي ميان نور محمد موڪل ڏني. هو گهر موٽي آيو، پر ٿوري عرصي بعد 1753ع ۾ ميان نور محمد جي وفات کان هڪ سال پوءِ 1754ع ۾ بلو فقير به مري ويو. غلام شاهه بعد ۾ پنهنجي وفادار نوڪر بلو فقير جي خدمتن عيوض سندس قبر مٿان يادگيري لاءِ 1768ع ۾ قبو ٺهرايو، جنهن بعد مير خان زرداري ڳوٺ، بلو فقير جي قبي واري ڳوٺ طور مشهور ٿيو ۽ هر سال اتي عرس ٿيندو آهي. اسلام آباد ۾ به گذريل هفتي امام بري جو عرس ٿيو، 8 ڏينهن ميلو لڳو. بري امام جي والد جي درگاهه آبپاره چوڪ جي سامهون آهي. ان تي ماڻهو گهٽ ايندا آهن .اتي نه ميلو لڳي نه ٻيو مزو، سناٽو ڇانيل آهي، بس رات جي وقت ڪجهه ڏيئا ٽمڪندا آهن. سنڌ ۾ به اهڙا قبا گهڻا آهن. سنڌ جي مشهور شخصيت عليم درس جيڪو درويش پڻ هو. هو اهڙن قبن وارن پيرن لاءِ پويون ڏينهن هوندو هو، عليم درس گهڻن پيرن جا پڙ ساڙيا، ڪيترن جون ته قبرون به ڊاهي پٽ ڪيون هيائين. عليم جو مقصد هو ته ماڻهو پيرن وٽ مراد پنڻ نه وڃن ۽ الله کان گهرون. هن سڄي حياتي پيرن جون قبرون ڊاهيون، جڏهن مري ويو ته ماڻهن چيو ته هن جي قبر کي پاڻي نه هڻو، ڪهڙا گناهه معاف ٿيندس؟ پيرن جو پٽيل آهي! سندس ڪانڌي جڏهن واپس وڃڻ لڳا ته بنا ڪڪرن جي بيٺل سج مهل آسمان مان ايڏو مينهن وٺو جو عليم جي قبر تي گپ ٿي ويئي. ماڻهن چيو وڏو پير ته هي آهي. اڄ به سوين ماڻهو پير عليم جي قبر تي مراد پنڻ ايندا آهن. عليم جنهن ڳالهه کان روڪيندو هو، اها جٺ هاڻي ماڻهو ساڻس پيا ڪن. ان عمل سان سندس روح کي ڪيتري راحت ملندي هوندي؟ سو خدا ٿو ڄاڻي.
(25 مئي 1996ع)