تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

اسلام آباد-تبصرن ۽ افواهن جي لپيٽ ۾

اسلام آباد-تبصرن ۽ افواهن جي لپيٽ ۾

ڪالهه نئين مقرر ڪيل آرمي چيف پرويز مشرف چارج سنڀالي. سندس اعزاز ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ وقت جنرل هيڊڪوارٽر جا ٻه پرنسپل اسٽاف آفيسر جيڪي ڪنهن به آرمي چيف جا رائيٽ ۽ ليفٽ هينڊز هوندا آهن، اهي موجود نه هئا. جنرل علي قلي خان جيڪو چيف آف جنرل اسٽاف جي عهدي تي آهي ۽ ٻيو ڪوارٽر ماسٽر جنرل خالد نواز ملڪ، ٻئي تقريب ۾ موجود نه هئا. هي ٻئي جنرل مشرف کان سينئر آهن. اهي ٻئي پرويز مشرف جا هم ڪلاسي به آهن. هنن هڪ ئي وقت ڪميشن به ڪئي هئي ۽ پاڻ ۾ سنگتي به آهن. جڏهن نواز شريف جي پهرئين دور ۾ جنرل وحيد ڪاڪڙ کي 5 سينيئر جنرلز کي باءِ پاس ڪري آرمي چيف بڻايو ويو هو ته ان وقت به ٻه موسٽ سينيئر جنرل بنگش ۽ جنرل فرخ به جنرل وحيد جا دوست ۽ هم ڪلاسي هئا. هن جنرلز رٽائر ڪيو هو باقي انهن ٻنهي جنرلز کي جنرل ڪاڪڙ چيو هو ته اوهين منهنجا دوست آهيو مون کي آرمي چيف حڪومت بڻايو آهي ۽ ان ۾ منهنجو قصور ناهي، اوهان رٽائر نه ڪيو. سندس اها درخواست ٻنهي جنرلز قبول ڪندي وحيد کي پنهنجو چيف قبول ڪيو هو. ساڳئي طرح جنرل پرويز مشرف جنهن جا علي قلي خان ۽ جنرل خالد نواز به هم ڪلاسي ۽ سنگتي آهن تن کي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پرويز مشرف چيو آهي ته اوهان مون سان گڏجي ڪم ڪريو. هڪ اطلاع اهو آهي ته علي قلي خان ۽ خالد نواز رٽائرمينٽ لاءِ جنرل پرويز کي درخواست ڏني آهي پر هن ان تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي. ان ڏس ۾ آءِ ايس پي آر وارا چون ٿا ته کين ٻنهي جنرلز جي رٽائرمينٽ جي خبر ناهي. دفاع واري وزارت جي ترجمان غفور ميمڻ سان رابطو ڪيو ويو ته هن به ساڳئي ڳالهه چئي ته اڃا دفاع واري وزارت کي علي قلي خان ۽ خالد نواز جي استعيفا يا رٽائرمينٽ بابت ڪو اطلاع ناهي.
گاديءَ واري شهر ۾ جيئن ئي رات جو پي ٽي وي جنرل جهانگير ڪرامت جي استعيفا جي خبر نشر ڪئي ته هر ماڻهو نئون افواهه ٻڌائي رهيو هو. رات جو اهو به افواهه هليو ته پرويز مشرف آرمي چيف ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي پر اهو غلط ثابت ٿيو. ڪراچي جي اسٽاڪ ايڪسچينج جيڪا اڄ ڪلهه بزنس کان وڌيڪ افواهه ٺاهڻ ۽ پکيڙڻ جي مشين بڻيل آهي تنهن مان اڏامندڙ افواهه خميس ڏينهن صبح جو اهو هو ته نواز شريف گرفتار ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي افواهه هلندا رهيا جيڪي پڻ غلط ثابت ٿيا.
جنرل ڪرامت ڪالهه شام جو پنهنجي گهر هو. ٻڌڻ ۾ آيو ته جنرل پرويز ساڻس ملاقات ڪئي آهي پر ان جي سرڪاري طور تصديق ڪا نه ٿي هئي. جڏهن علي قلي خان ۽ خالد نواز جي استعيفا بابت پڇا ڪئي وئي ته پتو پيو ته آمريڪا جي نيوز ايجنسي ”اي پي“ (ايسوسيئيٽيڊ پريس) اها خبر هلائي آهي ته هنن استعيفيٰ ڏني آهي جيڪا خبر وائيس آف آمريڪا ۽ آل انڊيا ريڊيو سميت پوري دنيا جي خابرو ادارن ڦهلائي ڇڏي آهي. جڏهن ان ڏس ۾ هڪ واسطيدار اداري جي سينيئر آفيسر سان رابطو ٿيو ته هن چيو ته هونئن ته پاڪستان بابت هر وڏي خبر آمريڪا مان ئي رليز ٿيندي آهي پر هيءَ خبر فني لحاظ کان غلط آهي. هن چيو ته جڏهن سينيئر جنرلز باءِ پاس ٿيندا آهن ته اهي استعيفيٰ نه پر رٽائرمينٽ لاءِ آرمي چيف کي رولز موجب درخواست ڏيندا آهن. جيڪڏهن کڻي اهو مڃجي به ته هنن آرمي چيف جنرل پرويز مشرف کي رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني آهي ته وري سوال ٿو پيدا ٿئي ته هو ته آفيس ئي ڪو نه آيا هئا، ته استعيفيٰ ڪٿان ڏنائون؟ مڃجي کڻي ته اها استعيفيٰ هنن اسٽاف ذريعي موڪلي هجي پر اها خبر ته وري به پرويز مشرف ۽ هنن کي ئي هوندي. آخر اها خبر ليڪ ڪنهن ڪئي؟ ان ڏس ۾ جڏهن ڪرنل چشتيءَ سان رابطو ٿيو ته هن ڪاوڙ مان چيو ته ”جيڪو ٿيو سو ٿيو خدا جي واسطي وڌيڪ مسئلن کي نه الجهايو، خدا جي واسطي ملڪ تي رحم ڪريو، جيڪڏهن هنن استعيفيٰ ڏني هجي ها ته مون کي ٻڌائڻ ۾ ڇا هو؟“ چشتيءَ جا اهي لفظ ٻڌي هڪ لمحي لاءِ ذهن جي اسڪرين تي ليڊي ڊائنا، ڪلنٽن، نواز شريف ۽ جنرل ڪرامت جا فوٽو آيا. جن سان ٿيندڙ هاڃن جو ذميوار پريس کي قرار ڏنو وڃي ٿو. ڇا واقعي پريس ايڏي وڏي ڳالهه آهي ۽ ايڏي طاقتور آهي جو ليڊي ڊائنا جي موت جو سبب بڻجي وئي؟ اهو کڻي هڪ لمحي لاءِ مڃجي به پر ڇا اها حقيقت ناهي ته هن کي دنيا جي شهزادي بڻائڻ واري به پريس ئي هئي. جيڪڏهن اڄ ڪلنٽن مونيڪا جي اسڪينڊل جا مهڻا ٿو ڏئي ته ڇا مونيڪا سان هن جو معاشقو حقيقت ڪو نه هو؟ ڇا ڪلنٽن کي ارڪنساس جهڙي رياست مان کڻي ملڪ جو صدر بڻائڻ ۾ پريس جو ڪردار نه هو؟ ميان نواز شريف جيڪو اتفاق فائونڊريءَ جو مالڪ هو تنهن کي ملڪ جو ٻه دفعا وزيراعظم بنائڻ ۾ ڇا پريس جو ڪو ڪردار نه هو؟ بهرحال چوڻ ڪاڻ ته ڪو ڪجهه به چوي پر پريس جو معاشري ۾ اهم ڪردار آهي. پريس جو اهو ڪردار سڀني کي راس به اچي ٿو پر ڪنهن مهل سٺو نٿو لڳي. بلڪل ايئن جيئن پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کٽي ايندي آهي ته سڀ واهه واهه ڪندا آهن پر جڏهن هارائيندا آهن ته هرڪو گاريون ڏيندون آهي، حقيقت کي ڪو به تسليم ڪرڻ ڪو نه چاهيندو آهي.
ميان صاحب جا مخالف چون ٿا ته هن چيف جسٽس سجاد شاهه، صدر فاروق لغاري ۽ آرمي چيف جنرل ڪرامت کي گهر موڪليو آهي، هاڻي هن آڏو صرف هڪ ادارو آهي پريس جنهن سان ٻه پاڻي ڪندو.
جنرل پرويز مشرف جي آرمي چيف ٿيڻ بابت پارليامينٽ جي پريس گيلريءَ ۾ صحافي مختلف ڳالهيون ڪري رهيا هئا. هڪ همراهه چيو ته ڪرامت جي وڃڻ تي اڪثر ادارن ۾ خوشي ناهي، پر پرويز مشرف جي اچڻ تي ناراضگي به ناهي ڇو ته پرويز مشرف ڏاڍو ايماندار ۽ انتهائي پروفيشنل ماڻهو آهي. هو رک رکاءَ کان ڪم نه وٺندو آهي. سڀني کي سڌيون ٻڌائيندو آهي. اپوزيشن وارا صرف اهو چئي رهيا هئا ته نئون آرمي چيف سينيارٽيءَ موجب ٿئي ها ته ٺيڪ هو. ڪجهه صحافين چيو پئي ته سنڌ سان تعلق رکندڙ پرويز مشرف کي آرمي چيف بڻائي ننڍن صوبن مان احساس محرومي ختم ڪئي وئي آهي ۽ قومپرستن جي تحريڪ به متاثر ٿيندي. جيتوڻيڪ انهن راين سان لاجيڪل اختلاف جا نقطا موجود به آهن پر پوءِ به هنن همراهن اهڙيون عجيب غريب ڳالهيون ڪيون پئي.
جنرل علي قلي خان ۽ خالد نواز جي رٽائر مينٽ وارو مسئلو ڪالهه هر هنڌ بحث جو موضوع بڻيل هو. جنرل علي قلي خان جيڪڏهن رٽائر ٿيو ته وري نئين چيف آف جنرل اسٽاف جي مقرريءَ جو مسئلو ٿيندو. جنهن لاءِ جنرل صلاح الدين ترمذي ۽ جنرل سليم حيدر مان ڪنهن به هڪ کي مقرر ڪيو ويندو. جنرل ترمذيءَ جو چانس وڌيڪ آهي. جيڪڏهن سينيارٽي واري اصول موجب فيصلو ٿيو ته نيول چيف، جيڪو هن وقت ٽنهي سروسز چيفس کان سينيئر آهي تنهن کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي بڻائڻو پوندو. جيڪڏهن هو ان عهدي تي اچي ويو ته وري نئون نيول چيف مقرر ڪرڻ جو مسئلو اٿندو. جنهن لاءِ سينيئر موسٽ وائيس ايڊمرل عزيز مرزا جو نالو ورتو پيو وڃي. جيڪڏهن جنرل علي قلي خان رهيو ۽ هن کي جيڪڏهن چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪاميٽي مقرر ڪيو ويو ته سندس عهدي تي تقرريءَ جو مسئلو پيدا ٿيندو. 13هين ترميم ذريعي سروسز چيفس جي مقرريءَ جو اختيار نواز شريف پنهنجي نامزد ڪيل صدر تارڙ کان وٺي چڪو آهي. نواز شريف سابق نيول چيف منصورالحق کان به استعيفا وٺڻ جو اعزاز رکي ٿو ۽ سندس جاءِ تي فصيح بخاري کي به هن ئي مقرر ڪيو هو. ساڳئي طرح ايئرفورس ۾ عباس خٽڪ جي جاءِ تي پرويز مهدي جي مقرري جو اعزاز به هن کي آهي. هاڻي ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه اهڙا آهن جن کي مقرر ميان نواز شريف ڪيو آهي هيستائين ڪنهن وزيراعظم جي کاتي ۾ اهڙو اعزاز گهٽ آيو آهي.
(9آڪٽوبر 1998ع)