تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

هن بجيٽ سنڌ کي ڇا ڏنو؟

هن بجيٽ سنڌ کي ڇا ڏنو؟

پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مالي سال 2003-2002ع لاءِ حڪومت وفاقي بجيٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 7 کرب 42 ارب رپين جي بجيٽ ۾ عام ماڻهن ۽ پگهاردار طبقي لاءِ ڪا به رعايت ناهي ڏني وئي، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت عزيز کان ڪالهه جڏهن پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ پڇيو ويو ته هيءَ ڪهڙي بجيٽ آهي، جنهن ۾ ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون سستيون ڪيون ويون آهن، تيل صابڻ ۽ بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي، ڇا ماڻهو گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون کائيندا؟ ته حسب معمول عوام دوست بجيٽ جي 3 ڪلاڪن تائين دعويٰ ڪندڙ شوڪت عزيز وٽ ان سوال جو حسب روايت مسڪرائي ٽارڻ کان سواءِ ڪو رستو نه هو، اليڪٽرانڪ ڪلڪيوليٽر، جهاز ۽ انهن جو سامان به سستو ڪيو ويو آهي ۽ عام ماڻهو اهي سستا ڪيل سامان ڪيترو خريد ڪندا آهن، ان جو فيصلو عوام تي ڇڏيون ٿا. عام ماڻهن ۽ پگهاردار طبقي کي هن بجيٽ مان وڏيون اميدون هيون، جيڪي پوريون نه ٿيون. ملازمن جا خرچ جنهن تيزيءَ سان وڌن پيا، پيٽرول، بجلي، فون، ڪپڙا کاڌو ۽ دوائون مطلب ته هر شيءِ ڏينهون ڏينهن مهانگي ٿيندي وڃي ٿي، پر انهن جي پگهارن ۾ اضافي بدران ملندڙ ان بونس تي به ٽيڪس هڻي ڇڏي آهي، يعني هڪ لحاظ کان سندن پگهارون گهٽ ٿيون آهن. سراسري طور جائزو وٺڻ بعد معلوم ٿيندو ته هيءَ بجيٽ لوئر مڊل ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس لاءِ هرگز فائدي واري ناهي. حڪومت ته اها به دعويٰ ڪئي آهي ته هن بجيٽ ۾ ڪا ٽيڪس ناهي لڳائي وئي، پر ڇا هو ٻڌائيندا ته ”بجيٽ کان چند هفتا اڳ پيٽرول، گاسليٽ، گيهه، کاڄرو تيل، بجلي، گئس جا اگهه وڌائڻ ٽيڪس نه هئي“ اقتصادي ماهرن جو خيال آهي ته آءِ ايم ايف سان ٽن سالن واري ڪيل معاهدي موجب هر سال ڪسٽمز ڊيوٽي گهٽ ڪرڻ ۽ يوٽيلٽي بلز (بجلي، گئس، پيٽرول) تي اگهن ۾ واڌ ڪرڻي آهي ۽ حڪومت ان ئي فارمولي تي عمل پيرا آهي.
حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ 20 ارب 79 ڪروڙ 40 لک رپين جي سبسڊي ڏني آهي، پر ان رقم مان زرعي شعبي لاءِ هڪ ٽڪو ناهي رکيو ويو. زراعت جيڪا 25 سيڪڙو جي ڊي پي ۾ حصو رکي ٿي. ان لاءِ هڪ ٽڪو به ناهي پر واپڊا، ڪي اي ايس سي، پاسڪو ۽ نيشنل ريفائنريز وغيره لاءِ اربين رپيا سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي ۾ شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائل ملز سرڪاري مل آهي، سالن کان بند آهي. ان لاءِ هلندڙ سال هڪ ڪروڙ رپيا رکيا به ويا پر ان مان هڪ رپيو به رليز نه ڪيو ويو. ايندڙ سال فوجي فرٽيلائيزر، (اردن) لاءِ هڪ ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي. نه فوجي فائونڊيشن سڃي آهي نه دنيا جو امير ملڪ اردن سڃو آهي، انهن ٻنهي جي هن اداري ”ايف ايف سي-جارڊن“ لاءِ پوءِ به هڪ ارب جي سبسڊي آهي، پر شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائيل ملز، جنهن جي مزدورن جا چُلها وساميل آهن تنهن لاءِ بجيٽ ۾ ڪا رقم ناهي. پنجاب صوبي کي ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ 2 ڪروڙ 30 لک رپين جي سبسڊي ملي آهي پر سنڌ لاءِ هڪ ٽڪو به ناهي. پنجاب جي ڪڻڪ، جيڪا ٻاهر موڪلي وڃي ٿي. ان جو ٻاهر اگهه گهٽ آهي، ڇو ته ڪڻڪ جي اها ڪوالٽي ناهي ۽ دنيا جا مختلف ملڪ پنجاب جي گهرايل ڪڻڪ جانورن جي چاري لاءِ استعمال ڪن ٿا. ان ڪري اگهه گهٽ ملي ٿو. اگهه جو جيڪو فرق پوي ٿو اهو پورو ڪرڻ لاءِ وفاق پنجاب کي سبسڊي ڏئي ٿو. اسان کي ان تي اعتراض ناهي، پنجاب اسان جي ملڪ جو ئي حصو آهي پر اسين گذارش اها ٿا ڪريون ته اها ڪرم نوازي ٻين صوبن تي به ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ ڪنريءَ جي مرچن ۽ سنڌ جي بصرن جا آبادگار جڏهن پيداواري اگهه کان به گهٽ رقم وصول ڪن ٿا. ڦٽين جا آبادگار تباهه ٿين ٿا ته انهن کي به سبسڊي ملڻ گهرجي. سنڌ جي ڦٽي، بصر ۽ مرچ به ايڪسپورٽ ٿين ٿا، ڇا انهن جو حق ناهي ته جنهن سال کين اگهه لاڳت کان گهٽ ملن ته سندن نقصان پورو ڪيو وڃي. انهن مسڪين حال آبادگارن جي سڄي سال جي محنت ته رائيگان وئي، محنت جو اجورو ڀلي نه ملي پر انهن کي لاڳت ته ملڻ گهرجي. 3 سالن بعد جڏهن ورلڊ ٽريڊ آرگانئيزيشن (ڊبليو ٽي او) رجيم تي عمل ٿيندو ته ان وقت تائين پاڪستان جي زراعت، جنهن کي ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏنو وڃي ٿو، اها تباهه ٿي ويندي. پاڪستان ۾ زرعي اپت لاءِ استعمال ٿيندڙ شين ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن، مشينريءَ جي استعمال وغيره جي قيمت وڌندي پئي وڃي ۽ زرعي جنسن جا اگهه گهٽ ٿي رهيا آهن. جڏهن ٽن سالن بعد ٽيرف جي شرح 20 کان 25 سيڪڙو هوندي ته ان وقت هر شيءِ ٻاهران گهرائڻي پوندي. ٻاهران ايندڙ ڪڻڪ ۽ ڦٽي ملڪ ۾ پيدا ٿيل جنسن کان سستي پوندي، جنهن جي نتيجي ۾ يقينن ڪارخانيدار ٻاهرين مال کي ترجيح ڏيندا. هئڻ ته ايئن گهرجي ته حڪومت زراعت کي سبسڊي ڏئي. 3 سالن بعد ايندڙ طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ ان شعبي کي پاڻ ڀرو ڪري، پر هتي گنگا الٽي پئي وهي.
ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ به حسب معمول سالن کان جيڪي انگ اکر ڏنا ويا آهن. پوءِ اهو ٽيڪس جي وصولي جو ٽارگيٽ هجي يا صوبن کي وفاق کان ملندڙ رقم وارا انگ اکر هجن، بجيٽ ڪتابن ۾ ڄاڻايل 5 هزار کان وڌيڪ انگن اکرن ۾ ڪو به هڪڙو اهڙو حدف ناهي، جيڪو گذريل 10 سالن ۾ حڪومت پورو ڪيو هجي. ترقياتي خرچ يا مختلف شعبن جي بجيٽ پيش ڪرڻ وقت انگ اکر وڌيڪ ڄاڻايا ويندا آهن ۽ سال جي پڄاڻيءَ تي ڄاڻايل وصولين کان وصوليون گهٽ ۽ ڄاڻايل خرچن کان خرچ وڌيڪ هوندا آهن. ايندڙ سال دفاعي بجيٽ هڪ کرب 46 ارب 2 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. ان ۾ رٽائرڊ فوجين جي پينشن واري 34 ارب 83 ڪروڙ رپين جي رقم جيڪا سول خرچ ڄاڻايل آهي، ملائجي ته دفاعي بجيٽ حقيقي معنيٰ ۾ هڪ کرب 80 ارب 85 ڪروڙ 20 لک رپيا ٿئي ٿي. گذريل 2 سالن کان دفاعي بجيٽ مان دفاعي پينشن جي رقم خارچ ڪرڻ شروع ڪئي وئي آهي. جيئن بظاهر دفاعي بجيٽ گهٽ نظر اچي. هلندڙ مالي سال جي جڏهن بجيٽ پيش ڪئي وئي هئي ته ان وقت ڄاڻايو ويو هو ته خسارو 186.9 ارب رپيا ٿيندو، جيڪو جي ڊي پي جي 4.9 سيڪڙو برابر هوندو، پر هاڻي جڏهن سال پورو پيو ٿئي ته اهو خسارو وڌي 257.1 ارب رپيا ٿي ويو آهي. جيڪو جي ڊي پي جي 7 سيڪڙو برابر آهي. ايندڙ سال خساري جي ڪٿ 162.5 ارب رپيا ڪئي وئي ۽ اها رقم جي ڊي پي جي 5 سيڪڙو برابر آهي. هلندڙ سال جي تجربي بعد ته لڳي ٿو ته اهو خسارو وري به 7 سيڪڙو ئي رهندو. هاڻي ته 11 سيپٽمنبر وارو واقعو به نه ٿيندو جو پرڏيهي امداد ملندي. خود حڪومت ايندڙ سال ناڻي ۾ واڌ جي شرح ۾ واڌ جو اندازو لڳايو آهي. يعني پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مالي سال ۾ مهانگائي اڃا وڌندي. ڊالر جو اگهه به وڌندو. حڪومت خسارو ته 162.5 ارب ڄاڻايو آهي پر هو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ انحصار پرڏيهي امداد تي ڪندي آهي ۽ باقي بجيٽ جي کوٽ رڳو 31.1 ارب ڄاڻائي وئي آهي. جيڪا مقامي بئنڪن کان قرض وٺي پوري ڪئي ويندي.
ايندڙ مالي سال دوران ملندڙ پرڏيهي گرانٽس واري رقم مان به سڀ کان گهٽ پرڏيهي گرانٽ سنڌ کي ملندي، سڀني کان وڌيڪ سرحد ۽ پوءِ پنجاب کي ملندي. پنجاب ۾ لاهور هوائي اڏي جو ٽرمينل ٺاهڻ وارو ڪم به پرڏيهي قرض مان هن سال شروع ٿيندو. شهباز شريف ۽ نواز شريف جو اهو خواب هاڻي هيءُ حڪومت پورو ڪندي. ڏٺو وڃي ته پنجاب جي ميگا پراجيڪٽس لاءِ جيتري رقم بجيٽ ۾ آهي، اوتري وفاق جي کاتي ۾ ڪنهن صوبي جي ناهي. گريٽر ٿل ڪئنال لاءِ 30 ارب وفاقي حڪومت ڀري پئي پر لياري ايڪسپريس وي لاءِ وفاق فنڊ ڏيڻ بدران سنڌ حڪومت کي قرض پيو ڏئي. پنجاب لاءِ 30 ارب هڪ رٿا لاءِ وفاق ڀري ٿو پر سنڌ لاءِ 3 ارب به نٿو ڏئي. اهڙن روين ۽ پاليسين تي ڇا سنڌ کي احتجاج جو حق ناهي، ڇا اهو چوڻ ٺيڪ نه ٿيندو ته سنڌ ننڌڻڪي آهي؟ ٽيڪس وصولي ۾ سنڌ 65 سيڪڙو حصو ڏئي ٿي پر وفاق مان سنڌ کي ملي 23 سيڪڙو به نٿو. سنڌ سان وڏي زيادتي اها آهي ته فنڊز جي ورهاست وارو فارمولو اڃا تبديل نٿو ٿئي. آئين موجب صوبن ۾ فنڊز آباديءَ جي تازن انگن اکرن موجب ورهائڻ لازمي آهن. 98ع ۾ آدمشماري ٿي آهي. 5 سال ٿيا آهن. رپورٽ اچي وئي آهي پر آباديءَ جي انهن انگن اکرن موجب ورڇ جو فارمولو تبديل نٿو ڪيو وڃي، ڇو ته سنڌ ۽ سرحد جو حصو نئين فارمولي ۾ وڌندو ۽ پنجاب جو حصو گهٽ ٿيندو. 1981ع ۾ جڏهن آدمشماري ٿي هئي ته ان ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ۽ پنجاب جي آدمشماري وڌي وئي هئي. جنهن سال 81ع جي آدمشماري جي رپورٽ آئي ته پنجاب سرڪار ڏنڊي جي زور تي ان ئي سال يعني 83ع ۾ وسيلن جي ورڇ نئين فارمولي تي ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي پر هاڻي 98ع واري آدمشماري کي 5 سال ٿي ويا آهن پر ان جي نتيجن موجب ورڇ جو فارمولو تبديل ڪرڻ کان پنجاب سرڪار پڙ ڪڍي بيٺي آهي، ڇو ته پنجاب جو حصو گهٽ ٿي رهيو آهي ڇا اهو انصاف آهي؟
(17 جون 2002ع)