چيف جسٽس جو ڪيس ۽ ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ نه هجڻ وارو سوال
چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي ڪم کان روڪڻ بعد پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ ئي ختم ٿي وئي آهي. آئين موجب سپريم ڪورٽ ضروري آهي ۽ پاڪستان بنا سپريم ڪورٽ هلي رهيو آهي. اهڙو ڪيس ڀارتي بار ڪائونسل جي وڪيلن گڏيل قومن جي انساني حقن، قانون ۽ انصاف جي ادارن ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڳالهه چيف جسٽس جو دفاع ڪندڙ وڪيلن جي پينل ۾ شامل سينيئر ايڊووڪيٽ غلام حسين عباسي، صحافين کي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌائي، حفيظ پيرزادو به موجود هو. هو ساڳي ڳالهه جو ذڪر اڳ ۾ عدالت اندر به ڪري چڪو آهي ۽ بعد ۾ ٻڌايو ته اهڙي ڳالهه هن کي عباسي ٻڌائي آهي. عباسي جيڪو ذوالفقار ڀٽو شهيد جو پراڻو دوست ۽ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو به استاد رهيو آهي تنهن کي وڪالت ڪندي 42 سال ٿيا آهن هن 1977ع ۾ سپريم ڪورٽ پاران ڀٽو کي ڦاهي واري سزا خلاف احتجاج طور 13 سال وڪالت نه ڪئي. جڏهن ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙ سپريم ڪورٽ وارا جج رٽائر ڪري ويا ته ان بعد هو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي. هونئن ته اها ڳالهه سڀني کان اڳ هنن ئي ڪالمن ۾ ڪاوش شايع ڪري چڪي آهي پر اها بعد ۾ هن ججن جي پڇڻ تي عدالت کي به ٻڌائي هئي. صحافين عباسي کان پڇيو ته اوهان کي اهو ڪنهن ٻڌايو ته ڀارتي بار ڪائونسل وارا جنيوا ۾ اهو ڪيس کڻي وڃن ٿا ته پاڪستان بنا سپريم ڪورٽ جي هلي رهيو آهي ته هن ٻڌايو ته ڊان اخبار جي ڪالم نگار اردشير ڪائوسجي هن کي ٻڌائي آهي ۽ ڀارتي بار ڪائونسل وارن سان ڪائوسجي جي ڳالهه ٻولهه به ٿي آهي.
حفيظ ۽ عباسي چيو ته پاڪستان جا دشمن ڪيترائي آهن، هو ان مسئلي کي عالمي اشو بڻائي رهيا آهن، پاڪستان کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ خود عدليا کي اهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن جيئن دشمنن کي پروپيگنڊه جو موقعو نه ملي. جيڪڏهن هو جنيوا ڪيس کڻي ويا ته ان سان ملڪ جي بدنامي ٿيندي. هنن چيو ته مسئلي جو حل ان ۾ آهي ته ڪوئٽا پاران چيف جسٽس سجاد شاهه کي ڪم کان روڪڻ وارو جاري ٿيل عبوري حڪم هڪدم رد ڪيو وڃي ۽ ڪيس جي سماعت ۾ جيڪو فيصلو اچي اها بعد جي ڳالهه آهي. ان تي هڪ صحافي پيرزادي کي چيو ته جيڪڏهن عالمي عدالت پاڪستان کي نوٽيس ڏنو ته اسان وارو اٽارني جنرل نمائندگي لاءِ ويندو ۽ هو اتي وڃي کين ٻڌائيندو ته اسان جي ملڪ ۾ هڪ نه پر 2 سپريم ڪورٽون آهن ۽ ان ڪري 2 چيف جسٽس به آهن ان تي حفيظ چيو ته مان ڪجهه نٿو چئي سگهان:
اهو واقعي تمام وڏو مسئلو آهي. جيڪڏهن ڀارتي بار ڪائونسل وارن عالمي عدالت ۾ اهو معاملو اٿاريو ته پاڪستان ۽ حڪومت جي حد کان وڌيڪ بدنامي ٿيندي. ساڳي وقت ماضي جي حڪومتن جي ڪارڪردگي ۽ اسٽائيل کي سامهون رکي ان امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته سڀاڻي حڪومت ان بدامني کان جند ڇڏائڻ لاءِ اهو الزام هڻڻ ۾ به دير نه ڪري ته سجاد علي شاهه ڀارتي بار ڪائونسل وارن سان گڏجي اهو معاملو پاڻ اٿاريو آهي. ڀلي جيڪڏهن کڻي حڪومت سڀاڻي چيف جسٽس سجاد شاهه تي اهو الزام هڻي به ڇڏي ته ڇا اهو جسٽي فائيڊ (حقي واجبي) هوندو؟ ڇا ان سان ملڪ کي هرو ڀرو مليل بدنامي جو داغ ڌوپجي ويندو؟ بهرحال اهو معاملو اهڙو آهي جيڪو مستقبل قريب ۾ ملڪ لاءِ تمام وڏو مسئلو به پيدا ڪري سگهي ٿو.
سپريم ڪورٽ ۾ هيستائين چيف جسٽس جو دفاع ڪندڙ وڪيلن جي پينل جو سربراهه عبدالحفيظ پيرزادو ساڍا پنج ڏينهن دليل ڏئي چڪو آهي ۽ اڃا 2 ڏينهن هو وڌيڪ وٺندو. جنهن بعد غلام حسين عباسي، احمد رضا قصوري ۽ نعيم بخاري دليل ڏيندا. ڪالهه نعيم بخاري موجود نه هو ڪيس جي ڪارروائي به ٿڌي هئي. حفيظ جي ابتدائي ٻن ڏينهن دوران جيتري عدالت ۾ پيهه هئي اها به ڪالهه نه هئي. اڪثر ڪرسيون خالي پيل هيون. وڪيلن کان صحافي وڌيڪ هئا ۽ صحافي به ايترا ڪو نه هئا جيترا اڳ ۾ هوندا هئا. حفيظ جي ٻي گهر واري ثمينا موجود هئي جڏهن ته وينا حيات جي خاندان سان تعلق رکندڙ سندس اسسٽنٽ صالحه حيات به 11 وڳي کان پوءِ آئي هئي. حفيظ جي مدد ڪتابن ڏيڻ وغيره ۾ سندس ٻين جونيئرن پئي ڪئي.
ڪارروائي دوران ڪجهه ججن ڪنهن ڪنهن مهل پنهنجي تبصرن سبب خشڪ دليلن واري سنجيده ماحول کي مڙئي خوشگوار به پئي بڻايو ته ڪنهن مهل وري حفيظ جي ڪاوڙيل لهجي ڪجهه اوٻاسيون ڏيندڙ وڪيلن، صحافين ۽ وزيٽرز کي هوشيار پئي ڪيو. هڪ موقعي تي جڏهن جسٽس ناصر اسلم زاهد چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ته جهانگير بدر کي چيف جسٽس بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. ان تي حفيظ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته اهڙن بيانن جي سزا به ته ڀوڳيائون نه؟ ان تي سڀ جج ۽ عدالت ۾ ويٺل مرڪيا ته مٿان جسٽس خليل الرحمان حفيظ کي چيو ته ڀلا فرض ڪريو ته جيڪڏهن جهانگير بدر چيف جسٽس ٿي وڃي ها ته پوءِ هن کي ڪيئن ۽ ڪير هٽائي ها. ان تي اڳئين سوال تي مرڪندڙ حفيظ ڪاوڙيل لهجي ۾ چيس ته مان مفروضن تي ٻڌل سوالن جا جواب نه ڏيندو آهيان. اتي ٿورو ماحول سنجيده ٿي ويو. هڪ ٻئي موقعي تي جڏهن حفيظ پيرزادي، چيف جسٽس خلاف درخواستون داخل ڪندڙن جي حيثيت کي چئلينج ڪيو ته هنن جي حيثيت ۽ معاشري ۾ ساک ڪهڙي آهي؟ هنن جو ڪهڙو حق پائمال ٿيو آهي، ڇا هنن جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪڏهن جيل ڏٺو آهي يا عدليا جي آزاديءَ ۽ وقار جي بلندي لاءِ ڪڏهن لٺ کاڌي آهي؟ ته ان تي درخواست گذارن جا وڪيل وات ۾ قلم وجهي کيس حسرت وچان گهوري گهوري تڪي رهيا هئا. وري جڏهن حفيظ پيرزادي، چيو ته آئين جي آرٽيڪل 184(3) هيٺ سڌي طرح سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ لاءِ طريقيڪار واضح آهي ان کي ختم ڪري نئون طريقو هن ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو آهي، ايئن نه ڪريو. اهو سلسلو شروع ٿيو ته سڀاڻي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. هي پٽيشن داخل ئي طريقيڪار جي خلاف ٿي آهي. هن ۾ آئين جي آرٽيڪل 9 ۽ 25 ۾ ڏنل بنيادي حقن جي خلاف ورزي جو به ذڪر ناهي. جنهن تي جسٽس سعيد الزمان چيو ته اهو ضروري ناهي ته هر نقطو درخواست گذار درخواست ۾ اٿاري، ان تي حفيظ گرجدار آواز ۾ چيس No, sir اهو ضروري آهي، عدالت جو ڪم اهو ناهي ته هو تلاش ڪن ته ڪهڙو بنيادي حق پائمال ٿيو آهي. جسٽس ارشاد حسن کنگهه سبب بيمار هو ۽ ڊاڪٽرن جي مشوري جي باوجود به آرام ڪرڻ بدران ڪالهه عدالت ۾ آيو هو. حبيب الوهاب الخيري وري ڪالهه اٿيو ۽ چيو ته جناب مون کي به ڳالهائڻ ڏيو. ججن چيس ٺيڪ آهي، بعد ۾ ڏسنداسين. هڪ موقعي تي حفيظ سپريم ڪورٽ جي جن فيصلن جا حوالا پئي ڏنا تن جون ڪاپيون جڏهن ججن کي به فراهم پئي ڪيون ته ججن کيس چيو ته مسٽر پيرزاده في الحال ته اوهان اسان سان ٺيڪ پيا هلو، ان تي هن چيو ته مان سدائين ٺيڪ هلندو آهيان.
ڪالهه ايس ايم ظفر به عدالت ۾ آيو هو. وقفي دوران بار روم جي ڀر ۾ صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته چيف جسٽس سجاد شاهه کي ان وقت سٺو موقعو هو جڏهن مان وزيراعظم کي عدالت ۾ وٺي آيو هئس ۽ هن پاران مون معذرت به ڪئي هئي، ان مهل جيڪڏهن چيف جسٽس توهين عدالت ڪيس ۾ معافي ڏئي ڇڏي ها ته نئين تاريخ ٺهي وڃي ها ۽ هي ڏينهن به ڏسڻا نه پون ها پر اهو موقعو چيف جسٽس Miss ڪيو. ايس ايم ظفر هر هر اهو تاثر پيو ڏئي ته هن ڪوئٽا بينچ جي فيصلي جي روشني ۾ چيف جسٽس جي بينچ تي ويهڻ تي اعتراض نه ڪيو هو پر اهو چيو هو ته ان معاملي ۾ هو ڌر بڻجي ويو آهي تنهنڪري هو ڪيس نه ٻڌي ته بهتر آهي. ڳالهه ته ساڳي هئي پر وڪيل آهن، گهمائي ڦيرائي هڻندا آهن. اها ڳالهه اهميت جوڳي هئي ته آخر هو افسوس ڇو پيو ڪري؟ ڇا ان ڪري ته هن کي اها کڙڪ پئي هجي ته چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه وري سيٽ سنڀاليندو؟ بظاهر ته اهڙو امڪان نٿو لڳي، پوءِ اهو ٿي سگهي ٿو ته شايد هن کي 28 نومبر تي عدالت تي ٿيل حملي ۽ ان بعد ڪوئٽا بينچ جي فيصلي جي روشني ۾ چيف جسٽس کي ڪم کان روڪڻ ۽ هن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارا فيصلا پسند نه آيا هجن؟
(17 ڊسمبر 1997ع)