ڪالاباغ ڊيم ۽ پاور پاليٽڪس گيم
”ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ دل ٿي چوي ته اعلان ڪريان ڇو ته هي ملڪي مفاد لاءِ انتهائي اهم آهي.“ اهي لفظ وزيراعظم نواز شريف جا آهن جنهن ڇنڇر ڏينهن صبح جو قوم کي خطاب دوران ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي اعلان ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت وزيرن سان صلاح مشوري دوران چيا. نواز شريف ڳچ عرصي کان وٺي تقرير ڪرڻ چاهي پيو پر ڪيترائي دفعا تقرير لکرائڻ ۽ وقت جو اعلان ڪرڻ جي باوجود به نه ڪري سگهيو. بينظير ڀٽو تي وڌيڪ پرڏيهي دورا ڪرڻ جو الزام هڻندڙ نواز شريف جيتوڻيڪ پاڻ به لڳ ڀڳ هڪ سال ۾ اوترائي دورا ڪري چڪو آهي جيترا بينظير ڪيا تنهن نيٺ ڇنڇر تي شام تقرير ڪري ڇڏي. 7:30 بجاءِ اڌ ڪلاڪ ليٽ سان ئي صحيح، پر تقرير ڪري ڇڏي. نذير ناجي هن لاءِ جيڪا تقرير لکي هئي هن اها لکيل تقرير نه ڪئي جنهن ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ وارو معاملو به هو. وزيراعظم جي تقرير وارا معاملا ڪنڊڪٽ ڪندڙ هڪ سينيئر ڪاموري ٻڌايو ته ناجي واري تقرير بابت وزيراعظم چيو ته اشو نجي بجلي گهرن بابت هڪ طرفو ئي آهي تنهنڪري هو برزبان تقرير ڪندو. هو صرف پوائنٽ لکي آيو هو. جن سندس پهرين برزبان تقرير ٻڌي ۽ ڏٺي تن کي پاڻ کي اندازو آهي ته هن جو اندازو ڪهڙو ۽ ڪيئن هو اسين ان بابت ٻيو ڇا تصبرو ڪريون.
ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ بابت چوڌري نثار جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا 20 جون تائين رپورٽ ڏيندي. واپڊا وارن وزيراعظم کي چيو ته هو سنڌو درياءَ تي 2 ننڍا ڊيم سنڌ ۾ ۽ ڪالاباغ ڊيم سميت 2 ڊيم پنجاب ۽ ڀاشا ڊيم نالي هڪ ڊيم سرحد ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪري پر حڪومتي حلقن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي ڪجهه وزيرن جن ۾ چوڌري نثار به شامل هو تن اهو چيو ته في الحال ڪالاباغ ڊيم کان ٽارو ڪيو وڃي. وزيراعظم جي خواهش ته هئي پر هن اعلان نه ڪيو. جڏهن کان تڪراري بڻيل ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه شروع ٿيندي آهي ته ان جا حامي پنهنجي ماڻهن جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ حمايت ۾ ۽ ان جا مخالف مخالفت ۾ جلسا جلوس، مظاهرا ۽ بيان بازي وغيره ڪندا آهن. اڄ تائين ڪالاباغ ڊيم جا حمايتي ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪو به عملي قدم نه کڻي سگهيا آهن ۽ مخالف به ڊيم خلاف ڪو اهڙو عملي ڪم نه ڪري سگهيا آهن جنهن سان ڪالاباغ ڊيم تان هٿ کنيو وڃي. ڪالاباغ ڊيم جا حامي توڙي مخالف سدائين تڏهن ڊيم وارو راڳ ڳائيندا آهن جڏهن کين عوامي همدردي حاصل ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. ڇنڇر ڏينهن خاموشي سان سڏايل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شمس الملڪ چيو ته هن جي مخالفت سنڌ جا قومپرست ۽ سرحد جا پٺاڻ اڳواڻ سياسي دڪانداري چمڪائڻ لاءِ ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ صبح جو وزيراعظم کي ڊيم جو اعلان تقرير ۾ ڪرڻ جي صلاح ڏيندي شجاعت ته ايتري قدر چئي ڇڏيو ته سرحد ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگي حڪومت آهي اهڙو موقعو ڪڏهن به نه ملندو، وارو وڄايو پر وزيراعظم ڪجهه بردباري کان ڪم ورتو آهي. شمس الملڪ جا اهي لفظ ته سنڌ جا قومپرست جيڪي سنڌي عوام جا ٿڏيل آهن ۽ مٿن ڪڏهن به عوام اعتماد نه ڪيو آهي اهي مخالفت ٿا ڪن. هو مظاهرا ۽ جلسا جلوس ڪري ماٺ ڪري ويهي رهندا! بلوچستان ۽ سرحد جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ قومپرستي توڙي اقتداري سياست ڪندڙ ڌرين وٽ ليڊر شپ جو وڏو قحط آهي. جيڪي آهن اهي شمس الملڪ جي اندازي موجب شايد ايئن ئي سڀاڻي ڪن ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ خلاف مظاهرا ۽ جلسا ڪري پنهنجي ذميواري پوري سمجهندي عوام ۽ سنڌ تي احسان سمجهي ماٺ ڪري ويهي رهن. سنڌ جي انهن گهڻن گهرن کي ته اڃا تائين اها به خبر ناهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جا محرڪ ڪهڙا ماڻهو (ڪامورا ۽ سياستدان ) آهن.
ڪالهه جڏهن وزيراعظم نوازشريف، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت مشورن ۾ مصروف هو ته سائي رنگ جي ٽوياٽا ڪرولا تيزي سان نڪتي. اها گاڏي وزيراعظم جي ملٽري سيڪريٽري جي پٽن واري گاڏي جي پٺيان وزيراعظم هائوس جي ٽن مين گيٽ وارن سيڪيورٽي جي عملي وارن کيCheat (دوکو ڏئي) ڪري وزيراعظم هائوس ۾ داخل ٿي هئي. خبر ناهي ته ان ڪار ۾ ويٺلن کي ڇا ڪرڻو هو. ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪرڻ واري تقرير جي وقت مشڪوڪ ڪراچي نمبر پليٽ واري ان سائي رنگ جي گاڏي جي ڳولا ڪالهه آچر تائين به جاري رهي پر ان جو پتو ڪو نه پئجي سگهيو. پوليس وارن ناڪابندي ڪري هر سائي رنگ جي گاڏي کي روڪيو ۽ چيڪ پئي ڪيو پر اها ڪار نه ملي سگهي.
هاڻي جڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جو معاملو شروع ٿيو آهي ته ان وقت به اسٽيبلشمينٽ خاموشي اختيار ڪيو ويٺي آهي. جڏهن اها ڳالهه هميشه مڃي کڻي نه به وئي هجي پر رڪارڊ تي ضرور آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم وفاق لاءِ خطرناڪ آهي ۽ فيڊريشن جي موجوده جاگرافيائي جوڙجڪ لاءِ ناسور بڻجي سگهجي ٿو.“ ته ان هوندي به اسٽيبلشمينٽ خاموش ڇو آهي.؟ ان سوال جي جواب ۾ پاور پاليٽڪس ڪندڙ پٺاڻ قومپرست پارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ”اسٽيبلشمينٽ پاڪستان واري فيڊريشن جي هميشه محافظ جو ڪردار ادا ڪيو آهي پر هاڻي ساڳي اسٽيبلشمينٽ موجوده حڪمرانن جي اهڙن اپائن ۽ پاليسين جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي جيڪي مستقبل قريب ۾ فيڊريشن جي ڀڃ ڊاهه جا سبب بڻجي سگهجن ٿا.“ هنن جي خيال ۾ ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن عالمي ايجنڊا موجب فيڊريشن جي ڀڃ ڊاهه جي صورت ۾ پنجاب لاءِ جيترو حاصل ڪري سگهو ٿا اهو حاصل ڪري وٺجي. ٻيو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته موجوده حڪمرانن کان اهڙا ڪم ڪرائجن جن سان سڀاڻي هنن تي به رياست سان غداري جا ڪيس داخل ڪري ملڪ جي ٻنهي وڏين قوتن پ پ ۽ مسلم ليگ جو هميشه لاءِ باب بند ڪيو وڃي. پٺاڻن جي اهڙن خيالن سان اسين متفق نه به هجون پر اهڙين ڳالهين جو اظهار ايوانن ۾ عام طرح سان ٿيندو رهندو آهي.
ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته ڪالاباغ ڊيم ايڏو وڏو پراجيڪٽ آهي جنهن تي عمل ڪرڻ پاڪستان جي ڪنهن به حڪومت جي وس ۾ ناهي. موجوده حڪمران ڊيم ٺاهڻ جا اعلان ڪري سياسي همدردي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ سڀاڻي ڪنهن به وقت اقتدار کان ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجا ڪارناما ڳڻائڻ واري لسٽ ۾ شامل Achievements ۾ اضافو ڪرڻ چاهين ٿا. ڇو ته مالي طور هن دفعي ملڪي خزانو موجوده حڪمرانن کي ڪنهن پيلي ٽيڪسي اسڪيم جهڙي ٻي اسڪيم جي اجازت نٿو ڏئي جنهن سان نواز شريف جي واهه واهه ٿئي. غوري ميزائيل کانسواءِ هيستائين ٻيو ڪو به اهڙو ڪارنامو ناهي جيڪو حڪمرانن جي ڪارنامن جي لسٽ ۾ اضافو ڪري، تنهن ڪري ڪالاباغ ڊيم جهڙي نازڪ معاملي ۾ حڪمرانن هٿ وڌا آهن.
لياقت جتوئي جي سنڌ حڪومت جيڪا بقول سندس حامي ايم پي اي سليم جان مزاري جي ته 28 ڄڻن (ايم ڪيو ايم وارن) وٽ يرغمال آهي، تنهن لاءِ انتهائي مشڪل امتحان آهي ته هو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري وفاقي حڪومت آڏو ڪهڙو موقف اختيار ڪري. ڄام صادق جنهن کي اڌ سنڌ اڃا به شايد سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪندي آهي ان به کلي عام ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي ۽ ٻين ڪاميٽين کي کتو جواب ڏنو هو پر لياقت جتوئي ڏسون ته ڄام صادق جي ان شاندار روايت کي زندهه رکي ٿو يا نه!!
(11 مئي 1998ع)