تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ڄامشورو ڦاٽڪ، سکر جيل ۽ اٽڪ قلعو

ڄامشورو ڦاٽڪ، سکر جيل ۽ اٽڪ قلعو

ڦٽل ميلي جي ميدان جيان ڏيک ڏيندڙ ڄامشورو ڦاٽڪ به افغاني پٺاڻن جي اک کان بچي ناهي سگهيو. هاڻي ته ڄامشوري جي هوٽلن تي به پٺاڻ پهچي ويا آهن. جتي اڳ جلال چانڊيو ۽ فوزيا سومرو جا ڪلام هلندا هئا اتي اڄ سنڌين کي سمجهه ۾ نه ايندڙ پٺاڻ گلوڪاره مهه جبين خانه، نغمه ۽ سردار ٽڪر، زرشاد خان ۽ ٻين فنڪارن جا پشتو ڪلام پيا هلن. جتي سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن مان سگريٽن جا سوٽا هڻندي اوڌر تي ماني کائڻ لاءِ ڪامريڊن جا قافلا ايندا هئا ۽ ماروي هاسٽل جون مارويون اينديون هيون، اڄ ان ڄامشورو ڦاٽڪ تي ويراني جو واسو آهي، ڪجهه هفتا اڳ رات جو دير سان ماني کائڻ لاءِ وڃڻ ٿيو ته ٻه ٽي بلب ٽمڪي رهيا هئا، هڪ ڪيبن تي ويٺل همراهه گراهڪ نه هئڻ سبب پاڻ ئي پنهنجا پان کائي سگريٽ ڇڪي رهيو هو. ماني جو معلوم ڪيوسين ته پٺاڻن جي هوٽل تي مانيءَ جو ڏس مليو. صندل نما کٽن تي ويهي تڪڙ ۾ تيار ڪيل اڌ ڪچي اڌ پڪي ڪڙاهي کاڌيسين. سنگت سان گڏ ماني کائي موٽياسين ته ڄامشورو کان رونقون کسيندڙ باءِ پاس بابت سوچيو. جنهن مهانگائي جي عذاب هن دور ۾ آسپاس جي سنڌين جو روزگار به کسي ڇڏيو آهي. ساڳئي وقت ان باءِ پاس هزارين مسافرن جي سفر جي سهولت به مهيا ڪئي آهي. بهرحال ڪجهه وٺڻ لاءِ ڪجهه ڏيڻو به پوندو آهي. اهو زندگي ۾ ٻيو ڀيرو هو ته ڄامشورو ڦاٽڪ رات جو گهمڻ جو موقعو مليو. پهريون ڀيرو ته ان وقت ڏٺو جڏهن ڦاٽڪ ڦوهه جواني ۾ هو پر هن دفعي سندس رُسي ويل رونقن سبب هي ڦاٽڪ به غريب بيوهه جيان پئي لڳو، خدا ڄاڻي ٿو ته وري هن کي مرڪون ملنديون به الائي نه.
گذريل مهيني سنڌ جي سير دوران جيل وڃڻ جو به زندگي ۾ پهريون ڀيرو اتفاق ٿيو. پاڻي جي کوٽ خلاف مظاهرو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار 239 اسيرن مان ڪجهه دوستن سان ملاقات ٿي، جن ۾ کوڙ سارا معصوم ٻار به هئا. کين ڏسي حيرت ٿي ته سنڌ جو معاشرو جيڪو Over politicised آهي، تنهن ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ڦٽڪا ۽ ڦاهيون انهن کاڌا جن جا ووٽ به داخل نه هئا. پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ ۾ مظاهرا ڪندي لٺيون ۽ جيل انهن سٺا جن کي هڪ جريب به زمين جو ناهي، انهن قومپرستن جي ڪوششن ۽ جدوجهد تي سنڌ جي زميندارن تي ڪا همدردي ظاهر نه ڪئي پر ڪرپشن جي پئسن مان زمينون خريد ڪندڙ انهن پوليس وارن کي به اک ۾ ڪڪر ڪو نه آيو، جن انهن معصومن کي ”پاڻي ڏيو“ جهڙا نعرا هڻڻ جي ڏوهه ۾ ٻٻرلوءِ مان گرفتار ڪري بغاوت جي ڏوهه ۾ ڪيس داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو. سينٽرل جيل سکر جا سپاهي جيڪي قيدين کان وڌيڪ شدت سان ملاقاتين جو انتظار ڪندا آهن تن کي ملاقات لاءِ چيو. سکر هاءِ ڪورٽ جي ڊپٽي رجسٽرار بخشڻ مهر جي معرفت جيل ۾ ”پاڻي ڏيو“ واري معصوم مطالبن جي ڏوهه ۾ قيد ڳوٺ جي نوجوان ڇوڪرن سان ملاقات لاءِ 12 فٽ اونچي دروازي جي ساڍن ٽن فٽن واري دريءَ مان ڪنڌ نوائي اندر وياسين، ٻانهن تي ٺپو هڻي پهرين ماڙ تي کاٻي پاسي واري بلاڪ ۾ شايد پوسٽ برانچ واري ڪمري ۾ ويهاريائون. ڇڳل ڪرسين ۽ ڀڳل بئنچن واري هن ڪمري ۾ اڌ کان وڌيڪ جاءِ ڪٻٽ سان ڀريل هئي. جنهن ۾ قيدين جي سنسر ٿيل خطن ۽ درخواستن جا دفتر ڀريا پيا هئا. زبير احمد، هدايت الله، حضور بخش، علي حسن ۽ چاچو محراب مليا. ڪچهري دوران ڪمري جي ڏاکڻي پاسي واري دريءَ کان ڦاهي گهاٽ جي کولين، پڪن ۽ ڪچن قيدين جي وارڊن ۽ سياسي قيدين جي وارڊ جي زيارت ڪرايائون. ڄاريءَ مان منجهند هوندي به ٿڌي هوا هلي رهي هئي. غور سان ڏسڻ تي قيدين جا ڪاغذ پٽ ڏسندڙ جيل عملي واري چاچو ڪم ڇڏي ڌيان سان اسان ڏانهن ڪن ڪيائين، ته ڪٿي هي جيل ٽوڙڻ ته ڪو نه آيا آهن.
پاڻي ڏيو جو مطالبو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيدي بڻايل انهن معصومن سان سندن بابت ڪالم لکڻ جو ڪيل واعدو نڀائڻ ۾ ته ڪافي ڏينهن لڳي ويا آهن. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته بي زمين پر باضمير ماڻهو جيڪي سنڌ جو پاڻي چورائڻ تي احتجاج جي صدا بلند ڪري رهيا هئا، انهن جي سار سنڀال سنڌ جي زميندارن کي لهڻ گهرجي ها، ڪيسن مان جان ڇڏائڻ لاءِ مدد به ڪرڻ گهرجي ها، پر هنن کي ڪير چوي. حساب ته انهن ٻٻرلوءِ وارن پوليس وارن سان به ٿيڻ گهرجي ها جيڪي هم زبان هوندي به سنڌ ۾ رهندي سنڌ جو کائيندي، ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪيو اٿائون، پر ڪير ڪري، ڇا ڪجي آخر هو به ته سنڌي آهن.
سنڌ ۾ پاڻي بابت احتجاج ڪرڻ بابت ڪجهه سنڌ دوست حلقن جي راءِ مختلف آهي. هنن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻا هڻي جلوس ڪڍي سنڌ ۾ جيڪا احتجاج جي سگهه هئي اها نان اشو ۾ ضايع ڪئي وئي، جڏهن اهي احتجاج ماٺا ٿيا، احتجاج ڪندڙ جيل حوالي ٿيا ته رٿيل رٿا هيٺ هڪدم 150 سال کان تڪراري بڻيل ٿل ڪئنال جي تعمير شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جيڪو احتجاج ٿل ڪئنال جي تعمير تي ٿيڻ گهرجي ها اهو هنن اڳ ۾ ڪرايو ۽ مبينه طور سنڌ دشمن رٿا ٿل ڪئنال جي تعمير تي سنڌ ۾ ڪو موثر احتجاج نه ٿي سگهيو. نه ڪو سنڌ جو هوچي منهه هوشيار ٿيو، نه ڪنهن چي گويرا دانهن ڪئي. پونم جي پليٽ فارم تان مذمتي ٺهراءُ به پاس نه ٿي سگهيو. سنڌي اخبارن جي ڪجهه احتجاج بعد ٻيو ڪجهه نه ٿيو گريٽر ٿل ڪئنال جي تعمير شروع ٿي وئي. جيڪڏهن اخبارون ڪنهن معاملي تي سنڌ جي سياسي ڌرين کان وڌيڪ مزاحمت ڪن ٿيون ته پوءِ ڪجهه دوست ميڊيا تي اهو چوندي به نٿا ڪيٻائين ته اخبارن کي سياسي پارٽين جي طابع هجڻ گهرجي!! افسوس ته اهو آهي ته سنڌ جي حاڪم سومرو کان ته ان فوجي دائود پوٽو جيترو به ڪو نه ٿو پڄي جو حق جي ڳالهه ڪري. ڏسجي ته متحده ۽ جسقم وارا ان معاملي تي هاڻ ڇا ٿا ڪن؟
اٽڪ قلعو به لڳ ڀڳ انهن ئي ڏينهن ۾ وري ڏسڻ جو اتفاق ٿيو، جڏهن ڄامشورو ڦاٽڪ ۽ سکر جيل جو درشن ڪيوسين. آصف زرداري جي ڪيس سبب ڪابل ۽ سنڌو درياءَ جي سنگم وٽ کاٻي ڪلهي تي پهاڙي تي سوا چار صديون پراڻو قلعو به ڪمال جو آهي. ان ۾ فوجي ڪمانڊوز رهن ٿا ۽ ان تاريخي ماڳ ۾ احتساب عدالت به آهي. هن قلعي کي ڏسي به اچرج ٿيندو آهي ته دنيا جون مهذب قومون ۽ ملڪ قلعن ۽ تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿا ۽ انهن کي سياحت لائق بڻائين ٿا، پر قلعه هجن يا هاسٽلون، تاريخي عمارتون هجن يا ڍنڍون، پاڪستان ۾ انهن تي قبضو قانون لاڳو ڪندڙ فورسز جو آهي. تاريخي ماڳن کي عوام جي تفريح جوڳو بڻائڻ بدران هٿيارن ۽ بارودن جا گودام بڻايو ويو آهي. دهشت ۽ تشدد جو ڪارخانو بڻايو ويو آهي. اٽڪ ضلعي جي گٽرن جو پاڻي ڪابل جي سنگم کان ٿورو پوءِ اچي سنڌوءَ ۾ پوي ٿو ۽ هي شينهن درياءَ گنگا وانگر هزارين گناهگارن جا گناهه ڌوئي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سيني ۾ سانڍي پاڻ کي پاڪ ڪندو اڳتي وڌي ٿو. هن درياءَ سالن کان پنهنجي معشوق کي چمي ناهي ڏني پر پوءِ به ماٺ آهي ۽ سمنڊ جي ڳل ڏسڻ لاءِ ناراض ناهي ٿيو، نه رستو ٿو مٽائي نه ئي دانهن ٿو ڪري. هن درياءَ جي ڊيمن ۽ ٻين دريائن مستي ماري ڇڏي آهي. جواني کسي ڇڏي آهي. هاڻي ته سنڌ جو هي درياءَ به پوڙهو ٿيندو پيو وڃي.
ان درياءَ جي ڪنڌيءَ تي جلال الدين اڪبر پاران 1581ع ۾ اڏايل هن قلعي جتي 1956ع کان ”ايس ايس جي ڪمانڊوز“ وارا موجود آهن، 5 نومبر 1996ع کان قيد آصف زرداري جيڪو هاڻي پنهنجي اڻ ڄاتل مدت واري قيد جا آخري ڏينهن پيو ڪاٽي ته هن جي همدردن ۾ به اضافو ٿيو آهي. هڪ ڏينهن ڪچهري دوران چيائين ته ”ماڻهو وڏا استاد آهن“ مون چيو ڇو؟ چيائين ” جيڪي سٺا دوست هوندا هئا، اهي به جيل اچڻ بعد اکيون ڦيرائي ويا آهن.“ هن نالو کڻڻ کانسواءِ ٻڌايو ته هڪ دوست کي گهوڙيون ڏنيون هيم. انهن جا ڪجهه ٻچا به ٿيا آهن. هڪ دوست انهن جي نسل مان گهوڙا گهريا. مون خط ڏنو مانس پر هن منهنجي دوست کي موٽائي ڇڏيو. ساڳئي طرح اعليٰ نسل جي ڪتن بابت ٻڌايائين ته اهي به هڪ ٻئي دوست کي ڏنا هئم. ساڳئي طرح ان دوست به ڪتن جا ٻچا ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. بهرحال آصف ٻاهر آيو ته گهوڙن ۽ ڪتن جا ٻچا ته ٺهيو پر هي دوست سڀ ٻچا پيش ڪندس.
جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو ڪاوش ۾ ڪالهه شايع ٿيل انٽرويو ۾ حڪومت سان هلندڙ ڳالهين جي نتيجي ۾ جلد هم خيال ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي پر سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته مشرف واري فوجي حڪومت ۽ پ پ هڪٻئي جي ضرورت آهن، انهن ۾ اڄ نه ته سڀاڻي همخيالي ٿيڻي آهي. بظاهر ته اڄڪلهه پ پ ۽ حڪومت جون هڪٻئي تي بندوقون سڌيون آهن پر ڪجهه ڏينهن ۾ وري اهو عارضي ڊيڊ لاڪ ٽٽڻ جو امڪان آهي. نويد قمر ۽ حاڪم علي زرداري شايد طبي بنيادن تي ۽ ضمانت تي آزاد ٿين. ايئن ٿيڻ سان وري ٻنهي ڌرين ۾ رابطا بحال ٿيندا ۽ ڪجهه ويجهڙائپ به پيدا ٿيندي.
(10 سيپٽمبر 2001ع)