تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

اعتماد جو ووٽ، صدر خاتمي ۽ سنڌ جو گورنر

اعتماد جو ووٽ، صدر خاتمي ۽ سنڌ جو گورنر

ايراني صدر سيد محمد خاتمي 3 ڏينهن جو دورو ڪري خير سان وطن موٽي ويو آهي. جنهن ڏينهن ايراني صدر واپس تهران روانو ٿيو ته اسان جو وزيراعظم مير ظفرالله جمالي پنهنجي پهرين پرڏيهي دوري تي ترڪمانستان روانو ٿي ويو آهي. ايراني صدر جي دوري جا 3 مک مقصد هئا. هڪ ته عراق خلاف ممڪنه آمريڪي حملو، جيڪو فيبروري ۾ متوقع آهي، ان خلاف او آءِ سي جي پليٽ فارم تان گڏيل موقف اختيار ڪرڻ، ٻيو عراق کان پوءِ ايٽمي پروگرام جو بهانو بڻائي ايران خلاف آمريڪي امڪاني ڪارروائي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ان کانسواءِ ايران کان گئس پائيپ لائين ڀارت تائين پهچائڻ وارا معاملا ايراني صدر جي دوري جا مک مقصد هئا. ايراني گئس پائيپ لائين بابت پاڪستان سيڪيورٽي جي ضمانت ته ڏني آهي پر ايران کي اطمينان بخش حد تائين مطمئن به نه ڪيو ويو. ساڳئي مقصد لاءِ وزيراعظم جمالي اشڪ آباد روانو ٿي ويو آهي ۽ ترڪمانستان مان گئس پائيپ لائين افغانستان مان گذاري پاڪستان ۾ آڻڻ ۽ بعد ۾ ڀارت تائين پهچائڻ لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. آمريڪي ڪمپنيءَ کي جيئن ته ترڪمانستان کان پاڪستان تائين ۽ بعد ۾ ڀارت تائين گئس پائيپ لائين پهچائڻ جو ٺيڪو ملندو. جڏهن ته ايران کان ڀارت تائين واري پائيپ لائين جو ٺيڪو آسٽريليا جي ڪمپنيءَ کي ملڻو آهي. ان ڪري آمريڪا جو زور آهي ته ترڪمانستان واري پائيپ لائين اچي. اڻ سڌي طرح ته اهو طئي ٿي ويو ته پاڪستان پنهنجي مفادن يا دوستن جي مفاد خاطر پاڙيسري ملڪ ايران جي مفاد جي ابتڙ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو. عراق ۽ ايٽمي معاملن جي حوالي سان اڳ ۾ توقع ڪئي پئي وئي ته شايد ايراني ۽ پاڪستاني صدر گڏيل پڌرنامو جاري ڪري زوردار نموني موقف پيش ڪندا پر ايئن به نه ٿيو. البته گڏيل بيان ضرور جاري ڪيو ويو آهي. ان مان ته لڳي پيو ته ايران ۽ پاڪستان ۾ جنهن بريڪ ٿرو جو امڪان هو اهو توقعات موجب شايد نه ٿي سگهيو آهي.
ترڪمانستان جو دورو ڪري جيئن ئي وزيراعظم موٽي ايندو ته 30 ڊسمبر تي هن کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو آهي. هڪ ووٽ جي اڪثريت واري حڪومت ڏانهن جيتوڻيڪ پ پ جا هاڻي 5 وڌيڪ ايم اين ايز وفاداري مٽائي ويا آهن ۽ فارورڊ بلاڪ جو انگ 15 ٿي ويو آهي ۽ ان لحاظ کان هاڻي 6 ووٽ اضافي ٿي ويا آهن پر ساڳئي وقت ميان اظهر جي معاملي سبب مسلم ليگ (ق) جي رڌڻي ۾ پيل رولي ۽ وزارتن جي اميدن جي آسري تي اجلاسن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪندڙ ايم اين ايز پاران هاڻي 30 ڊسمبر واري اجلاس ۾ اچڻ لاءِ بهانا ڪرڻ واري معاملي به حڪومت کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ وزيراعظم جي حلقن جي دعويٰ آهي ته مير صاحب جا پاڙيسري پيپلزپارٽي وارا مير صاحب کي اعتماد جو ووٽ ڏيندا پر ڏسجي ته معاملو ڪٿي ٿو دنگ ڪري. اعتماد جي ووٽ وٺڻ ۾ 2 ڏينهن بچيا آهن. بظاهر ته اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهڻ جي ڪا صورتحال نظر نه پئي اچي پر ميان اظهر جا حلقا وثوق سان چئي رهيا آهن ته جمالي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو. ميان اظهر جي حلقن کانسواءِ گاديءَ واري شهر جي سازشي ٿيوريز پيش ڪندڙ جڳادڙين جو موقف به هنن کان مختلف ناهي. انهن وٽ جيڪا ٿيوري هلي رهي آهي، ان موجب اول ته وزيراعطم ظفرالله جمالي اعتماد جو ووٽ شايد نه وٺي سگهندو پر جيڪڏهن وٺي به ويو ته عدم اعتماد واري رٿ چند مهينن کان پوءِ ايوان ۾ ضرور پيش ٿيندي. ڏسجي ته سادي اڪثريت وارو وزيراعظم اعتماد جي ووٽ وارو مرحلو ڪيئن ٿو پار ڪري؟ اها ٿيوري پيش ڪندڙ لڏي جو خيال آهي ته عراق خلاف امڪاني ڪارروائي کانسواءِ عالمي قوتن جي ايجنڊا تي 2 معاملا ٻيا به آهن. جيڪي سڌيءَ طرح پاڪستان سان لاڳاپيل آهن. جن موجب ڪنٽرول لائين کي مستقل عالمي سرحد تسليم ڪرڻ ۽ ٻي ايجنڊا پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان آهي، جنهن جو اظهار ايراني صدر به ڪيو هو. انهن ٻن معاملن سان باوردي صدر جنرل پرويز مشرف جي جمالي واري جمهوري حڪومت جي وجود جي بقا به ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن صدر جنرل پرويز مشرف ان امتحان مان پاس ٿي ويو ته پوءِ هن جا 5 سال پڪا آهن، بلڪه اڻ ڄاتل مدي تائين هو حڪمراني ڪندو رهندو پر جيڪڏهن عالمي قوتن ڪو بهانو بڻايو ۽ اطمينان بخش جواب کين نه مليو ته پوءِ صورتحال مختلف هوندي. وزيراعظم مير ظفرالله جمالي جي حڪومت جي حوالي سان صدر جنرل مشرف جي وفادارن هاڻي کان سندس ڪن ڀرڻ شروع ڪيا آهن. صدر جنرل پرويز مشرف کي وزيراعظم جي مخالفن ٻڌايو آهي ته اوهان حقيقي جمهوريت جي بحالي جا واعدا ڪيا هئا ۽ ان سوال کانسواءِ هر معاملي تي ماڻهو اوهان جو احترام ڪن ٿا، پر نيب پاران سرڪار جي ڇانو ۾ ايندڙ مبينه ڪرپٽ ۽ ڪوڙين ڊگرين وارن جا فائيل بند ڪرڻ سبب احتساب به مشڪوڪ ٿي رهيو آهي. تازو نيب جي 9 ڪرپشن وارن ڪيسن ۾ عدالتن مير ظفرالله جمالي جي سوٽ فائق جمالي کي سزائون ڏنيون پر بلوچستان ۾ ڄام حڪومت متحده مجلس عمل جي سزايافته ٻن وزيرن ۽ فائق جمالي کي آزاد ڪري نيب ۽ احتساب جي عمل کي وڌيڪ مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي. انهن حلقن جي دعويٰ آهي ته صدر جنرل پرويز مشرف کي اهو به چيو ويو ته جيڪڏهن فائق جمالي 9 ڪيسن ۾ سزا جي باوجود آزاد ٿي سگهي ٿو ته پوءِ بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ آصف زرداري جا ڪيس ختم ڇو نٿا ٿي سگهن. انهن حلقن پاران صدر کي اهو به چيو ويو هو ته جيڪڏهن سنڌ جي گورنر جا ڪيس ختم ٿي ويا، ايم ايم اي جا سزا يافته وزير آزاد ٿي ويا، وزيراعظم جو سزايافته سوٽ آزاد ٿي ويو ته پوءِ 6 سالن کان وڌيڪ عرصي کان مسلسل قيدي رهندڙ آصف زرداريءَ جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ ان معاملي تي صدر سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ سرڪاري مشينري هاڻي زرداريءَ کي به رليف ڏيڻ لاءِ بهانا تلاش ڪري رهي آهي. آصف زرداري جنهن جي طبيعت ٺيڪ ناهي. لڳي ٿو ته هن تي قسمت مهربان ٿيڻ واري آهي.
گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن جي دعويٰ آهي ته مخدوم امين فهيم جي استعيفيٰ ۽ يوسف رضا گيلاني جي آزادي محض اتفاق ناهن. حڪومت سازي مڪمل ٿيڻ ۽ ان ۾ ناڪاميءَ جو اعتراف ڪري استعيفيٰ ڏئي وري واپس وٺي اڳ جيان ڪم ڪندڙ مخدوم امين فهيم وري سرگرم آهي. جيتوڻيڪ هاڻي ڪجهه باقي ناهي بچيو پر ان جي باوجود مخدوم صاحب جون پراڻن سرڪاري دوستن سان وري ملاقاتون جاري آهن. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب ته انڪار ڪري رهيو آهي، پر سازشي ڌرين جو خيال آهي ته سرڪار مخدوم صاحب کي اسٽينڊ باءِ ۾ رکيو آهي. مير ظفرالله جمالي جي حڪومت لڏڻ جي صورت ۾ مخدوم سرڪار لاءِ آئيڊيل آپشن هوندو. اسلام آباد وارا سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر بابت چون ٿا ته هنن کي اقتداري راند جو ايترو تجربو ناهي ۽ هنن لاءِ سنڌ حڪومت هلائڻ مشڪل هوندو. سنڌ جو گورنر ته اڳ ۾ هڪ دفعو وزير رهيو آهي پر صوبو هلائڻ جو تجربو هن وٽ ناهي شخصيت ۾ بردباري ۽ ننڍي عمر کان وڏيون سياسي اسائنمينٽ ڪرڻ سبب ٿي سگهي ٿو ته هو ڪم هلائي وڃي. پر سنڌ ۾ ڪجهه ڌريون هن جي مخالفت ڪري رهيون آهن ته اردو ڳالهائيندڙ گورنر نه کپي. سنڌ ۾ وڏو وزير سنڌي ۽ گورنر اردو ڳالهائڻ وارو مقرر ڪرڻ وارو اڻ لکيل قانون ڪافي عرصي کان لاڳو آهي ۽ وڏي وزير جي هوندي سنڌي ڳالهائيندڙ گورنر ته ماضي ۾ به ڪو نه رهيو آهي، ڏسجي ته هيءُ گورنر مخالفن کي ڪيئن ٿو منهن ڏئي.
2 ڏينهن اڳ جڏهن سندس پهريون انٽرويو ڪاوش لاءِ ڪيم ته مون کي توقع نه هئي ته ان عمر ۾ ايم ڪيو ايم جو هوندي به ٿڌي مزاج وارو ڪو ماڻهو ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۽ سنڌين جا مسئلا اولين ترجيحي بنياد تي حل ڪرڻ جي حام هڻندڙ گورنر لاءِ اهو ٽيسٽ ڪيس هوندو ته هو عملي طور سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڇا ٿو ڪري. سوال اهو ناهي ته سنڌ جو گورنر پنجابي ڳالهائيندڙ هجي، رٽائرڊ جرنيل هجي، سنڌي هجي يا اردو ڳالهائيندڙ، سوال اهو آهي ته هو سنڌ لاءِ ڪري ڇا ٿو؟ ڪنهن جي خلاف احتجاج جو علم بلند ڪرڻ جو بنياد هن جو رنگ، نسل يا ٻولي نه هئڻ گهرجي، پر ان جا عمل هئڻ گهرجن. اڃا به سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا سنڌي ايس ايڇ اوز هوندا. جن ڪالاباغ ڊيم خلاف احتجاج ڪرڻ تي مظاهرو ڪندڙن جا مٿا ڪوڙائي شهر جو گشت ڪرايو هو. ڇا اهي چڱا هئا؟
(28 ڊسمبر 2002ع)