تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

فوجي عدالتون جڙڻ ۾ دير اختلافن سبب ٿي رهي آهي

فوجي عدالتون جڙڻ ۾ دير اختلافن سبب ٿي رهي آهي

20 نومبر تي ڪراچي ۾ وزيراعظم نواز شريف فوجي ڪورٽون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ڪراچيءَ ۾ سندس پريس ڪانفرنس ۾ صدر رفيق تارڙ جي صحيح سان جاري ڪيل آرڊيننس به ورهايو ويو هو. آرڊيننس ۾ هونئن ته ڪيتريون ئي خاص ڳالهيون آهن پر هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته ان آرڊيننس تي صدر رفيق تارڙ جي جيڪا صحيح آهي سا سندس سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلن، سينيٽر ۽ صدر ٿيڻ لاءِ ڀريل نامزدگيءَ فارمن تي ڪيل صحيح کان بلڪل مختلف آهي.
ترت انصاف ڏيڻ جي خواهش ۾ نواز شريف جي ان فيصلي تي اڄ 11 ڏينهن گذرڻ جي باوجود به عمل نه ٿيو آهي يعني فوجي ڪورٽون قائم نه ٿيون آهن. چوڌري شجاعت هر ٽئين ڏينهن جيتوڻيڪ بيان ڏيندو ٿو رهي ته بس چند ڏينهن ۾ ڪورٽون قائم ٿي وينديون پر اڃا تائين ڪورٽون قائم نه ٿيون آهن. سدائين سازشن جي بوءِ سونگهڻ جي چڪر ۾ رهندڙ ڌريون هاڻي فوجي ڪورٽن جي قيام عمل ۾ نه اچڻ بابت وري اها دعويٰ پيون ڪن ته ان مسئلي تي اقتدار جي اعليٰ سطحي ايوانن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا آهن. اهي ڌريون اها ڳالهه به چون ٿيون ته سرڪار ان تي غور ڪري پئي ته پرويز مشرف کي آرمي چيف جي عهدي کان ترقي ڏئي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي عهدي تي مقرر ڪيو وڃي ۽ نئون آرمي چيف جنرل ضياءُ الله بٽ کي مقرر ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ جنرل پرويز مشرف کان پوءِ سينارٽي لسٽ ۾ نمبر ون تي جنرل نسيم رانا آهي جيڪو آءِ ايس آءِ جو سابق سربراهه به رهيو آهي. اهو چند هفتن بعد رٽائر ٿي ويندو جنهن بعد آءِ ايس آءِ جو موجوده سربراهه جنرل ضياءَ نمبر ون تي اچي ويندو. هن وقت جنرل پرويز مشرف کان پوءِ سينارٽي موجب جنرل نسيم رانا ۽ ان بعد جنرل ضياءَ آهي. جنرل ضياءُ کان پوءِ جنرل ذوالفقار جو نمبر آهي جيڪو هن وقت واپڊا جو چيئرمين آهي. ان کان پوءِ جنرل صلاح الدين ترمذي آهي جيڪو نيشنل ڊفينس ڪاليج جو ڪمانڊنٽ آهي. انهن سڀني ۾ سينارٽي جي لحاظ کان جنرل ضياءُ ئي چيف جي عهدي تي اچي سگهي ٿو. اسان انهن ”سازشين“ جي ان ٿيوري سان اتفاق کڻي نه به ڪريون پر اسان جي مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڪو فرق به نه پوندو. هو ته سازشي آهن. سدائين اهڙيون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. پر سوال آهي ته جڏهن اهي ٿيوريز اسان جهڙن عام ماڻهن تائين گشت ڪندي اچي سگهن ٿيون ته ڇا ”مالڪن“ تائين نه پهچنديون هونديون؟ جيڪڏهن مالڪن تائين پهتيون هونديون ته ڇا هو ڪو انتظام ڪرڻ کانسواءِ ويٺا هوندا؟ بهرحال فوجي ڪورٽن جي قيام واري مسئلي تي اڃا صورتحال واضح نظر نه ٿي اچي جنهن جا کوڙ سارا سبب ٿي سگهن ٿا. ايترو سو آهي ته جيڪڏهن ان مسئلي تي کڻي سخت اختلاف نه به هجن ته به اختلاف راءِ ضرور آهي جو هيساتئين انهن عدالتن جي قيام وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي.
وزيراعظم ميان نواز شريف ڪالهه خير سان آمريڪا روانو ٿي چڪو هو. هو رستي ۾ اوسلو ۾ ترسندو جتي پي ٽي وي جي عالمي نشريات جو دائرو يورپ تائين وسيع ڪرڻ واري پروگرام جو افتتاح ڪندو ۽ پوءِ اڳتي ويندو. پهرين ڊسمبر تي آمريڪا پهچڻ بعد هو 2 ڊسمبر تي وائيٽ هائوس ۾ ڪلنٽن سان مشرف ملاقات حاصل ڪندو. هونئن ته اڳ ۾ ئي نواز شريف ڪلنٽن سان انگريزي ۾ فون تي ڳالهائيندو رهيو آهي. هاڻي روبرو ساڻس انگريزي ۾ ڪچهري ڪندو. جڏهن ايٽمي ڌماڪن ۽ آمريڪا جي افغانستان تي ڪيل حملن وارا واقعا ٿيا هئا ته 2 کان وڌيڪ دفعا هن فون تي ڪلنٽن سان ڳالهايو هو. جنهن تي پي پي جي سينيٽرن رضا رباني ۽ اعتزاز وارن هروڀرو اهو چيو هو ته فون تي ڪلنٽن سان نواز نه پر ڪنهن ٻئي ڳالهايو هو. هاڻي وري اهي پيپلا چون ٿا ته ڪلنٽن سان روبرو ملاقات دوران جيڪڏهن ڪلنٽن سندس آواز سڃاڻي ورتو ته ڇا ٿيندو؟ پي پي وارا ته خير آهن ئي ميان صاحب جا مخالف ۽ انهن کان سندس ملاقات دوران وزيراعظم جي مدد لاءِ ساڻس ترجمان/مددگار به هوندو. هونئن ته دنيا ۾ اها ڳالهه عام آهي ته هر وزيراعظم سان ترجمان به گڏ هوندو آهي ۽ ان ۾ خرابي به ناهي پر هتي پي پي وارن کي هروڀرو ميان صاحب بابت ڳالهوڙو ٺاهڻ جو مواد ملندو.
وزيراعظم نواز شريف جي دوري جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته ايٽمي تجربا نه ڪرڻ واري معاهدي سي ٽي بي ٽي، ڪشمير ۽ ايٽمي ٽيڪنالاجي جي ايڪسپورٽ نه ڪرڻ وارن معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جي خاطري لکت ۾ ڏني ويندي يا صحيحون ڪيون وينديون. ان معاملي تي اپوزيشن وارا زور شور سان تحريڪ هلائڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. بينظير ڀٽو جي سربراهي ۾ 15 ڊسمبر کان ”حڪومت هٽايو تحريڪ“ هلائيندڙن کي سياسي پنڊت ٻڌائي رهيا آهن ته نواز شريف مارچ 1999ع کان اڳ وڃي سگهي ٿو. پوءِ سندن خلاف في الحال ڪو به سيف الرحمان ڪنهن ڪرپشن جو ڪيس تيار نه ڪندو ۽ نه تنگ ڪندو. تحريڪ کي مانيٽر ڪندڙ ۽ تحريڪ هلائيندڙ ڌرين ۾ ڪنهن بارگيننگ ٿيڻ جي مڪمل ڄاڻ ته اڃا ڪو نه پئي ملي پر اهو ضرور آهي ته سائين جي ايم سيد جي سالگره واري ڏينهن 17 جنوري کان صوبائي خودمختياري جي نالي تي قومپرستن جي ڀرپور نموني شروع ٿيندڙ تحريڪ جي راهه ۾ 15 ڊسمبر وارن جي تحريڪ رخنو وجهي سگهي ٿي ۽ 17 جنوري واري تحريڪ کي اوورٽيڪ به ڪري سگهي ٿي. ڇو ته 15 ڊسمبر واري تحريڪ ۽ موجوده حالتن کي مانيٽر ڪندڙن جو خيال آهي ته 17 جنوري کان شروع ٿيندڙ قومپرستن جي تحريڪ اڳتي هلي انتها پسنديءَ وارو رخ اختيار ڪري سگهي ٿي. تنهنڪري ضروري آهي ته پ پ کان هڪ دفعو ٻيهر 1970ع واري ڏهاڪي جهڙو ڪم ورتو وڃي. ان وقت ته پنجاب جو عوامي سمنڊ پ پ جي جهوليءَ ۾ هو پر هاڻي فرق اهو پوندو ته پنجاب جي عوامي راءِ اڌو اڌ ٿي ويندي. 70ع واري ڏهاڪي کان هڪ اڌ سال اڳ تائين پنجاب توڙي سنڌ ۾ Pro Bhutto يا Anti Bhutto وارا سياسي ٽرم (اصطلاح) استعمال ٿيندا هئا پر هاڻوڪو پنجاب جيڪو حڪومت ٺاهڻ جي حوالي سان 73ع واري آئين کان پوءِ جي پاڪستان ۾ سدائين ڪنگ ميڪر رهيو آهي اتي هاڻي Pro butto بدران Pro Nawaz ۽ Anti nawaz واري ٽرمينالاجي استعمال ٿيڻ لڳي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته نواز شريف، ڀٽي کان پوءِ پنجاب جو وڏو ليڊر ثابت ٿيو آهي. هونئن به دنيا ۾ سياسي سائنس جي ڪورس ۾ اهو اصول مڃيو ويندو آهي ته ڪنهن جو به pro يا Anti کاتو تڏهن کلندوآهي جڏهن ڪو فرد/پارٽي تمام وڏي پئماني تي مقبول هجي. اهو ٽرم ڀٽي سان تيستائين رهيو جيسين ڀٽو پنجاب جو وڏو ليڊر هو پر خاص ڪري 97ع کان پوءِ اهو ٽرم هاڻي نواز شريف جي نالي سان سلهاڙجي ويو آهي.
پنجاب ۾ مسلم ليگ اندر انتشار تمام گهڻو آهي. ان جو اندازو صرف ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٿوري عرصي ۾ مسلم ليگ جا 3 کان وڌيڪ پارليامينٽيرين قتل ٿيا آهن. جن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح Reportedly مسلم ليگ جا پارليامينٽيرين ملوث آهن. پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ٿيون آهن. جنهن ڳالهه کي 8 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر اڃا تائين مڪاني ادارن جي چيئرمينز جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته پنجاب ۾ مسلم ليگ 3 ڌڙن ۾ ورهايل آهي. مقامي سطح تي هڪ گروپ ايم اين ايز جو آهي، ٻيو ايم پي ايز جو ۽ ٽيون ننڍي سطح تي مسلم ليگ وارن جو . اهي ٽئي گروپ مڪاني ادارن جي چيئرميني پنهنجي گروپ کي ڏيارڻ چاهين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اڃا چيئرمين نه چونڊجي سگهيا آهن. شهباز شريف سميت سڀني کي خبر آهي ته ان معاملي ۾ تڪڙ جي نتيجي ۾ مسلم ليگ جا تضاد پبلڪ ۽ پريس آڏو پڌرا ٿي پوندا ۽ وري مسلم ليگ تباهه ٿيڻ جو انديشو آهي.
هن وقت ٿورو يا گهڻو اينٽي نواز ووٽ بئنڪ پنجاب ۾ پيدا ٿي چڪو آهي پر جيڪڏهن سڀاڻي مڪاني ادارن جي چيئرمينز وارو تضاد برقرار رهيو ۽ نواز شريف آمريڪا ۾ ڪو اعتراض جوڳو معاهدو ڪري آيو ته 15 ڊسمبر کان تحريڪ هلائيندڙ اينٽي نواز ووٽ بئنڪ کي نه صرف وڌائڻ ۾ ڪامياب ويندا پر جهڙي طرح سنڌ ۾ نواز ليگ اينٽي پ پ ووٽ بئنڪ کي Consolidate (هڪ هنڌ گڏ) ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي هئي، پيپلزپارٽي پنجاب ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جنهن بعد ان تحريڪ وارن جي جلسن ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن کي اهو چوڻ ۾ هٻڪ نه ٿيندي ته پنجاب وري پ پ جي جهولي ۾ اٿلي پيو آهي. نواز شريف آمريڪا ۾ جيڪو ڪجهه به ڪري آيو ان بعد سندس مخالفن پاران مٿس اهو الزام ضرور لڳندو ته هن پاڪستان کي ايٽمي پروگرام ۽ ڪشمير سميت وڪڻي ڇڏيو آهي. ان ۾ ڪا صداقت هجي يا نه پر الزام ايتري ئي شدت سان لڳندو جيترو پ پ وارن تي ڪرپشن جو لڳو. ڪرپشن وارن الزامن ۾ صداقت جا ته وڏا چئوٻول رهيا آهن پر عدالت ۾ اڃا تائين هڪ به ثابت نه ٿيو آهي، سواءِ پير مظهر ۽ منور ٽالپر خلاف ڪيسن جي جن جي به سپريم ڪورٽ ضمانت کڻي ڇڏي آهي. 10 مارچ 1998ع کان اڳ جڏهن نواز شريف لغاري ۽ سجاد شاهه کي گهر ڀيڙو ڪري چڪو هو ۽ سندس فتوحات جو سلسلو عروج تي هو، ان وقت هنن ئي ڪالمن ۾ مون 10 مارچ 98ع تي لکيو هو ته نواز سرڪار مارچ 99ع کان اڳ موٽ کائي سگهي ٿي. جيڪا ڳالهه هاڻي هتان جي حلقن ويساهه سان چوڻ شروع ڪئي آهي. بهرحال الله سڀني جو ”حامي و ناصر“ هجي.
(پهرين ڊسمبر 1998ع)