تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ڇا بينظير صوبائي ليڊر بڻجي وئي آهي؟

ڇا بينظير صوبائي ليڊر بڻجي وئي آهي؟

پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪ جي سرواڻي قبولي پنجاب جي سرحد تي 10 آگسٽ تي ڌرڻو هڻڻ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي تنهن تي اقتداري ايوان واري شهر اسلام آباد ۾ مختلف رايا ظاهر ڪيا پيا وڃن، حڪمران ڌر پاران اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته بينظير ڀٽو 2 دفعا وزيراعظم رهڻ جي باوجود به صوبائي ليڊر بڻجي وئي آهي. گاديءَ واري شهر ۾ رهندڙ سنڌين جي راءِ آهي ته سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم واري مسئلي تي قومپرستن جيڪا مزاحمتي تحريڪ شروع ڪئي، ان سان بيٺل پاڻي جيان غير متحرڪ بڻيل سنڌ جي قومپرست سياست ۾ جان پئي آهي. ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري حڪمرانن سنڌ جي قومپرست سياست تي ڇانئيل جمود ٽوڙي ان کي ايئن متحرڪ ڪري ڇڏيو جيئن ڪنهن ڊيم يا بيراج جا هڪدم دروازا کولبا آهن ته پاڻي تيزي سان گجگوڙ ڪري وهڻ شروع ڪندو آهي. شروع ۾ پيپلزپارٽي وارا ڪالاباغ ڊيم بابت ته هڪ حد تائين گڏ رهيا پر محترمه ان تحريڪ جي قيادت سنڀالي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هن موقعي تي به هوءَ مصلحتن جو شڪار رهي ها ته مستقبل جي سياسي نقشي ۾ پ پ Relevant نه رهي ها.
مشاهد حسين جو چوڻ آهي ته بينظير ڀٽو احتساب کان بچڻ لاءِ اينٽي ڪالاباغ ڊيم مهم ۾ شامل ٿي آهي. ان لاءِ هو پنهنجي لاجڪ به ڏئي ٿو، ماضي قريب جا مثال به ٻڌائي ٿو، جيڪي اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. ڪجهه حڪومتي حلقن جو چوڻ آهي ته ايٽمي ڌماڪن بعد وزيراعظم جڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو ته، هر ڪنهن اهو سوال پڇيو هو ته ان تڪراري مسئلي کي ڇيڙڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ حڪومت کي ڇا فائدو ٿيو آهي؟ يا حڪومت ڪهڙو فائدو حاصل ڪرڻ گهري ٿي؟ انهن سوالن جا جواب هاڻي بينظير پاران پنجاب جي بارڊر تي ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻو هڻڻ واري اعلان بعد ملي ويا آهن.
حڪومتي حلقن جي دعويٰ آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري اعلان بعد بينظير ڀٽو کي صوبائي ليڊر بڻايو ويو آهي. هاڻي هوءَ پنجاب ۾ ڪهڙي منهن سان ايندي؟ ان معاملي تي هتان جا سفارتڪار حلقا مختلف صحافين کان اهو پيا پڇن ته جيڪڏهن کڻي حڪومت جي اها راءِ درست به مڃجي ته بينظير صوبائي ليڊر ٿي وئي آهي ته پوءِ جمهوريت جو گاڏو هلائڻ لاءِ مخالف ڌر واري ڦيٿي جو رول ڪير ادا ڪندو، ڇا نواز شريف جو همعصر وري پنجاب مان پيدا ڪيو ويندو؟ چاهي اهو سرائڪي علائقي مان ئي هجي، فاروق لغاري جي روپ ۾ يا ڪنهن ٻئي ماڻهو جي شڪل ۾ پر ڇا ان کي جسٽي فائيڊ سمجهيو ويندو؟ محترمه جي صرف هڪ اعلان سان هتان جي سفارتي، سياسي، ڪامورڪن توڙي اسٽيبلشمينٽ جي حلقن ۾ ڀونچال آهي. مينگل حڪومت وڃڻ بعد جيڪي وفاق تي ڇنڊا پيا آهن انهن جا داغ اڃا ڌوپيا ئي ناهن ته مٿان وري محترمه وارو ڌرڻو وفاق جي رکوالن جي ڳچي ۾ پيو آهي. پٺاڻن جو وار اڃا باقي آهي.
حڪومتن جي ڀڃ ڊاهه جو اڀياس رکندڙ حلقن جو خيال آهي ته بلوچستان ۾ جيڪا تبديلي ايندي اها حڪومت لاءِ نقصانڪار هوندي. هڪ ته نئين ايندڙ حڪومت پائيدار نه هوندي، ٻيو ته ان جي نتيجي ۾ اي اين پي سرحد ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آڻيندي ۽ سنڌ ۾ لياقت جتوئي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي خواهش تي هلندي وفاق سان وڙهڻ جي کين خاطر نه ڪرائي ته ايم ڪيو ايم حڪومت مان هٿ ڪڍي ويندي. سنڌي اڳ ۾ ئي پ پ جي روپ ۾ حڪومت جا مخالف آهن، پٺاڻ به حڪومت مان نڪري ويا آهن، بلوچن کي به ڪڍيو ويو آهي، ايم ڪيو ايم ڇڏ يا ڇڏي تي آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم به هلي وئي ته پوءِ حقيقي معنيٰ ۾ ملڪ تي پنجاب جي حڪومت هوندي. حقيقي معنيٰ ۾ ته خير اڳ ۾ ئي آهي پر نالي ماتر؟ اهو معاملو واضح ٿي ويندو. اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ ته شروع ٿي وئي آهي ۽ پنهنجي Over flow ڪرڻ واري حد تائين پهچڻ واري آهي. اهو ئي سبب آهي ته وري ڊسمبر 97ع ۾ ڌمجي ويل سياسي بحران جي اچڻ جا امڪان روشن ٿي ويا آهن ۽ اهو سياسي بحران بنگال جي Bay مان اٿندڙ طوفان جيان تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
محترمه ڪالاباغ ڊيم خلاف اٿيل تحريڪ ميچوئر ٿيڻ کان اڳ ان جي قيادت ڇو سنڀالي؟ اهو به سوال بحث هيٺ آهي. ان جي جواب ۾ پ پ جي سنڌي ڳالهائيندڙ جيالن جو چوڻ آهي ته، پنجاب آخر بي بي کي ڇا ڏنو آهي؟ مايوس ڪيو آهي، محترمه جي ان اعلان بابت پ پ جي پنجابي ليڊر شپ حيران آهي، هو ڪو جواب ته نٿا ڏئي سگهن پر خاموش آهن. سندن خاموشي جو جواب شايد اهو هجي ته هاڻي هنن جو ڇا ٿيندو؟ پر پنجاب جا پرو پ پ دانشور چون ٿا ته محترمه اصل ۾ پنجاب جي بارڊر تي ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻو هڻي وفاق کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پنجابين کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي ته هو ملڪ کي ٽوڙڻ ڏانهن وڌڻ کان حڪمرانن کي روڪين ۽ سندن گهيراءَ لاءِ سوچين.
هڪ تاثر اهو به آهي ته مستقبل قريب ۾ صوبائي خودمختياري جي حوالي سان جيڪا تحريڪ هلڻ واري آهي اها جيئن ته پ پ واري ”عوامي اتحاد“ کان ڪافي اڳتي نڪري ويندي، تنهن ڪري ان تحريڪ ۾ نه صرف انٽري پر ليڊر شپ وٺڻ لاءِ محترمه اهو اعلان ڪيو آهي. اهڙو تاثر ڏيندڙن ڌرين جو چوڻ آهي ته صوبائي خودمختياري جي بحالي جي تحريڪ جا مک محرڪ اصل ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي سان به لاڳاپيل آهن. چاهي اهي سنڌ جا قومپرست هجن يا بلوچستان جا بلوچ ۽ پٺاڻ يا سرحد جا پٺاڻ هجن توڙي ايم ڪيو ايم وارا، انهن سڀني جو ڪالاباغ ڊيم سان سڌي يا اڻ سڌي طرح تعلق آهي. هي راءِ ڏيندڙن جو خيال آهي ته ايندڙ 5 هفتن ۾ زور وٺندڙ صوبائي خودمختياري جي بحالي واري تحريڪ جي ليڊر شپ وٺڻ لاءِ جيڪو محترمه هن ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي اهو سستو سودو آهي. ڇو ته اها تحريڪ به پنجاب جي خلاف هوندي ۽ ان تحريڪ جي نتيجي ۾ وفاق کي ڪنهن به نقصان پهچڻ واري خدشي جي پيش نظر اسٽيبلشمينٽ پنجاب کي پاڻ ئي بينظير سان گڏ بيهاريندي. جيڪڏهن بينظير هاڻي اعلان نه ڪري ها ته سڀاڻي واري ان تحريڪ ۾ کيس تحريڪ جي محرڪن جي شرطن تي شامل ٿيڻو پوي ها. هن ئي سوچ وارن جو خيال آهي ته بينظير کي وفاقي ليڊر طور برقرار رکڻ اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت ۽ مجبوري آهي. محترمه گم ٿي ويل سنڌ ڪارڊ جو پتو اهڙي نموني اڇلايو آهي جو هاڻي ملڪ جي رکوالن کي مقرر ڪيل شيڊول کان اڳ ملڪي سياسي سيٽ اپ ۾ ڦير ڦار لاءِ متحرڪ ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي.
پنجابي ڳالهائيندڙ ڪجهه صحافين جو خيال آهي ته ايٽمي ڌماڪن بعد جڏهن پوري قوم متفق هئي ته ان جو فائدو وٺڻ لاءِ هڪدم ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري وزيراعظم سمجهيو پئي ته اهو معاملو ڦٻي ويندو پر سنڌ مان عوامي رد عمل جو ايڏي پئماني تي احساس نه هو. سرحد مان هيستائين ايترو عوامي رد عمل نه ٿيو آهي بلڪه ڪنهن به صوبي مان ايترو احتجاج نه ٿيو آهي جيترو سنڌ مان ٿيو آهي. هنن جي اها به راءِ آهي ته سڀاڻي جيڪا چارج شيٽ حڪمرانن کي ملندي تنهن ۾ ڪالاباغ ڊيم جو معاملو ڇيڙي وفاق کي نقصان پهچائڻ وارو نقطو به هوندو. اهو معاملو جنهن انداز ۾ آندو ويو اهو ٺيڪ نه هو. واضح رهي ته اهو سمورن پنجابي ڳالهائيندڙ صحافين نه پر نج پروفيشنل ۽ پنجابي شائونزم کان پاڪ، مڪمل ملڪي مفادن جي رکوالن جيان سوچيندڙ چند صحافين جو خيال آهي.
هتان جي سنڌي حلقن ۾ اهو سوال به بحث هيٺ آهي ته جيڪو ڪجهه اڄ محترمه چوي ۽ ڪري پئي ڇا ان تي سڀاڻي به بيهندي؟ محترمه جا باقاعده اتحادي بڻجڻ تي سوچيندڙ ولي خان، اچڪزئي ۽ مينگل وارا به اهڙي خاطري طلب ڪري رهيا آهن.
(5 آگسٽ 1998ع)