تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

قاضيءَ جي تحريڪ ۽ ڪڻڪ جو بحران سيپٽمبر

قاضيءَ جي تحريڪ ۽ ڪڻڪ جو بحران سيپٽمبر
۾ ڪڙو کڙڪائيندا

مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جڏهن آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ آمريڪا دوري تي وئي هئي ته موٽڻ بعد هن وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس سڏايو هو جنهن ۾ هن چيو ته مون کي سازش جي ڌپ اچي پئي ايندڙ چند مهينن ۾ شديد مالي، اقتصادي ۽ سياسي بحران پيدا ٿيندو. عالمي ادارا پاڪستان سان سهڪار نٿا ڪن ۽ ڏکيا شرط رکيا ويا آهن تنهن ڪري اسان کي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي ۽ ٻين کي آڇ ڪريون ته هو اچي معاملا ٺيڪ ڪن پر هن وقت ڪو به ان پوزيشن ۾ نه هوندو. سندس اهڙي اوچتو ڳالهه تي ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي تاڪ لڳي ويا هئا ۽ هر ميمبر حڪومت وڃڻ جي ڊپ کان چيو ته ”بي بي اسان مري وينداسين پر ايئن نه ڪنداسين، ڇو ته اسين بحران (Crisis) جي پيداوار آهيون ۽ هر قسم جي بحران جو مڙس ٿي مقابلو ڪنداسين.“ اهو واقعو مون کي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه ٻڌايو. ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل ساڻس ڪچهري ۾ ڪافي ڳالهيون ٿيون. هن جو اهو به چوڻ هو ته سيپٽمبر 1997ع ۾ ڪڻڪ جو به بحران وري پيدا ٿيندو ڇو ته حڪومت کي هلندڙ سال 40 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي آهي. هيستائين معاهدو صرف پوڻا ٽي لک ٽن ڪڻڪ خريدڻ جو ٿيو آهي. اها ڪڻڪ سيپٽمبر کان ايندي بعد جو ڇا ٿيندو؟ خورشيد شاهه جي خيال سان مڪمل اتفاق آهي ته ايئن ٿيندو پر جيڪڏهن ملڪ ۾ اسٽاڪ ڪيل ڪڻڪ حڪومت ايف آءِ اي ذريعي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ته پوءِ مسئلو حل ٿي ويندو. جهڙي طرح پ پ دور ۾ کنڊ لاءِ آپريشن ڪيو ويو هو. خورشيد شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته هن پنهنجي زمين جي هزارين مڻ ڪڻڪ اسٽاڪ ڪري رکي آهي. کلي مارڪيٽ ۾ 300 رپيا في مڻ جي ريٽ جي باوجود به وڪڻي نٿو. هن جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر تائين جيڪو بحران ڪڻڪ جو ايندو، ان بعد ايم اين ايز ڪڻڪ جي ماني لاءِ به سڪندا ۽ کين ڊبل روٽي تي گذارو ڪرڻو پوندو. اهڙي صورت ۾ هو اسٽاڪ ڪيل ڪڻڪ سياستدانن خاص ڪري اپوزيشن وارن کي گفٽ طور ڏيندو.
خورشيد شاهه جنهن پنهنجي نماڻائي، سچائي ۽ وفاداري سبب ٿوري وقت ۾ تمام وڏو سياسي قد بُت حاصل ڪيوآهي، ان جي بنياد تي ئي هو موجوده حڪومت جي پاليسين بابت اڳڪٿيون پيو ڪري ۽ دور نظري رکي ٿو. ڪاش اهڙي دور نظري هو پنهنجي حڪمراني وارن ڏينهن ۾ ۽ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري ها ته فاروق لغاري اسيمبلي نه ٽوڙي ها. حڪومت وارن ڏينهن ۾ ته ڪنهن کي به هوش نه هوندو آهي ۽ 6 نومبر 96ع تي چيل شاهه صاحب جي سندس ئي جملي موجب ته اقتدار ماڻهو کي فرعون بڻائي ڇڏي ٿو. اعتراف ڪرڻ به بهادري هوندي آهي. تنهن ڪري اقتدار ۾ نه صحيح بعد ۾ ئي هن مڃيو ته صحيح. باقي سندس محترمه پاران استعيفيٰ ڏيڻ واري ڳالهه تي سوچڻ جي باوجود به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن ايئن ڇو سوچيو. جيڪڏهن سوچيو ته ڪيو ڇو نه. ڇو ته محترمه بابت سندس خير خواهه ساٿي افتخار گيلاني جهڙن جو چوڻ آهي ته ”هن شهيد ڀٽو جي مقصد کان هٽي اقتدار خاطر اصول ۽ مقصد ڇڏي ڏنا.“ اها ڳالهه هن تازو سندس گهر ٿيل انٽرويو دوران چئي هئي. محترمه ايئن به سوچي سگهي ٿي پر هن ڪري ته ڪو نه ڏيکاريو. ڪاش جيڪڏهن هوءَ ڪري ها ته پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ سندس اهو رڪارڊ شايد ڪير به نه ٽوڙي ها.
افتخار گيلاني جي انٽرويو جي حوالي سان ذڪر نڪتو آهي. جنهن تي هڪ واقعو پڙهندڙن تائين پهچائڻ ضروري سمجهان ٿو. هڪ موقعي تي افتخار گيلاني چيو ته يار انٽرويو مني ڪلاڪ ۾ پورو ڪيو. 11 وڳي صبح جو ڪو مهمان اچڻو آهي. مون چيو ڪوشش ڪريون ٿا. گيلاني سان انٽرويو دوران اوچتو سياستدانن جي ذاتي معاملن جو ذڪر نڪتو ته هن چيو ته ڪنهن به عوامي ماڻهو، عوام جي نمائندي يا سياستدان جي ذاتي زندگي نه هوندي آهي. جيڪي ماڻهو عوامي نمائندا هوندي به اهڙيون ڳالهيون چوندا آهن، اهي منافق ٿيندا آهن ۽ عوام سان سچا نه هوندا آهن. پڇيومانس ته اهو ڪيئن؟ هتي ته اسين جڏهن ڪنهن سياستدان بابت ڪا دلچسپي ۽ حقيقت تي مبني سندس ذاتي زندگي بابت ڪا ڳالهه شايع ڪريون ٿا ته متاثرين طعنا ته ٺهيو ڪڏهن گاريون به ڏيندا آهن ته هنن معمولي اخباري نمائندن جي مجال ڪهڙي آهي جو اسان جي ذاتي زندگي ۾ دخل ٿا ڏين. ان موضوع تي بحث کي 15 منٽ به ڪو نه گذريا ته 11 وڳي گيلاني صاحب وٽ سيد ظفر علي شاهه آيو. سائين پ پ دور ۾ ڊپٽي اسپيڪر هوندو هو ۽ جڏهن به اجلاس جي صدارت ڪندو هو ته حق ۽ سچ جي مسئلي تي اپوزيشن جي ڀر کڻندو هو ۽ هو موٽ ۾ ڊيسڪ وڄائيندا هئا ۽ کيس داد ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته نواز ليگ جي حق ۾ حق سچ جي مسئلي تي رولنگ ڏئي حڪومت جا تختا ڪڍندو هو. اهو سڀ ڪجهه هن ڪافي صبر کان پوءِ ڪرڻ شروع ڪيو هو. ڇو ته ان دور جي حڪومتي مسيحا جي ناپسنديدگي سبب نوڪرين جي ڪوٽا ۽ ترقياتي اسڪيمن کان تقريبن محروم ٿي ويو هو. ان ناپسنديدگي جو سبب شايد هن جي خوشامد نه ڪرڻ هو. شايد اهو ئي سبب هو جو صدر لغاري پاران اسيمبلي ٽوڙڻ واري فيصلي جي ڀليڪار ڪندڙن ۾ ارباب غلام رحيم کان پوءِ پ پ حڪومت جي حامين مان ظفر شاهه ٻئي نمبر تي هو. بعد ۾ صدر سان دوستي پڪي ڪيائين ۽ ان جي خواهش ۽ ضمانت تي ئي هن غنويٰ ڀٽو کان ٽڪيٽ وٺي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي سياسي زندگي جي بدترين شڪست کاڌائين.
ڊڀڙائي سيد ظفر شاهه، گيلاني جي گهر ڏسڻ بعد هٿ ملايو. مون سنڌي ۾ ڳالهايومانس ته هڪ پٺاڻ جي گهر سنڌي ٻڌي ڇرڪي پيو. ويٺو ۽ پڇيائين ته توهان جو نالو؟ مون ٻڌايومانس اعجاز، چيائين ها تنهنجون مهربانيون آهن، تون منهنجي خلاف منهنجي مخالفن کان پئسا وٺي مون کي بدنام ڪرڻ لاءِ مضمون لکندو آهين. توکي ڪهڙو حق ٿو پهچي منهنجي ذاتي زندگي سان هٿ چراند ڪرڻ جو؟ وغيره وغيره، هو ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو. هن کي ڪاوڙ اها هئي ته مون سندس اليڪشن ۾ هارائڻ جي حوالي سان ڪجهه مهينا اڳ ٽي سٽون لکيون هيون ته ”هو عوام سان نه، ملندو آهي، ڪم نه ڪندو آهي، سواءِ جوکين جي ٻئي ڪنهن کي لفٽ نه ڪرائيندو آهي. صدر هن کي آسرا ڏئي مارائي ڇڏيو.“ انهن جملن سبب هن مون کي اهي سڀ جملا چيا. مون پڇيو مانس شاهه صاحب تون ڊپٽي اسپيڪر هئين تو وٽ گهڻا دفعا پئسا وٺڻ آيو هئس. اسان ته اقتدار ۾ رهندڙ اوهان جهڙن جي شڪل ڏسڻ به نه ايندا آهيون. رهي ڳالهه پئسن جي ته اهو پنهنجي لاءِ خدا جي فضل سان غيرت مند دشمن يا مخالف به الزام نه هڻندا. ذاتي زندگي بابت لکڻ يا نه لکڻ جو جواب افتخار گيلاني اوهان کي ڏيندو. توهان جي اڍنگي انداز تي هتي ڪجهه نٿو چوان. ڇو ته تون به پرائي گهر ۾ آهين ۽ مان به، موقعو مليو ته ڪڏهن ٻه پاڻي ڪبا. سندس لاءِ لکيل ٽي سٽون هن جي حلقي جي 70 سيڪڙو ماڻهن جي راءِ هئي.ا اسين پنهنجو ڪم ڪنداسين، هو پنهنجو ڪم ڪري، بلڪل ان چواڻي موجب ته فقير پنندا رهن...!
تازو محترمه جو بيان آيو هو ته هن وقت پاڪستان خطري ۾ آهي. ٻيون سڀ شيون ڇڏيو ملڪ بچائڻ لاءِ اپاءُ وٺو ۽ ان لاءِ فوج، ججن، سمورين سياسي پارٽين کي گهرائي گڏيل صلاح سان قومي حڪومت ٺاهيو. ان بيان تي ماسٽر چندر جي ان ڪلام ”اڃا ته مان ننڍڙي آهيان“ مطابق ميان نواز شريف جي حڪومت ان تي ڌيان ئي نه ڌريو. محترمه جي دور انديشي، علم ۽ عقل بابت ته ڪنهن کي انڪار ڪونهي پر حڪومت وارن جو چوڻ آهي ته محترمه اهو بيان مڙس کي بچائڻ لاءِ ڏنو آهي. حڪومت وارا ڀلي پيا چون ٿي سگهي ٿو ته هو ان چوڻ ۾ حق بجانب هجن پر محترمه جي اها ٿيوري اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي سياسي مارڪيٽ ۾ بحث هيٺ آهي. جنرل حميد گل، قاضي حسين احمد، اصغر خان، افتخار گيلاني سڀ مختلف مڪتب فڪر جا هوندي به لڳ ڀڳ ساڳئي ڳالهه پيا چون. جيتوڻيڪ في الحال اهو فارمولو وقتائتو نٿو لڳي. پر ان ڳالهه کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته ان کي وقت کان اڳ ميچوئر نه ڪيو ويندو.
اڄڪلهه احتساب ۽ ڪرپشن جي حوالي سان روز ٽي وي تي ڪا نه ڪا فلم هلي پئي جن خلاف فلمون هلن ٿيون، انهن جي ڪن تي جونءَ به ڪو نه پئي چري، ٽيڪ لڳايو ويٺا آهن. چون ٿا ته ”ٿوري گهڻي جي پاڻ کي پرواهه ناهي. باقي رت ڪڍڻ جو وڏيري جو حڪم ناهي.“ سيف الرحمان ۽ سندس 28 ملازم اڄڪلهه صرف اپوزيشن جي ڪرپشن تي فوڪس ڪن پيا. جيتوڻيڪ هنن وٽ نوابزاده نصرالله ۽ چٺا اينڊ ڪمپني خلاف به ريفرنس پيا آهن ۽ خود مسلم ليگين خلاف به ريفرنس آهن پر انهن جو وارو ڪڏهن ايندو؟ ان جو ڪافي ماڻهن کي انتظار آهي. مسلم ليگ جي حڪومت کي اڃا 130 ڏينهن مس ٿيا آهن ته هنن جي سابق دور جي ستايل ميمبرن به وارا وڄائڻ شروع ڪري ڏنا آهن. ٻيا ته هيراڪ همراهه خبر ناهي ڇا ڪندا هوندا پر ملتان جي ليگي ايم اين اي طاهر رشيد جهڙو شريف ماڻهو به گهٽ ڪو نه ٿو ڪري. هن جا اوٻاوڙو ۾ گدام آهن. اهي هن سنڌ جي خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ رکڻ لاءِ ڪرائي تي ڏنا هئا. نواز دور جو اهو معاهدو پ پ حڪومت ختم ڪيو هو ۽ چيو ته طاهر رشيد جا گدام محفوظ ناهن، ڀتيون ڀڳل، ڇت برسات ۾ ٽمندي آهي، تنهن ڪري هتي ڪڻڪ رکڻ فضول آهي. انهن گدامن بابت تازو هڪ هفتو اڳ سنڌ جي خوراڪ کاتي کان هن معاوضي طور 28 لک رپيا ورتا آهن. اورڊرافٽ تي هلندڙ مالي بحران جي ور چڙهيل حڪومت خبر ناهي ڪهڙي ڌونئس ۽ دڙڪي ۾ اچي پئسا ڏئي ڇڏيا آهن. اهو مسئلو ٻڌو آهي ته اپوزيشن وارا قومي اسيمبلي ۾ به کڻڻ وارا آهن ۽ تر جي ايم اين اي خالد خان لنڊ جي معرفت گدامن جا فوٽو به ورتا ويا آهن. طاهر رشيد جي گدامن جي خستا حالت بابت تر جا ماڻهو چڱي ريت ڄاڻيندا هوندا. تن جي معاوضي لاءِ ورتل 28 لک ڪرپشن ۽ احتساب جي نئين قانون جي زمري ۾ شايد نٿا اچن.!
24 جون تي گادي واري شهر ۾ چوڌري شجاعت جي صدارت ۾ ڪراچي مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ خصوصي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم وارن سان اعجاز شفيع جي تمام وڏي جهڙپ ٿي هئي ۽ معاملو دڙڪن ۽ ڌمڪين تائين پهتو. اڳ ۾ صرف اخباري بيان جاري ڪرڻ تي اعجاز شفيع جي گهر فون ايندا هئا ۽ سندس ٻارن کي چيو ويندو هو ته اوهان يتيم ٿيڻ کان بچڻ چاهيو ٿا ته پيءُ کي چئو زبان بند رکي. هاڻي خبر ناهي ته ڇا ايندس؟ ڊائمنڊ فوم ڪمپني جو مالڪ اعجاز شفيع پنهنجي اهڙي ئي صاف گوئي جي ڪري ڪراچي مان ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي مخالفت جي باوجود، نصيرالله بابر ۽ عمران خان کي شڪست ڏئي ٻيو دفعو ايم اين اي چونڊجي چڪو آهي. هن کي خبر به آهي ته تڪ جي ووٽرن سان محبت، سندن مسئلا حل ڪرائڻ واري جنون ۽ ضمير جي آواز تي لبيڪ چوڻ جي ڏوهه ۾ ڪراچي ۾ ليگ جو هارايل ايم پي اي قاري محمد علي قتل ٿي چڪو آهي پوءِ به هو حق سچ تي اٽڪيو بيٺو آهي، الله سڻائي ڪندس باقي پوين جو آسرو مڙئي گهٽ اٿس.
اڄڪلهه قانون سازي جي حوالي سان خالد انور وري مصروف آهي. 28 جون تائين بجيٽ پاس ٿيڻ کان پوءِ حڪومت پارليامينٽرين جي وفاداريون بدلائڻ واري قانون ۾ به ترميم ڪندي، نئون قانون پاس ڪرائڻ جو رٿيو آهي. جنهن موجب وفاداريون مٽائيندڙ ميمبر لازمي طور نااهل قرار ڏنو ويندو. ان کانسواءِ آمريڪي اينٽي ڊرگ ايجنسين جي ماهرن جي سفارش بلڪه هدايتن جي روشني ۾ نئون اينٽي اسمگلنگ فورس ٺاهڻ ۽ قانونن ۾ وسيع پئماني تي ترميم جو به ڪم هلي پيو. ڪشنچند پارواڻي جيڪو اقليتي ايم اين اي آهي، اهو به هڪ آئيني ترميمي بل تيار ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ آئين ۾ ترميم ڪرڻ، اقليتن جو ڌار چونڊ نظام ختم ڪري گڏيل چونڊ نظام متعارف ڪرائڻ وارو معاملو شامل آهي. هو قومي اسيمبلي جي اقليتي برادري وارن ميمبرن سان به ڳالهائي پيو ۽ اهو بل چند هفتن ۾ مسلم ليگ جي پارلياماني پارٽي ۾ پيش ڪندو. هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن کيس اتي موٽ نه ملي ته هو سڌو سنئون قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندو. ان ترميمي بل پاس ڪرائڻ ۾ اپوزيشن ۽ اي اين پي وارا ته غير مشروط حمايت لاءِ تيار اٿس، پر ٻين جي نيت جي خبر خدا کي، جيڪڏهن ايئن بل پاس ٿي وڃي ٿو ته حڪومت جي يقينن 58 (2) بي ختم ڪرڻ وانگر واهه واهه ٿيندي. ترميمن جي سلسلي ۾ احتساب بل ۾ ترميم ٿيندي ۽ احتساب شروع ڪرڻ واري مدت 1990ع بجاءِ 1985ع ڪئي ويندي ڇو ته ان تي اپوزيشن کان سواءِ اي اين پي جو به زور آهي. اڳ ۾ ته ايم ڪيو ايم وارن به ڳالهه ڪئي هئي پر اڄڪلهه واري حڪومتي رويي سبب هو هاڻي ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌندا. حڪومت نه صرف اپوزيشن ۽ پنهنجي حامي جماعتن جي دٻاءُ سبب احتساب جي شروعات واري مدت 1985ع ڪرڻ لاءِ راضي ٿيندي. ڪاميٽي ٺاهي آهي پر صدر لغاري به سفارش ڪئي آهي ته احتساب ايڪٽ ۾ ترميم ڪيو. نه صرف مدت پر احتساب سيل جي اختيار به احتساب ڪمشنر جي ڀيٽ ۾ گهٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ هاڻي مڙئي هوا جو رخ ڏسي صدر صاحب به ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي پر جيڪڏهن هو چاهي ها ته پارليامينٽ جي پاس ڪيل بل تي صحيح نه ڪري ها ۽ واپس موڪلي ها. چلو ٺيڪ آهي وري به ڳالهه سمجهه ۾ ته آيس.
تازو قاضي حسين احمد راولپنڊيءَ ۾ اعلان ڪيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان هو حڪومت خلاف تحريڪ هلائيندو ۽ اسلامي انقلاب آڻڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪندو. سيپٽمبر واقعي هن حڪومت لاءِ ڳرو ثابت ٿيندو، ڇو ته اي اين پي سان جيڪو پاور شيئرنگ بابت حڪومت جو معاهدو آهي، ان جي مدت آگسٽ ۾ ختم ٿي ويندي. ان ۾ ڪيل واعدن تي عمل نه ٿيڻ سان هو حڪومت خلاف جارحاڻو رويو اختيار ڪندا. ايم ڪيو ايم وارا به ڪناري تي بيٺا آهن. پتو ئي نه ٿو پوي ته ڪنهن مهل ٿا هو ٽپو ڏين. سياسي مبصرن جو خيال آهي ته اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم وارا گڏجي حڪومتي صفن ۾ ويهي حڪومت لاءِ مونجهارا پيدا ڪندا ۽ تقريبن معاملن تي اختلاف ڪندا رهندا. جنهن سان خود مسلم ليگ جا ماڻهو به هنن جي راءِ جي حمايت ڪندا رهندا. اندرين فورم تي حڪومت لاءِ اهي ٻئي ڌريون ڏچو پيدا ڪنديون. ٻاهرين فرنٽ تي قاضي، بي بي ۽ ٻيا وس آهر پيا هل مچائيندا جنهن جا يقينن حڪومت تي منفي اثر پوندا.
(27 جون 1997ع)