تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

اي آر ڊي جو مستقبل ۽ هڪ ٻي ڊيل جا امڪان

اي آر ڊي جو مستقبل ۽ هڪ ٻي ڊيل جا امڪان

مشرف حڪومت هٽائڻ ۽ جمهوريت بحال ڪرڻ واري هڪ نقطي تي جدوجهد ڪرڻ لاءِ ملڪ جي سمورين وڏين پارٽين پاران ٺاهيل ملڪي تاريخ جي مبينه وڏي ۾ وڏي اتحاد ”الائنس فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي“ (اي آر ڊي) کي 15 ڏينهن به پورا نه ٿيا ته نواز شريف کي خفيه ڊيل ذريعي پرڏيهه موڪلي اي آر ڊي کي پنڪچر ڪيو ويو. ايتري ترت جوابي حڪومتي ڪارروائي مان سندس اتحاد بابت پريشاني جو اندازو لڳائڻ گهڻو مشڪل ناهي. جيتوڻيڪ اڃا ”اي آر ڊي “ اهو ڌڪ ئي ڪو نه پچايو آهي ته ٻيو وار ڪرڻ جي تياري به مڪمل ٿي وئي آهي. عيد کان پوءِ عوامي تحريڪ جي خوشفهيمت رکڻ وارن لاءِ شايد اها خبر پريشاني جو سبب بڻجي ته ليگي بابن سرتاج ۽ سومرو، وسيم سجاد ۽ گوهر ايوب ڪالهه شجاعت سان ملاقات ۾ اتفاق ڪيو آهي ته هو اي آر ڊي کان عليحدگي لاءِ جاويد هاشمي تي دٻاءُ وجهندا. نواز شريف پاران ملڪ ڇڏڻ کي بينظير ڀٽو پاران دوکو قرار ڏيڻ ۽ روزانو پ پ وارن پاران نواز کي چور قرار ڏيڻ وارن بيانن جو مسلم ليگي اڳواڻن سخت نوٽيس ورتو آهي. راجا ظفرالحق ۽ جاويد هاشمي جو چوڻ آهي ته هو ”اي آر ڊي“ جي ايندڙ اجلاس ۾ پ پ خلاف احتجاج ڪندا ۽ کين نوٽيس به ڏنو ويندو ته هو هڪٻئي خلاف نه ڳالهائڻ واري معاهدي جي پاسداري ڪن. جڏهن ته ساڳئي وقت پيپلزپارٽي وارن سوچيو آهي ته ايندڙ اجلاس ۾ هو مسلم ليگ کان دوکو ڪرڻ جي وضاحت پڇندا. مليل اطلاعن موجب هن وقت پ پ وارا مسلم ليگ کي اي آر ڊي مان خارج ڪرڻ ۽ مسلم ليگ وارا عليحده ٿيڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچي رهيا آهن. پ پ وارن کي خدشو اهو آهي ته ڪٿي اڳ ۾ وري ليگ وارا نه وارو ڪري وڃن. بهرحال مسئلو اهو ناهي پر ڳالهه اها آهي ته پ پ ۽ مسلم ليگ جنهن کي پاڳارو باهه ۽ پاڻي جو ميلاپ ٿو سڏي، اها ڪا غلط راءِ ناهي انهن ٻنهي ملڪ جي وڏين جماعتن جي گڏجڻ کي اڄ 17 ڏينهن پورا مس ٿيا آهن ته هڪٻئي خلاف نان اسٽاپ بيان بازيون شروع ٿي ويون آهن ۽ بدگمانيون به اخراج ۽ عليحدگي واري حد تائين پهچي چڪيون آهن .اهڙي صورتحال سبب ته شڪ پيو ٿئي ته شايد عيد کان اڳ ئي ڪٿي معاملو خلع يا طلاق تائين نه پهچي وڃي. اي آر ڊي ٺهڻ سان ملڪ ۾ نئين سياسي ڪلچر پيدا ٿيڻ جون اميدون ته خير موجوده صورتحال سبب ئي پڄاڻي تي پهچي رهيون آهن پر ملڪ، جمهوريت ۽ نظام جي ڀلائي سوچيندڙن کي ان معاملي بابت سوچڻ ضرور گهرجي ته آخر اهي ڪهڙا هٿ آهن، ڪهڙي طاقت آهي، جيڪا ملڪ جو ڪرپٽ ۽ ڄنڊا پٽ وارو ڪلچر تبديل ٿيڻ نٿي ڏئي؟
نواز ڊيل جي حوالي سان هيستائين ڪافي ڪجهه اخبارن ۾ اچي چڪو آهي پر حڪومت ۾ ويٺل اهم ماڻهن کي به اڃا شايد علم ناهي. زرداري کي توبهه جي شرط تي معافي ڏيڻ جا اعلان ڪندڙ معين حيدر کي جڏهن پرڏيهه مان 9 ۽ 10 ڊسمبر تي فون پئي آيا ته هو يقين ئي نه پيو ڪري ته ڪو حڪومت نواز شريف کي ڇڏي رهي آهي، ملڪ جي پوليس ۽ پئراملٽري فورسز جي سربراهه کي مجبور ٿي 10 ڊسمبر تي چيف ايگزيڪيوٽو جي پرنسپل سيڪريٽري طارق عزيز کي فون ڪرڻي پئجي وئي ته ”صورتحال ٻڌايو ته ڇا پيو ٿئي.“ سندس اهڙي ڄاڻ واري عالم بعد ته اهو واضح ٿي ويو آهي ته موجوده حڪومت ۾ شامل وفاقي وزير هجي يا رٽائرڊ جرنيل، پوليس ۽ پئراملٽري فورسز جو سربراهه هجي يا پريس، ڊيل ڪندڙ سويلين ۽ نان سويلين حاضر سروس سينيئر ترين آفيسرن کي به ڪا خبر ناهي ته ٿئي ڇا پيو؟ 10 ڊسمبر تي شام 5 وڳي تائين راشد قريشي کي به خبر نه هئي ۽ هو چيف سان ملاقات لاءِ وقت گهري رهيو هو، حڪومت جي ٻنهي طاقتور سمجهيو ويندڙ عهديدارن جي حڪومتي معاملن بابت باخبر هئڻ جو اندازو لڳائڻ لاءِ هڪ ٻيو مثال هي آهي ته 11 ڊسمبر تي معين حيدر اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ته معطل اسيمبلين جي بحالي واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. حڪومت وٽ ان سميت ٻيا به آپشن آهن. ساڳئي ڏينهن ميجر جنرل راشد قريشي چيو ته اسيمبلين جي بحالي جو ڪو امڪان ناهي حڪومت اهو آپشن ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جنهن حڪومت جا اهم ماڻهو لاعلمي ۽ غيريقيني واري ڪيفيت جو شڪار هجن ته اتي عوام جو ڪهڙو حال هوندو!
بقول ڪجهه پ پ وارن جي ته آصف زرداري ڪالهه تائين پارٽي لاءِ وڏو خطرو بڻيل هو ۽ ڪجهه ماڻهو ته اهو به چون پيا ته آصف زرداري مان جيڪڏهن اڄ بي بي هٿ ڪڍي ته پارٽي آسمان تي پهچي ويندي، بي بي لاءِ مشڪلاتون ختم ٿي وينديون پر اهڙيون خواهشون رکندڙ پارٽي وارن توڙي گهڻ گهرن صحافين سڀني جي راءِ کي بينظير ڀٽو Over rule ڪندي رهي. اڄ اهڙو وقت آيو آهي ته اهي ساڳيا ماڻهو چون ٿا ته هاڻي سڄي پارٽي جي عزت آصف زرداري جي هٿن ۾ آهي جيڪڏهن ڊيل جي نتيجي ۾ هن آزادي ماڻي ۽ پرڏيهه هليو ويو ته سڄي پارٽي تباهه ٿي ويندي، تنهن ڪري آصف زرداري کي وڌيڪ قرباني ڏيڻ گهرجي ۽ پارٽي جي ساک بچائڻ گهرجي. چوندا آهن ته وقت وڏو منصف آهي. ڪالهه تائين پارٽي جي سڀني ڪمزورين ڪوتاهين جا الزام آصف تي هڻي ان کي ذميوار قرار ڏنو ويو پر اڄ اهو ساڳيو شخص انهن ماڻهن جي عزت جو محافظ بڻجي ويو آهي. زرداري جو مون کي چيل اهو جملو اڄ تائين نه وسريو آهي، جيڪو مون ڪافي دفعا هنن ڪالمن ۾ ورجايو به آهي. جڏهن مرتضيٰ جو قتل ٿيو هو ته هن آڪٽوبر 96ع جي پهرين هفتي ۾ وزيراعظم هائوس ۾ سنڌي اخباري مالڪن، ايڊيٽرن (ڪاوش کان سواءِ) ۽ ورڪنگ جرنلٽس (جن ۾ سهيل سانگي، غلام حيدر کوکر ۽ مان شامل هئاسين) سان ڳالهائيندي چيو هو ته ”جيل اسان لاءِ نئون ناهي، منهنجي قسمت ئي اهڙي آهي جو يا محل ۾ يا جيل ۾، وچ واري جاءِ پاڻ ڏٺي ئي ناهي.“ ان مهل مرتضيٰ جي قتل جي حوالي سان هن جي موقف سان ڪيل اختلاف راءِ تي اڄ به قائم آهيون. خير اهو ڌار مسئلو آهي، اسان ڳالهه پئي ڪئي زرداري جي ڪالهوڪي ۽ اڄوڪي حيثيت جي ته وقت ڪيئن ڦيرو کاڌو آهي! وقت ثابت ڪيو ته بينظير ڀٽو ايڏن دٻائن جي باوجود به عزم تي پختي رهي ۽ ڪالهه ساڻس دل ئي دل ۾ اختلاف ڪندڙ اڄ سندس ڏاهپ ۽ فهم جا ڪلما پيا پڙهن.
اڄ جيڪڏهن زرداري رڳو ڏنڊ به ادا نه ڪري صرف آزاد ڪرڻ جي سادي هڪ درخواست ڪري ته حڪومت پنهنجي خرچ تي هن کي دبئي ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ تيار آهي پر زرداري ڊيل جي نتيجي ۾ آزاد نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ جيل ۾ رهڻ ۾ ئي هن عافيت سمجهي آهي. ظاهر آهي ته حڪومت جي اها خواهش هوندي ته حساب برابر ڪرڻ لاءِ ۽ پنجاب ۽ سنڌ جي ليڊرن ۽ قيدين سان سلوڪ ڪرڻ وارا ٻه قانون هئڻ جو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ زرداري ٻاهر وڃي پر جڏهن زرداري ٻاهر نه وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي ته ڇا اهو ممڪن ناهي ته هاڻي جيل ۾ آصف تي ٻاهر وڃڻ لاءِ دٻاءُ وڌايو ويندو؟ جڏهن ڪلثوم نواز حاڪمن سان ڊيل فائنل ڪري پيڪنگ شروع ڪرائي ته نواز شريف ان وقت تائين ٻاهر وڃڻ کان انڪاري هو، کيس رڳو 5 ڏينهن شيونگ جو سامان نه مليو ۽ رات جو دير تائين جاڳايو ويو ۽ مڇرن کاڌو ته هن کي دل جو مرض به ٿيو ته بلڊ پريشر به ٿيو، اهو تشدد نواز کي 4 ڏينهن ۾ ملڪ ڇڏڻ لاءِ راضي ڪري ويو ته ڇا اهو تشدد سڀاڻي زرداري تي ڪو نه ٿيندو؟ زرداري جو حقيقت ۾ ته اصل امتحان شروع ئي هاڻي ٿيندو.
هن وقت بينظير ڀٽو جي واپسي جا چرچا پيا هلن. هر ڪو دشمن توڙي سڄڻ، مخالف توڙي حامي بينظير کي چوي ٿو ته اوهين جلد وطن اچو قوم کي اوهان جي ضرورت آهي. جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو پاڻ به ان کي درست سمجهي پئي پر پوءِ به جلد بازي نه پئي ڪري. 14 ڊسمبر واري مرڪزي ڪائونسل ۽ فيڊرل ڪائونسل جي گڏيل اجلاس ۾ ان معاملي بابت فيصلو متوقع آهي پر پوءِ به بينظير ڀٽو جلد بازي نه پئي ڪري. پاڪستان جي تاريخ تي نظر وجهبي ته سنڌ سان تعلق رکندڙ ليڊرن جن ۾ لياقت علي خان به هو، ذوالفقار علي ڀٽو به ته محمد خان جوڻيجو به ۽ بينظير ڀٽو به آهي انهن سڀني سان مرڪز پاران ٻٽي معيار وارو رويو رکيو ويو آهي، اڄ به جيڪڏهن پنجاب جي عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ لاهور ۽ لاڙڪاڻي، سنڌ ۽ پنجاب واري فرق کي دل سان ختم ڪرڻ لاءِ عملي اپاءُ نه ورتا ته پوءِ مستقبل جون حالتون اڄوڪين حالتن کان به وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿيون.
(13 ڊسمبر 2000ع)