تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ٿي سگهي ٿو ” ڪنهن به وقت!!“

ٿي سگهي ٿو ” ڪنهن به وقت!!“

گادي واري شهر ۾ اڄڪلهه هڪ نئين ٿيوري مارڪيٽ ۾ اچڻ واري آهي. ڊرائنگ رومز مان نڪري مارڪيٽ تائين پهچڻ ۾ ڪنهن به معاملي کي 4 ڏينهن کان هڪ هفتو لڳي ويندو آهي. نئين ٿيوري جو تت اهو آهي ته ”ايندڙ 3 مهينن اندر ملڪ ۾ سياسي سيٽ اپ بحال ٿيندو. عبوري نظام ۾ وزيراعظم هوندو ۽ سندس ڪابينا به هوندي. جنرل مشرف سلامتي ڪائونسل جو چيئرمين ٿيندو ۽ اهو عهدو تمام طاقتور بڻايو ويندو. هر فيصلي جي مجاز اها ڪائونسل هوندي. فوج اڪثر ادارن مان واپس هلي ويندي، رڳو مانيٽرنگ وارو ڪردار فوج جو باقي بچندو. مستقبل جي عبوري توڙي مستقل سيٽ اپ جي حوالي سان بينظير ڀٽو سان رابطو به ٿيو آهي ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي حمايت واري آڇ تي هن کي آئيڊيل آفر ٿي آهي!!“ جيتوڻيڪ چون ٿا ته ڪالاباغ ڊيم جي حمايت لاءِ ”قومي اخبارن“ لاءِ لکندڙ وڏن ليکڪن جي خدمت حاصل ڪئي وئي آهي پر هيستائين حامد مير ۽ نصرت جاويد سينيئر ڪالم نگار، کانسواءِ ڪو به ڪالاباغ ڊيم بابت حقيقي موقف اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
آرمي ۾ چيف آف جنرل اسٽاف جو عهدو به ايترو ئي اهم سمجهيو ويندو آهي جيترو آرمي چيف جو، اڄڪلهه ليفٽيننٽ جنرل عزيز ان عهدي تي آهي. سندس بيج نيم ته تمام ننڍڙو يعني ”عزيز“ آهي پر هو پنج ئي وقت نماز جو پابند ۽ تهجد گذار به آهي. رٽائرمينٽ بعد جن به فوجي جنرلز ڪتاب لکيا آهن. انهن سڀني ۾ ٻه ٽي جملا هڪ جهڙا آهن.، ”چيف آف جنرل اسٽاف جي طاقتور حيثيت، ڪجهه معاملن تي ان جو آرمي چيف سان مختلف موقف رکڻ، سياست ۾ فوج جي مداخلت جي نفي ڪرڻ“ وغيره شامل آهن. جنرل (ر) شير علي پٽودي پنهنجي ڪتاب “Soldiering and politics in Pakistan” ۾ فوج جي سياست ۾ مداخلت جي سختي سان مخالفت ڪئي آهي. جنرل (ر) شير علي پٽودي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته هو ڪشمير جي آزادي جو حامي هو. فوج ۾ بنگالين سميت سنڌين جي شموليت جو به حامي هو. 1948ع ۾ جڏهن هو برگيڊيئر هو ۽ ڄمون تي قبضي لاءِ 30 هزار فوج سان گڏ چڙهائي ڪئي وئي ته ان دور جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته لياقت علي خان (وزيراعظم) هن کي روڪيو هو. جڏهن هو ايل او سي جي دوري تي ويو هو ته ان وقت هن لياقت علي خان کي چيو ته بنگالين کي نظرانداز نه ڪريو، فوج ۾ کين شامل ڪريو. بعد ۾ لياقت علي خان کان پوءِ اهو مسئلو ايئن ئي رهيو. برگيڊيئر پٽودي ميجر جنرل ٿي ويو ۽ آخرڪار چيف آف جنرل اسٽاف ٿي ويو. ان وقت ايوب خان آرمي چيف هو ۽ سهروردي وزيراعظم هو. فوج ۾ پٺاڻن جي وڌيڪ ڀرتي به ان عرصي ۾ ٿي. پارليامينٽ ٺهراءُ پاس ڪيو ته بنگالين کي به فوج ۾ شامل ڪريو. ايوب خان ان وقت آرمي ايجوڪيشن ڪور ختم ڪري عام رواجي امتحانن ذريعي پٺاڻن کي فوج ۾ آفيسر مقرر ڪيو، جنهن جي جنرل پٽودي مخالفت ڪئي. ايوب خان جيڪو ان وقت دفاع وارو وزير به هو، تنهن اقتدار تي قبضي جو پلان ٺاهيو ته جنرل پٽودي ساڻس اختلاف ڪيو ۽ استعيفا ڏئي سهروردي سان مليو ۽ کيس ٻڌايو ته ايوب خان توکي هٽائي مارشل لا لڳائڻ چاهي ٿو. سهروردي هن کي ملائيشيا ۾ سفير طور موڪليو ۽ ايوب خان کان پڇيو ته تون هي ڇا ٿو ڪرين؟ ايوب خان قسم کڻي انڪار ڪيو پر ڪجهه ئي ڏينهن بعد هن اهو ئي ڪيو جيڪو پٽودي سهروردي کي ٻڌايو هو. پٽودي دهلي جو هو. نواب خاندان سان سندس تعلق گڏيل هندستان دوران به هو. اڄڪلهه جيڪو ڀارتي فلمن جو هيرو سيف علي خان آهي اهو به پٽودي آهي ۽ جنرل پٽودي جو ڀائٽيو آهي. پٽودي به نمازي، پرهيزگار ۽ تهجد گذار هو. ان وقت فوجي ميس ۾ شراب جي بار هوندي هئي. يحيٰ خان ان زماني ۾ برگيڊيئر هو، جنهن کي شراب پيئڻ تي پٽودي دڙڪا ڏنا هئا. ايوب خان بعد يحيٰ خان اقتدار سنڀاليو ته بنگال جي عليحدگي واري تحريڪ عروج تي هئي ۽ هن جنرل پٽودي کي اطلاعات جو وزير بڻايو ۽ بنگال موڪليو ته هو تحريڪ کي ٿڌو ڪري پر پٽودي کيس چيو ته بنگالين کي فوج ۾ شامل ڪرڻ ۽ هڪ وڏي صوبي جي حق تلفي ڪرڻ جي مون نشاندهي 48ع ۾ ڪئي هئي. ان وقت جيڪڏهن ازالو ٿئي ها ته اڄ بنگال عليحده نه ٿئي ها. هن وقت بنگالين جو پوئتي هٽڻ مشڪل آهي. ان جي باوجود به هو ڍاڪا ويو ۽ بنگالي اڳواڻن سندس احترام ڪيو پر ڳالهه ڪو نه مڃي. خير اها ته ماضي جي تاريخ آهي. بهرحال جنرل پٽودي جو اهو ڪتاب فوج ۾ ڏاڍو مشهور آهي ۽ خاص ڪري اهو ڪتاب هر چيف آف آرمي اسٽاف جو محبوب ڪتاب رهيو آهي.
اڄڪلهه جنرل عزيز جيڪو پڻ پٽودي جيان ڪشمير ۾ رهيو آهي. اهو سنڌين ۽ بلوچن کي فوج ۾ وڌ کان وڌ شامل ڪرڻ جو حامي آهي. پير پاڳاري تازو هڪ اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ جيڪي حقيقتون ٻڌايون آهن انهن ۾ هڪ ڳالهه اها به آهي ته پاڪستان جي فوج جي وڏي اڪثريت پنجاب جي ساڍن ٽن ضلعن جي آهي. پنجاهه سالن کان پوءِ اهڙيون حقيقتون بيان ڪرڻ واري پاڳاري جي انداز تي هتي جي پاور سرڪل ۾ اهو رايو ڏنو پيو وڃي ته پير پاڳاري جو اسٽيبلشمينٽ سان غير اعلانيه طور اڻڄاتل مدت تائين نشرياتي رابطو منقطع ٿي ويو آهي. خير سبب ڪهڙو به هجي پر پير صاحب جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ فائديمند آهي.
چيو وڃي ٿو ته فوج جي وسيع تر بطور اداري جي مفاد خاطر سينيئر سطح تي اها راءِ مستند بڻجي چڪي آهي ته فوج کي سياست ۾ مداخلت کان پري رکڻ گهرجي. گهڻو وقت سويلين معاملن ۾ رهڻ بعد فوج تي به ڪرپشن جو الزام لڳي سگهي ٿو. (اها ڳالهه جنرل پٽودي هينئن لکي آهي ته فوج کي عوامي مسئلا اڪلائڻ جو موقعو مليو ۽ مالي معاملا سندس هٿ ۾ آيا ته اها به ڪرپٽ ٿي ويندي، فوج بچيل ان ڪري آهي جو ان کي موقعو نه مليو آهي) تنهن ڪري سيڪيورٽي ڪائونسل ٺاهي وڃي. جنهن جو سربراهه جنرل مشرف ٿئي ۽ پي سي او ۾ ترميم ڪئي وڃي جيئن سيڪيورٽي ڪائونسل جو چيئرمين بااختيار هجي. ملڪ ۾ عبوري سيٽ اپ قائم ڪيو وڃي ۽ ايماندار سياستدانن کي رکيو وڃي. ڪالاباغ ڊيم سميت مختلف معاملن تي به راءِ ۾ اختلاف آهي. اها سوچ پڻ آهي ته جڏهن پاڻي آهي ئي ڪو نه، موجوده تربيلا ۽ منگلا ڊيم ئي ڪو نه ٿا ڀرجن ته پوءِ ڪالاباغ ڊيم ڪٿان ڀرينداسين؟ اهڙي راءِ رکندڙ وڌيڪ چون ٿا ته پاڻي ڪشمير مان اچي ٿو اڳ ۾ ڪشمير آزاد ڪرايو جيئن پاڻي وڌيڪ اچي پوءِ ڀلي ڊيم ٺاهيو.
هتي اها به چوپچو عام آهي ته بينظير ڀٽو کي وري هڪ دفعو ٻيهر ڪنهن جنرل جو نياپو پرڏيهه ۾ مليو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي آڇ تي اوهان کي اقتدار ۾ آڻي سگهجي ٿو. خبر ناهي ته ان ۾ ڪيتري صداقت آهي، بلڪه پ پ جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو کي اهڙي ڪا آفر ٿي به ته هوءَ ان کي ڪڏهن به قبول نه ڪندي. باقي چوڻ وارا چون پيا ته عبوري سياسي سيٽ اپ جو قيام ۽ فوج جي وڏي حد تائين سڌي طرح سويلين معاملن ۾ مداخلت گهٽائي کين ”بيڪ ٽو بيرڪ“ ڪرڻ واري معاملي تي عملدرآمد لاءِ ايندڙ 4 کان 8 هفتا انتهائي اهم آهن. ڇو ته بارڊر تي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي. بهرحال ان سڄي وايو منڊل ۾ تبديلين جي خوشبو سنگهڻ ۾ مهارت جا دعويدار تبديلي لاءِ وڌ ۾ وڌ 3 مهينن جو ٽائيم فريم ڏيندڙ گهٽ کان گهٽ مدت معلوم ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ چون ٿا ته ”ڪنهن به وقت!!“
(21 جولاءِ 2000ع)