ڪرسين جي ويڙهه يا طوفان سٽيلن لاءِ ”رودالي“؟
ڀارت جي هڪ فلم آهي ”رودالي“ ڊمپل ڪپاڊيا ۽ امجد خان مُک اداڪار اٿس. ان فلم ۾ روڄ ۽ راڙو آهي، جنهن ڳوٺ ۾ ڪو چڱو ماڻهو مرندو آهي ته ان جي مرتئي تي روئڻ لاءِ علائقي جي مشهور روئڻي کي گهرائي پار ڪڍايا ويندا آهن ۽ اهڙي انداز ۾ روڄ راڙو ڪرايو ويندو آهي جو هر مرندڙ جي پونئرن جي ڪوشش هوندي آهي ته سندن فوتي جي موت تي وڌ کان وڌ روڄ راڙو ٿئي. ڀارت جي جنهن مخصوص علائقي تي اها فلم ٺاهيل آهي ان قبيلي ۾ پڪيرڙي عمر وارين عورتن جو اهو ڌنڌو آهي ۽ روئڻ ۾ مشهور آهن. جڏهن به فوتگي ٿيندي آهي ته انهن کي معاوضو ڏئي گهرايو ويندو آهي. جهڙي طرح شادين ۾ ڳائڻ جو مقابلو ٿيندو آهي تيئن هن فلم ۾ مرڻ تي روئڻ جو مقابلو ٿيندو آهي. اها فلم ڏسڻ وقت ته ڪو نه وڻي هئي پر اڄ ياد ان ڪري آئي آهي جو صبح جو جمعي ڏينهن تي جڏهن قومي اسيمبلي جي ڪارراوئي ڏٺي ته اها رودالي فلم کان مختلف نه لڳي.
صبح جو جيئن ئي اجلاس شروع ٿيو ته قومي اسيمبلي جي تاريخ ۾ پهريون دفعو سرڪاري ڌر جا ميمبر 9 وڳي کان ئي پنهنجي سيٽن تي اچي ويهي رهيا هئا. اپوزيشن وارا جيئن آيا ته هو به سرڪاري ڌر جي سيٽن تي ويٺا، ڇو ته هنن جو مطالبو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ 85ع کان وٺي اپوزيشن کي جيڪي سيٽون ملنديون هيون اهي ئي ملڻ گهرجن. شروع ۾ ته پ پ وارا رڳو 17 ايم اين ايز هوندا هئا تنهنڪري کين ڪنڊ ۾ آزاد ميمبرن جي سيٽن تي ويهاريو ويندو هو. هاڻي جڏهن کان اپوزيشن ۾ اي اين پي، ايم ڪيو ايم، بي اين پي (مينگل)، جي يو آءِ (ف) ۽ جمهوري وطن پارٽي جا ميمبر شامل ٿيا آهن ته سندن تعداد 49 ٿي ويو آهي. آزاد ميمبرن جون سيٽون ٿوريون آهن تنهنڪري اپوزيشن وارن جو گوڙ آهي ته کين اپوزيشن جون اصل سيٽون ڏنيون وڃن. حڪومت وارا اهو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن اپوزيشن جا هن وقت 8 ميمبر سرڪاري ڌر جي بئنچن تي ويهن ٿا. اهو مسئلو ڪافي مهينن کان هلي پيو. الاهي بخش سومرو کين چيو هو ته بعد ۾ اوهان کي سيٽون ڏيندس پر جڏهن سيٽون نه مليون ته اپوزيشن وارن پهرين جون تي سرڪاري ڌر وارن ميمبرن ۽ وزيرن جي سيٽن تي قبضو ڪيو هو. ان بعد بجاءِ مسئلو حل ڪرڻ جي الاهي بخش سومرو اجلاس 3 ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد 2 جون تي جڏهن وزيراعظم سنڌ ۾ طوفان سبب متاثر ٿيل ٺٽي ضلعي جي تعلقي جاتيءَ جي ڳوٺ قاسم ٿيمور جي دوري تي وڃي رهيو هو ته الاهي بخش سومرو ۽ آئون به ساڻس گڏ هئاسين. چڪلالا ايئربيس جي لائونج ۾ اسپيڪر سان حال احوال ٿيو، پڇيو مانس ته ”سائين اوهان هي ڇا ڪيو؟“ چيائين ”جيڪڏهن اجلاس ملتوي نه ڪريان ها ته سرڪاري ڌر ۽ مخالف ڌر وارا ميمبر ڳنڍجي وڃن ها ۽ هٿئين پوڻ سبب وڏو گند ٿئي ها.“ هن جي ڳالهه ۾ وزن هو. هن چيو ته ٽن ڏينهن جو وقفو آهي مسئلو حل ڪري وٺنداسين. وقفي کان پوءِ ڪالهه جيئن ئي ڪارروائي شروع ٿي ته مسئلو حل ڪرڻ بدران حڪومت وارن پنهنجي ميمبرن کي مقرر وقت 10 وڳي کان ڪلاڪ اڳ گهرائي سيٽون والارڻ لاءِ چيو هو، ان ڪري اپوزيشن وارا جيئن آيا ته هو به سرڪاري ڌر وارن جي سيٽن تي ويهي رهيا. اجلاس جي ڪارروائي هلندي رهي، اپوزيشن وارا سخت گوڙ ڪندي، هون هون، ها ها، نو نو، هي هي، جا آواز ايئن ڪڍي رهيا هئا جيئن رودالي فلم وارو روڄ راڙو هو.
ان دوران آزاد ميمبر خان اصغر خان اٿيو ۽ چيو ته هي اسيمبلي آهي يا چڙيا گهر، ڪهڙو تماشو آهي، جيڪڏهن حڪومت ۽ اپوزيشن رويو تبديل نه ڪيو ته مان هن اسيمبيل ۾ نه ويهندس ۽ استعيفا ڏيندس، ان بعد هو واڪ آئوٽ ڪري هليو ويو. ان سان گڏ قيصر شيخ به هليو ويو. قيصر شيخ به آزاد گروپ جو ميمبر آهي. هن واڪ آئوٽ کان اڳ تقرير ڪندي چيو ته اسان کي سنڌ ۾ آيل طوفان سبب بي گهر ٿيل لکين ماڻهن جي دربدري تي افسوس ڪرڻ ۽ سندن بحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ بابت بحث ڪرڻو هو. نه حڪومت سنجيده آهي نه اپوزيشن، سنڌ جي ستايلن جي مدد لاءِ ڪنهن کي ڏک ناهي. فيصل آباد جي هن ارب پتي سيٺ سنڌ جي ٻوڏ ستايلن لاءِ هڪ لک رپيا امداد جو اعلان به ڪيو .
قومي اسيمبلي جيڪا عوام جي مسئلن حل ڪرڻ وارو ايوان سمجهيو ويندو آهي تنهن ۾ ڪالهه اپوزيشن وارا ڪرسين تي وڙهي رهيا هئا. جيتوڻيڪ اپوزيشن جو موقف درست آهي پر حڪومت وارا کين ان اشو ۾ الجهائي اصل مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ کان روڪڻ واري پاليسي ۾ ڪامياب ويا آهن. تڏهن ئي ڪالهه احسن اقبال چيو ته اڄ ڀارتي فوج ڪشمير ۾ حملا پئي ڪري سنڌ ۾ لکين ماڻهو بي گهر آهن انهن مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ بحث ڪرڻ بدران اپوزيشن وارا ڪرسيون حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ ٿا ڪن. هن چيو ته ڪرسين جي ويڙهه ڇڏيو سنڌ ۾ طوفان سبب ستايلن جي مدد ڪريو. هو ڌڪ ته واهه جو هڻي ويو ۽ اپوزيشن وارن کي لاجواب به ڪري ڇڏيو.
”ڀاري مينڊيٽ“ واري نواز حڪومت ۾ 97ع دوران 199 ميمبر هئا ۽ اپوزيشن ۾ رڳو 18 ميمبر هئا. 18 ميمبرن واري اپوزيشن 2 سالن ۾ وڌي وڌي هاڻي 48 ميمبرن واري اپوزيشن ٿي وئي آهي ۽ آهستي آهستي اڪثريت وارا وڃن ٿا سوڙها ٿيندا. اهو ئي سبب آهي ته حڪمران اپوزيشن کي اصل سيٽون نٿا ڏين. قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ ڪل 240 سيٽون آهن جڏهن ته ميمبر 217 آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڪرسين جون 4 قطارون آهن ۽ اهي چار قطارون اسپيڪر جي سامهون ويڪري رستي سبب ٻن ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. 170 سيٽون هڪ پاسي آهن ۽ 170 سيٽون ٻئي پاسي. هڪ پاسي اپوزيشن ويهندي آهي ٻئي پاسي حڪومتي ڌر. هن وقت اپوزيشن وارن کي صرف آزاد ميمبرن واري قطار ۾ ويهاريو ويو آهي. ان ۾ ڪل 40 سيٽون آهن پر اپوزيشن وارن جو تعداد 48 آهي. هن وقت مجبور ٿي 8 اپوزيشن جا ميمبر سرڪاري ڌر وارن سان گڏ ويهن ٿا. ان صورتحال مطابق ته اپوزيشن وارن کي پنهنجون اصل سيٽون ملڻ گهرجن. پر حڪومت ڇو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي؟ ان جا ٻه ٽي سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ اهو ته حڪومت جي باري ۾ اها راءِ قائم ٿيندي ته حڪومت ڪمزور ٿي وئي آهي، ٻيو ته ايوان جو اڌ حصو اپوزيشن کي ملڻ سان ايوان ۾ گوڙ ڪرڻ ۾ اپوزيشن کي آساني ٿيندي. ٽيون ته وزيرن جي فوج جيڪا پهرين قطار ۾ ويهڻ تي هريل آهي انهن کي پوين سيٽن تي ويهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. 199 ميمبرن جي حمايت واري حڪومت هاڻي رڳو 169 ميمبرن واري بچي آهي.
بهرحال حڪومت هجي يا اپوزيشن ٻنهي ڌرين کي ٻوڏ جي ستايلن جو شايد ئي احساس هجي، ڇو ته ٻوڏ جي تباهين تي بحث بدران هو ڄاڻي واڻي پوائنٽ اسڪور ڪرڻ لاءِ ڪرسين جي معاملي تي اٽڪيا پيا آهن. جيڪڏهن اسپيڪر يا حڪومت اپوزيشن کي في الحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا ته آخر ڪيستائين ۽ گهڻا ڏينهن هو اپوزيشن کي روڪيندا. هاڻي جڏهن اپوزيشن وارن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي ته حڪومت کي ڊڄڻ گهرجي ان ڏينهن کان جڏهن 2 درجن کان وڌيڪ آزاد ميمبر، فاٽا ۽ اقليت وارا به ڪٿي ڌار سيٽن جو مطالبو نه ڪري ويهن. آزاد گروپ وارا به اهڙو مطالبو ڪافي عرصي کان ڪندا رهيا آهن پر هاڻي عنقريب هو به احتجاج ڪري اپوزيشن جي ٻين ڌرين وانگر ڌار سيٽون وٺندا. هو صرف ان انتظار ۾ آهن ته اپوزيشن وارن کي اصل سيٽون ملن ته آزاد ميمبرن واريون سيٽون خالي ٿي وينديون. جيئن خالي ٿينديون ته هو قبضو ڪندا. ان بعد ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي ڪو فارورڊ بلاڪ نه ٺهي پوي. بهرحال حڪومت وارن کي جيڪا ڏکيائي اپوزيشن کي سيٽون ڏيڻ ۾ ٿئي پئي ان جو پس منظر وسيع آهي ۽ يقينن حڪومت کي پنهنجي 3/2 اڪثريت وڌيڪ گهٽجي سادڙي اڪثريت تائين محدود ٿيڻ جو خدشو به آهي.
قومي اسيمبلي ۾ ٻوڏ ستايلن جي واهر ۽ مدد بابت اپوزيشن وارن پهرين جون تي جيڪي تقريرون ڪيون هيون ان مهل سرڪار جا اڪثر ميمبر هليا ويا هئا. هجڻ ته ايئن گهرجي ته اپوزيشن جي سمورين جماعتن کي ڪرسين لاءِ ويڙهه ڪرڻ سان گڏ عملي طور ٺٽي ۽ بدين واسين جي امداد لاءِ اهڙو ڪم به ڪرڻ گهرجي جيئن سندن ڪجهه ڀلو ٿئي. سنڌ اسيمبلي جي ايم پي ايز وانگر جيڪڏهن اڄ قومي اسيمبلي جا اپوزيشن وارا ميمبر رڳو هڪ مهيني جي پگهار ٻوڏ فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪن ته حڪومتي ڌر جي 169 پارليامينٽرين جي پگهار به ويندي. ان سان نه صرف اپوزيشن جو اخلاقي ۽ سياسي طور پوائنٽ اسڪور ٿيندو پر ٻوڏ ستايلن جي مدد به ٿيندي. اپوزيشن اڪثريت سنڌ وارن جي آهي، 18 پ پ ۽ 12 ايم ڪيو ايم جا ميمبر جيڪڏهن پگهارون ڏيندا ته شايد ٻيو ڪو به اهڙو نه هوندو جيڪو پگهار نه ڏئي. ٻيا نه ڪن ته ٻه ٻوڏ ستايل علائقن جي ميمبرن بابر غلام حسين، شفقت شاهه شيرازي ۽ فهميده مرزا کي پنهنجون پگهارون ڏيڻ گهرجن.
اپوزيشن جي سيٽن وارو مسئلو ته خير اڃا حل نه ٿيو آهي ۽ هاڻي سومر تي وري اجلاس شام جو ٿيندو. ان اجلاس کان اڳ به جيڪڏهن هي مسئلو حل نه ٿيو ته اپوزيشن وارن فيصلو ڪيو آهي ته هو سومر تي 3 وڳي منجهند جو اچي سيٽن تي قبضو ڪندا ۽ حڪومت به پنهنجي ميمبرن کي سوير وٺي ايندي. جيڪڏهن ڇڪتاڻ برقرار رهي ته سومر تي ميمبر هڪٻئي سان ٻه پاڻي ڪندا.
(5 جون 1999ع)