هر ڌر “قومي مفادن” ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي!
چونڊن کي 16 ڏينهن گذري چڪا آهن، اڃا تائين ڪا به ڌر حڪومت لاءِ اڪثريت ثابت نه ڪري سگهي آهي نه ئي ڌرين ۾ اتفاق ٿيو آهي. حڪومت سازي جي 3 مک کيڏارين پ پ، مسلم ليگ (ق) ۽ متحده مجلس عمل وارا پنهنجي پنهنجي ڌر پاران نامزد ڪيل وزيراعظمن واري ضد تان هي سٽون لکڻ تائين هٽيا ناهن، پر ٽنهي ڌرين سڀاڻي سومر تائين حتمي فيصلو ڪرڻ لاءِ اعلان ڪيو آهي. نوابزادو نصرالله جيڪو ناراض ٿي لاهور ۾ ويٺو هو، تنهن کي پ پ تي ڪاوڙ هئي ته هي اي آر ڊي جي اجلاس ۾ جڏهن طئي ڪري ويا ته هو مسلم ليگ (ق) ۽ قومي اتحاد وارن سان نه ڳالهائيندا پر ان هوندي به پ پ وارن جا انهن سان رابطا جاري هئا. پ پ جي اهڙي ڊبل گيم سبب نوابزادو ناراض هو. جنهن کي بينظير ڀٽو جي هدايت تي مخدوم امين فهيم ۽ رضا رباني پرچائي اسلام آباد وٺي آيا. نوابزادو نصرالله جيڪو پاڪستاني سياسي تاريخ ۾ اپوزيشن جي علامت رهيو آهي. تنهن اسلام آباد پهچندي ئي ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. 25 ۽ 26 آڪٽوبر جي وچ واري رات مولانا شاهه احمد نوراني رات جي پيٽ ۾ نوابزاده سان ملاقات لاءِ آيو ۽ هنن گڏجي حڪومت سازيءَ بابت ڳالهيون ڪيون پر نوابزاده کين چيو ته هو مسلم ليگ (ق) بدران پ پ سان گڏجي حڪومت ٺاهين. مولانا نوراني جيڪو پڻ پ پ تي ناراض هو، تنهن جو موقف هو ته پ پ وارا هڪ ڏينهن هڪ ڳالهه ڪن ٿا ٻئي ڏينهن ٻي ۽ پردي جي پويان وري ٽين ڳالهه ڪن ٿا. ناراض نورانيءَ کي ٿڌي مزاج وارو نوابزادو نيٺ ٿڌو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ نوراني کيس چيو آهي ته هو آچر تي (اڄ) کين جواب ڏيندو.
اڄ مولانا نوراني پنهنجي ساٿين سان مشورو ڪندو. جنهن بعد هو شام جو يا رات جو نوابزادي سان ملي کيس پ پ سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ بابت حتمي جواب ڏيندو. متحده مجلس عمل وارن جو چوڻ آهي ته حڪومت جو مٿن دٻاءُ آهي ته هو مسلم ليگ (ق) سان گڏجي حڪومت ٺاهين. متحده مجلس عمل جي هڪ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽيءَ جا هن وقت حڪومت سازي يا جمهوريت جي بحاليءَ کان وڌيڪ اهم مقصد به آهن. انهن ۾ هڪ ته بينظير ڀٽو جي وطن واپسي ۽ کيس عدالتن مان رليف، ٻيو مسئلو 6 سالن کان قيد آصف زرداريءَ جي آزادي آهي. متحده مجلس عمل موجب انهن مسئلن جي حل لاءِ پ پ وارا ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن متحده مجلس عمل ۽ پ پ وارا گڏجي نوابزادي معرفت حڪومت ٺاهڻ لاءِ راضي به ٿي وڃن ته ان صورت ۾ جيڪڏهن جنرل مشرف جي حڪومت پ پ وارن کي قائد ليگ سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ چوي ۽ سندن ”قومي مسئلا“ حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ته پ پ وارا دير ئي ڪو نه ڪندا ۽ نتيجي ۾ نوابزادو ۽ متحده مجلس عمل وارا پاڻ ۾ پيا پٽيندا. نوابزادي کي ان جو ماضي ۾ به تجربو آهي. جڏهن هو شام جو تحريڪ هلائڻ لاءِ اعلان ڪري پيو ته صبح جو اخبار ۾ غلام اسحاق خان ۽ پ پ ۾ ٺاهه جي خبر پڙهي مٿو چڪرائجي ويو هئس. ماضيءَ جي ان تجربي کانسواءِ تازو تجربو گذريل هفتي جو اٿس. نوراني ۽ نصرالله پ پ جي انهن پلٽن تي وڏو غور ويچار ڪيو آهي. پ پ جي مسلم ليگ (ق) سان رابطن جو جيتوڻيڪ مخدوم ڪالهه نوابزادي کي انڪار ڪيو ۽ چيو ته هاڻي هو ساڻن نه ملندو پر ان تي اڃا کين شايد پڪ ناهي. مخدوم امين فهيم ۽ چوڌري شجاعت جي ملاقات واري خبر ٻڌي غلام مصطفيٰ ڪورائي ۽ علي گل ڪيريو ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو ته ”ظهور الاهي جنهن ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو لکڻ وارو قلم لک رپئي ۾ خريد ڪيو هو. تنهن سان ڀٽو جي محبت ۾ حساب چڪتو ڪرڻ لاءِ زندگي داءُ تي لڳائيندڙ لالا اسد جي روح کي ڪيڏي آٿت ملي هوندي.“
ڪالهه نوابزده نصرالله سان ملاقات ۾ اهو طئي ٿيو ته پ پ ، مسلم ليگ (ن) ۽ متحده مجلس عمل گڏجي حڪومت ٺاهين ۽ مسلم ليگ (ق) کي حڪومت ٺاهڻ نه ڏني وڃي. ان ڏس ۾ امين فهيم کي اهو ٽاسڪ مليو ته هو متحده قومي موومينٽ سان ڪراچيءَ ۾ ڳالهائي. اڄ آچر تي نوابزاده کي جواب ڏيندو ته هنن ڇا ڪيو. امين فهيم رات ڪراچيءَ ۾ انهن سان ملاقات ڪري معاملا طئي ڪندو. جڏهن ته فوٽو سيشن لاءِ اڄ آچر تي صبح جو نائن زيرو مان ٿي ايم ڪيو ايم سان ملاقات ڪري موٽي ايندو. پ پ وارن جو چوڻ آهي ته مخدوم جون هيستائين جيڪي به سرڪار سان ملاقاتون ٿيون آهن انهن ۾ سندن ٻئي مسئلا حل ڪرڻ جي کين ڪا خاطري ناهي ڪرائي وئي. اهو ئي سبب آهي ته هاڻي پ پ وارن جو مشن آهي ته مسلم ليگ (ق) وارا ڪنهن به قيمت تي حڪومت نه ٺاهين. ڏسجي ته ان ٽاسڪ ۾ هو ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿين ٿا.
ڪالهه اسلام آباد ۾ افواهه هئا ته صدر جنرل پرويز مشرف جيڪو سومر تي جده روانو ٿي رهيو آهي. هو نواز شريف وارن سان ملندو. سرڪار وارا ان جو انڪار ڪن ٿا پر حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن جنرل مشرف جو سرڪاري دورو آهي ته هن کي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض وڃڻ گهرجي. جده جي مختصر ۽ اوچتي دوري جو مطلب سمجهه ۾ نٿو اچي. افواهي همراهه اهي افواهه ٿا پکيڙين ته جنرل مشرف شايد ”قومي مفاد“ ۾ نواز خاندان کي معاف ڪري وطن موٽائي اچي. عقل ته ايئن تسليم نٿو ڪري ته ڪو جنرل مشرف ايئن ڪندو پر هن جڏهن ڊيل ڪري نواز شريف کي جده روانو ڪيو هو ته ان کي به عقل تسليم نه پيو ڪري ۽ ڪلثوم نواز جهاز ۾ سوار ٿيڻ وقت به چيو هو ته اسان ڊيل ناهي ڪئي، جلد موٽي اينداسين. افواهي لڏي جو خيال آهي ته شهباز شريف کي في الحال وطن اچڻ ڏنو ويندو. نواز شريف کي پاڪستان کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ڏنو ويندو. خدا کي خبر ته حقيقت ڇا آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي افواهي به ڪم جي ڳالهه ڪري ويندا آهن. ان افواهي لڏي جو چوڻ آهي ته جيستائين صدر مشرف جده مان نه موٽندو، تيسين اجلاس نه گهرايو ويندو، بعد ۾ تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.
مسلم ليگ (ق) وارا جيڪي هاڻي ويهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺا آهن، تن جو چوڻ آهي ته هو ئي حڪومت ٺاهيندا، ڇو ته ظاهر آهي 18 آزاد ميمبر رضا خوشيءَ سان غير مشروط طور مسلم ليگ (ق) ۾ شامل ناهن ٿيا. هنن کي آڻڻ وارن آندو آهي. انهن جي پويان ڪي فرشتا هوندا. انهن فرشتن جي اهڙي عمل واضح ڪري ڇڏيو آهي ته مسلم ليگ (ق) حڪومت جو وڏو حصو وٺندي. ان کان وڌيڪ واضح ثبوت اهو آهي ته صدر جنرل مشرف جي ڪابينا جا وفاقي وزير مسلم ليگ (ق) وٽ سينيٽ جي سيٽن لاءِ درخواستون ڏئي چڪا آهن. ڇا ان بعد به امڪان آهي ته مسلم ليگ (ق) حڪومت نه ٺاهيندي!! مسلم ليگ (ق) وارن جي دعويٰ آهي ته جن فرشتن آزاد ميمبرن کي آندو آهي. اهي ئي متحده مجلس عمل وارن کي وٺي ايندا. متحده مجلس عمل جي اها خواهش آهي ته هو اهڙي حڪومت ۾ شامل ٿين جنهن ۾ هنن کي وڌ ۾ وڌ حصو ملي پر ڏسڻو اهو آهي ته هو فيصلي ۾ بااختيار ڪيترو آهن. وڏو حصو ته هنن کي پ پ سان گڏجڻ بعد ئي ملي سگهي ٿو. ڇو ته قائد ليگ وارن وٽ جن 4 وزيرن سينيٽ لاءِ درخواستون ڏنيون آهن. اهي ته سڀاڻي به وزير هوندا. جڏهن حڪومت ٺاهڻ کان اڳ جنرل مشرف ڪابينا ٺاهي رهيو آهي ته ان ۾ ظاهر آهي کين ڇا ملندو.
مبصرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن متحده مجلس عمل وارا پ پ سان ويا ته فرشتا سرگرم ٿي ويندا ۽ هو قانون ۾ ترميم ڪري جنهن پارٽي جي ٽڪيٽ تي جيڪي چونڊيا آهن. تنهن کي جمهوريت جي بحالي واري عظيم تر مفاد ۾ پارٽي بدلائڻ جي اجازت ڏني ويندي، ڇو ته حڪومت اهو چوندي ته اسين سياسي ڌرين کي وقت ڏنو، پر هنن حڪومت نه ٺاهي. هاڻي سڀني کي آزادي آهي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پ پ جي 64 ايم اين ايز مان اٽڪل 3 درجن ايم اين ايز 100 جي اسپيڊ سان سفر ڪري اچي قائد ليگ جي ڪئمپ ۾ پهچندا. جيڪڏهن حڪومت ايئن نه به ڪري ۽ پ پ وارن جا ٻه ”قومي مسئلا“ حل ڪري ڇڏي ته هو به مسلم ليگ (ق) جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪرڻ ۾ دير ڪو نه ڪندا. حڪومت سازيءَ لاءِ منجهيل صورتحال هاڻي منطقي انجام ڏانهن وڌي پئي ۽ جلد پردو کڄڻ وارو آهي.
حڪومت سازيءَ لاءِ پارٽيون ڪهڙي به پاليسي اختيار ڪن، ڪهڙا به داءَ پيچ لڙائين پر موجوده پارلياماني صورتحال ۾ حڪومت سازي لاءِ آخري آپشن وري به صدر جنرل مشرف وٽ آهي. پ پ وارن جي ”قومي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ اختيار ڪيل پاليسيءَ جي موٽ ۾ ڏسجي ته حڪومت ڪيتري انتها تائين وڃي ٿي، جيتوڻيڪ پ پ اڳواڻن جي دعويٰ موجب جنرل مشرف سان رات جو ڪيل مخدوم جي خوشگوار ملاقات ۾ به معاملا طئي نه ٿي سگهيا آهن. پر پوءِ به مخدوم صاحب ماڻهن کي چوي ٿو ته هو ”قومي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو“ ڇو ته خود مخدوم صاحب جي وزيراعظم ٿيڻ لاءِ جيڪي حالتون هن وقت حق ۾ آهن. اهڙي آئيڊيل صورتحال وري شايد پيدا نه ٿئي. ڏسجي ته قسمت جي ديوي مٿس مهربان ٿئي ٿي يا نه، نوابزاده نصرالله جنهن سان ڪالهه راجا ظفرالحق به ملاقات ڪئي ۽ پ پ کي اپوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ چيو تنهنجو خيال آهي ته پ پ حڪومت سازيءَ لاءِ ڪوشش بدران اپوزيشن ۾ ويهي رهي ته اپوزيشن مضبوط ٿيندي ۽ پارليامينٽ جو هلڻ آسان نه هوندو، نتيجي ۾ وري اليڪشن ٿي ته اي آر ڊي جي سگهه ۾ اضافو ٿيندو.
(27 آڪٽوبر 2002ع)