سي ايس ايس ۽ سنڌ
1999ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪندڙ 441 اميدوارن مان رڳو 236 اميدوارن کي نوڪريون ملنديون جڏهن ته امتحان پاس ڪرڻ باوجود به 205 اميدوار نوڪرين کان محروم رهندا. هن سال جيئن ته ڪل نوڪرين جون 240 سيٽون خالي آهن. جن مان سنڌ شهري ڪوٽا وارين 18 جاين مان 4 جايون خالي رهنديون جيڪي ايندڙ سال ڀريون وينديون ڇو ته سنڌ شهري ڊوميسائيل وارا هن سال پاس ئي 14 اميدوار ٿيا آهن. نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته ميرٽ وارين 24 سيٽن مان سنڌ شهري ڊوميسائيل تي امتحان پاس ڪندڙن مان هڪ به اميدوار ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيو آهي. انهن 24 ميرٽ وارين سيٽن مان پنجاب 18 سيٽون، سرحد جا شاگرد 4 ۽ سنڌ ٻهراڙي ڊوميسائيل وارا 2 اميدوار عبدالحفيظ عمراڻي ۽ جاويد سونهارو ساهو وال ميرٽ وارين سيٽن مان حصو وٺندا. انهن ٻنهي کي پسند جو سروس گروپ ملندو. سنڌ ٻهراڙيءَ جي ڊوميسائيل وارا امتحان پاس ڪندڙ 46 اميدوار آهن ۽ خالي سيٽون رڳو 28 آهن. جيئن ته 46 مان 2 ڄڻا ميرٽ تي هليا ويا ان ڪري 26 وڌيڪ اميدوار سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا تي ايندا ۽ مجموعي طور سنڌ ٻهراڙي وارن 46 پاس ڪندڙ اميدوارن مان 28 ڄڻن کي نوڪري ملندي. اهو پهريون دفعو آهي ته سنڌ شهري ڊوميسائيل وارا ميرٽ تي ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيا آهن ۽ سنڌ ٻهراڙي وارن ميرٽ جون 2 سيٽون حاصل ڪيون آهن. اهو رجحان ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته سنڌ ٻهراڙي وارن اميدوارن ۾ ٽيلينٽ وڌي پيو.
سنڌ شهري ڊوميسائيل تي هن دفعي جيڪي سمورا 14 اميدوار پاس ٿيا آهن انهن سڀني کي نوڪري ملندي ڇو ته هنن جون سيٽون وڌيڪ آهن ۽ اڃا به 4 سيٽون بچيل آهن. جيڪڏهن سنڌ شهري ڊوميسائيل تي 4 اميدوار وڌيڪ پاس ٿين ها ته انهن کي به نوڪري ملي ها. اهو رجحان ظاهر ڪري ٿو ته ايندڙ سال جيڪا ايلوڪيشن ٿيندي ان ۾ سنڌ شهري ۽ سنڌ ٻهراڙي جون تقريباً هڪ جيتريون سيٽون هونديون. ان ڪري سنڌي شاگرد جيڪي ٻهراڙي جي ڪوٽا وڌيڪ هئڻ جي تاثر سبب امتحان ٻهراڙي جي ڪوٽا تي ڏين ٿا اهو غلط آهي. انهن مان ڪجهه هلندڙ سال شهري ڊوميسائيل تي امتحان ڏين ته انهن کي فائدو ٿيندو ۽ ميرٽ ۾ گهٽ نمبر هوندي به سنڌ شهري ڊوميسائيل تي نوڪري جلد حاصل ڪندا. ڇو ته سنڌ شهري جون وڌيڪ سيٽون خالي آهن. گذريل 2 سالن کان سنڌ شهري ڊوميسائيل وارن جون سيٽون بچنديون پيون اچن. هن سال جن 46 سنڌ ٻهراڙي جي اميدوارن مان 28 اميدوارن کي نوڪريون ملنديون. انهن ۾ مٿي ڄاڻايل 2 ميرٽ وارن کانسواءِ 28 ٻين جن کي نوڪريون ملنديون تن ۾ عرفان علي بلوچ، خالد حيدر شاهه، رفيق احمد ٻرڙو، جاويد علي مهر، نعيم احمد شيخ، جنيد احمد ميمڻ، منير احمد شيخ، مسرور عالم ڪولاچي، محمد يونس چانڊيو، منظور عالم ڪولاچي، طارق حسين شيخ، فيصل بشير ميمڻ، رحمت الله وسطڙو، احمد علي سروهي، پير خالد احمد قريشي، عظميٰ صديقي، ضياءَ آگرو، گرڌاري مل، راشد حسين جمالي، تنوير احمد شيخ، امجد علي اعواڻ، آغا وسيم پٺاڻ، مس ناصره پروين، رضوان طارق، طارق علي شاهه جيلاني، معشوق احمد بلوچ، ڀرج لال دوساڻي ۽ تنوير عالم اوڍو شامل آهن. مجموعي طور سنڌ جي پاس ٿيل 60 اميدوارن مان 44 اميدوارن کي نوڪريون هن سال نه ملنديون جن ۾ 3 ڇوڪريون ۽ 41 ڇوڪرا شامل آهن. 3 ڇوڪرين مان هڪ سنڌ شهري ڊوميسائيل واري ۽ 2 سنڌ ٻهراڙي جي ڊوميسائيل واريون آهن. هن خبر ۾ سنڌ ٻهراڙي وارن جن اميدوارن جا نالا جنهن ترتيب سان آهن اها سندن ميرٽ واري ترتيب آهي. هر اميدوار ان ترتيب کي نظر ۾ رکي هر هڪ سروس گروپ لاءِ خالي سيٽن جي حساب سان پنهنجي لاءِ ملندڙ سروس گروپ جو اندازو لڳائي سگهي ٿو.
هن سال پنجاب جي 269 امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن مان 132 کي نوڪري نه ملندي. پنجاب جي 137 اميدوارن کي نوڪري ملندي. ڇو ته هنن جون پنهنجون سيٽون ته 119 هيون پر 18 ميرٽ واريون نوڪريون به هنن حاصل ڪيون آهن. سرحد جي 74 اميدوارن مان 41 نوڪرين کان محروم رهندا. سرحد جون خالي سيٽون 29 هيون پر 4 ڄڻن کي ميرٽ واريون به ملنديون. مجموعي طور سرحد جي 33 اميدوارن کي نوڪري ملندي. بلوچستان مان 16 پاس ٿيا، هنن جو هڪ اميدوار به ميرٽ تي ناهي آيو، هنن کي 10 سيٽون ملنديون باقي نوڪرين کان محروم رهندا. آزاد ڪشمير جي 6 مان 3 ۽ فاٽا جي 16 مان 7 اميدوارن کي نوڪريون نه ملنديون. هنن مان به ڪو اميدوار ميرٽ تي ناهي آيو.
سپيريئر سروسز ۾ جيڪي 10 گروپ آهن انهن مان اڪائونٽس گروپ ۾ 29 سيٽون خالي آهن. جن مان 3 ميرٽ، 15 پنجاب، 3 سنڌ ٻهراڙي، 2 سنڌ شهري، 3 سرحد، هڪ بلوچستان، هڪ فاٽا ۽ هڪ آزاد ڪشمير کي ملندي. ڪامرس ۽ ٽريڊ گروپ جون 6 سيٽون آهن. جن مان 3 پنجاب، هڪ سنڌي ٻهراڙي ۽ هڪ، هڪ سرحد ۽ بلوچستان کي ملندي. ڪسٽمز ۽ ايڪسائيز گروپ ۾ 40 سيٽون خالي آهن. جن مان 4 ميرٽ، 19 پنجاب، 4 سنڌ ٻهراڙي، 4 سنڌ شهري، 5 سرحد، 2 بلوچستان ۽ هڪ هڪ فاٽا ۽ آزاد ڪشمير کي ملندي. سڀ کان وڌيڪ سڻڀو سمجهيو ويندڙ ۽ طاقتور گروپ ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ (ڊي ايم جي) ۾ 22 سيٽون خالي آهن. جن مان 2 ميرٽ، 12 پنجاب،3 سنڌ ٻهراڙي، هڪ سنڌ شهري، 3 سرحد ۽ هڪ فاٽا کي ملندي. پرڏيهي سروس ۾ 13 جايون خالي آهن. جن مان 2 ميرٽ، 7 پنجاب، هڪ سنڌ شهري هڪ سنڌ ٻهراڙي ۽ هڪ ، هڪ سرحد ۽ بلوچستان کي ملندي. انڪم ٽيڪس گروپ جي 38 خالي جاين مان 3 ميرٽ، 20 پنجاب، 5 سنڌ ٻهراري، هڪ سنڌ شهري، 4 سرحد ۽ ٻه ٻه بلوچستان ۽ فاٽا کي ملنديون. انفرميشن گروپ جي 17 سيٽن مان 2 ميرٽ، 8 پنجاب، 2 سنڌ ٻهراڙي، 3 سنڌ شهري، 2 سرحد ۽ هڪ بلوچستان کي ملندي. پوليس گروپ ۾ 54 سيٽون آهن. جن مان 6 ميرٽ، 26 پنجاب، 6 سنڌ ٻهراڙي، 4 سنڌ شهري، 6 سرحد، 2 بلوچستان، 2 فاٽا ۽ هڪ آزاد ڪشمير کي ملندي. پوسٽل گروپ جي 10 سيٽن مان هڪ ميرٽ، 5 پنجاب، 2 سنڌ ٻهراڙي، هڪ سنڌ شهري ۽ 2 سرحد کي ملنديون. ريلوي گروپ جي8 سيٽن مان هڪ ميرٽ، 4 پنجاب، هڪ سنڌ ٻهراڙي، هڪ سنڌ شهري، 2 سرحد ۽ هڪ فاٽا کي ملندي.
موجوده نتيجن مان هڪ رجحان اهو به سامهون آيو آهي ته سنڌ شهري ڊوميسائيل وارا سرڪاري نوڪرين کي ترجيح نٿا ڏين. هو ڪاروبار، ڪمپيوٽر ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن وغيره جي شعبن يا نجي شعبي ۾ نوڪرين ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهن ۽ سي ايس ايس جي نوڪري هنن لاءِ آئيڊيل نه رهي آهي. ڏٺو وڃي ته ڊي ايم جي، پوليس، فارين سروس، انڪم ٽيڪس ۽ ڪسٽمز کانسواءِ باقي جيڪي به سروس گروپ آهن، اهي جن کي به ملندا آهن ته سي خوش ناهن هوندا. جيئن ته اهو به هڪ رجحان پيدا ٿي پيو آهي ته نوڪري به ڀلي ملي ۽ اها به طاقت ۽ پئسي واري ملي. سڌي طرح طاقت ۽ پئسو ته پوليس ۽ ڊي ايم جي ۾ آهي، باقي جيڪي گروپ آهن انهن ۾ پئسو آهي پر پاور ناهي.
(28 آڪٽوبر 2000ع)