تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5028
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ستارن جي گردش، بينظير ۽ هڪ نئون پنڊورا باڪس

ستارن جي گردش، بينظير ۽ هڪ نئون پنڊورا باڪس

ڪالهه جمعي ڏينهن صبح جو قومي اسيمبليءَ جو اجلاس شروع ٿيو ته حسب روايت مخالف ڌر نعري بازي ڪندي احتجاج جاري رکيو.”نو مشرف نو“ ۽ ”گو مشرف گو“ جي پراڻن نعرن سان گڏ نئون نعرو ”چور چوڪيدار ڪو، ايڪ ڌڪا اور دو“ جو لڳايو ويو. جيتوڻيڪ مخالف ڌر جي ميمبرن جو تعداد گهٽ هو، رڳو 46 ميمبر هئا پر ان جي باوجود احتجاج جي شدت ۾ ڪو فرق نه پيو.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ جڏهن مشهور گلوڪاره طاهره سيد جي ڀاءُ ۽ بينظير ڀٽو جي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل ميجر(ر) سيد تنوير حسين پنهنجي سابقه ليڊر بينظير ڀٽو کي ”ڪرپٽ“ ڪوٺيو، ته ايوان ۾ ناهيد خان جي نه هجڻ جي باوجود به هل هنگامو وڌي ويو ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ميمبرن جيترو ئي احتجاج نواز ليگ جا ميمبر به ڪري رهيا هئا. ڪو زمانو هو جڏهن پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جا ميمبر توڙي ڪارڪن هڪ ٻئي کي بد شد چوندا هئا، پر حالتن کين هاڻي ”ڀاءُ ڀيڻ“ ٺاهي ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن نواز شريف خلاف حڪومتي رمارڪس تي پ پ وارا احتجاج ۾ ”گهوٻي“ هڻي ويندا آهن پر مسلم ليگ (ن) وارا بينظير جي سوال تي دل سان احتجاج ڪندا آهن.
لڳي ٿو ته بينظير ڀٽو جا ستارا گردش ۾ آهن، سوئيز جج جي فيصلي کان پوءِ هاڻي ٻيو موقعو محترمه پاڻ ان وقت حڪومت کي تنقيد جو فراهم ڪيو، جڏهن ڀارت جي هڪ ميگزين کي انٽرويو ۾ هن والاريل ڪشمير جي هيڊڪوارٽر سرينگر تي قبضو ڪرڻ واري پاڪستان فوج جي ٺاهيل پلان کي پڌرو ڪيو. وزيراعظم ٿيڻ وقت جيڪو هن حلف کنيو هو، ان جي ابتڙ هن اها معلومات پڌري ڪئي آهي ۽ هڪ لحاظ کان ان حلف جي خلاف ورزي ڪئي آهي. بينظير ڀٽو ٻه دفعا وزيراعظم رهي آهي، پر کيس هن دفعي جيترو ”ٽف ٽائيم“ جنرل مشرف ڏنو آهي، اهڙو کيس ضياءَ به نه ڏنو. شايد اهو ئي سبب هجي ته هوءَ وڌيڪ پريشان آهي. انٽرويو دوران بينظير ڀٽو چيو ته، جڏهن جنرل مشرف ميجر جنرل هو ۽ ڊائريڪٽر ملٽري آپريشن هو، ان وقت هوءَ وزيراعظم هئي ۽ هڪ بريفنگ ۾ کيس ٻڌايو ويو ته پاڪ فوج پلان جوڙيو آهي ته سرينگر تي قبضو ڪيو ويندو، ان لاءِ روٽ وغيره به تيار هو. سرينگر تي قبضي بعد گڏيل قومون مداخلت ڪنديون ۽ پاڪستان چوندو ته ڪشمير ۾ حق راءِ شماريءَ واري ٺهراءَ تي عمل ڪرايو، ته پاڪستان سرينگر خالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان سان ڪشمير مسئلو به حل ٿيندو ۽ ڀارت کي به پاڪستان جي طاقت جي خبر پئجي ويندي. بينظير اهو به چيو هو ته فوج کي هن ايئن ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ۽ بعد ۾ ڪارگل تي قبضو ڪيو ويو.
بينظير ڀٽو ظاهر آهي ته ايترو ڄاڻي ٿي ته هن کي ڇا چوڻ گهرجي ۽ هن ڄاڻي واڻي اهو چيو هوندو. سوال اهو آهي ته آخر هن ايئن ڀارتي رسالي کي انٽرويو ۾ ڇو چيو؟ حڪومت ان کي وڏو اشو بڻائي بينظير کي پريشان ۽ بدنام ته ڪندي پر ڏسڻو اهو آهي ته هن خلاف ڪارروائي ڪري ٿي يا نه؟ حڪومتي حلقن جو خيال آهي ته بينظير کي هاڻي يقين ٿي ويو آهي ته هوءَ هاڻي وزيراعظم نه ٿي سگهندي، تڏهن ايئن پئي ڪري. حڪومت جي ان سوچ جو بنياد هو پاڻ ئي بهتر ٻڌائي سگهن ٿا. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ جڏهن بينظير ڀٽو خلاف حلف جي خلاف ورزي ۽ رازداريءَ واري قانون جي ڀڃڪڙين جو معاملو غور هيٺ آيو ته دفاع وارو وزير رائو سڪندر اقبال ڄاڻي واڻي نه آيو، ڇو ته هو رک رکاءَ وارو ماڻهو آهي ۽ پراڻي رفاقت سبب اڄ تائين مون هن جي واتان بينظير خلاف گٿو لفظ ناهي ٻڌو.شايد اهو ئي سبب هو ته نصرت ڀٽو جي بيماريءَ وقت هو دبئي عيادت لاءِ وڃي پهتو هو جيتوڻيڪ هو نئون نئون ان وقت PP ڇڏي فارورڊ بلاڪ جي قيادت ڪندي مشرف سرڪار سان ملي چڪو هو.
ميجر (ر) تنوير حسين کي حڪومت ”صحيح“ ڪم تي لڳايو آهي ۽ بينظير ڀٽو جا مخالف، حڪومت جا حامي به ايترو سخت لهجي ۾ نه ڳالهائيندا آهن، جيترو هي پنهنجي 9 مهينا اڳ واري ليڊر جي ”شان“ ۾ ڳالهائي ٿو ۽ ڪڏهن ڪنهن جيالي جي ور چڙهيو ته کيس خبرون ملي وينديون. اسيمبليءَ ۾ اهو مسئلو آڻڻ بعد لڳي ٿو ته حڪومت بينظير خلاف ڪارراوئي به ڪندي ۽ جيڪڏهن حلف سان وفاداري نه ڪرڻ جو هن تي ڪيس هليو ته ان سان وڏو پنڊوڙا باڪس کلندو. پ پ ايم اين اي قربان علي شاهه جي بقول ته، ”پوءِ آئين جي پاسداري ڪرڻ جو حلف کڻندڙ انهن ورديءَ وارن جو ڇا ٿيندو. جن آئين معطل ڪيا آهن. آئين جي معطليءَ کي نظريه ضرورت هيٺ جائز قرار ڏيندڙ هجن يا آئين ڦاڙڻ ۽ آئين کي معطل ڪرڻ وارا، انهن به جڏهن حلف ٽوڙيو آهي، ته انهن جو به حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي“.
قربان شاهه جي ڳالهه ۾ وزن ۽ منطق ته آهي پر هن ملڪ ۾ آئين جي خلاف ورزي ڪرڻ جي سزا جو تعين به آئين جي (آرٽيڪل6 ) ۾ ٿيل آهي پر اڄ تائين ڪنهن کي ان هيٺ سزا نه ملي آهي. 73ع جي آئين جي پهرين خلاف ورزي ضياءَ الحق ڪئي. جنهن آئين کي معطل ڪري پنهنجي فرمان ذريعي حڪم هلايو. سياسي ڌرين وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت به رهي پرڪنهن به ڪڏهن به ضياءُ الحق جو نالو آئين مان ڪڍڻ لاءِ ترميم نه ڪئي. جيڪي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه هجڻ جو عذر پيش ڪن ٿا. انهن به آئين ٽوڙيندڙ سان سمجهوتا ڪري سدائين مصلحتن تحت حڪومتون حاصل ڪيون.
محمود خان اچڪزئي 10 سالن کان چوندو پيو اچي ته سياستدان جيسين آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستيءَ لاءِ هڪ دفعو اقتدار جي قرباني نه ڏيندا، تيسين غير جمهوري قوتن جي مداخلت ٿيندي رهندي ۽ جيڪڏهن سياستدان اقتدار جي قرباني ڏني ته پوءِ ڪير آئين معطل ڪري نه سگهندو. نه ڪو معطليءَ کي نظريه ضرورت هيٺ جائز سڏڻ جو سوچي سگهندو ۽ اهو ملڪ جي ٻنهي ليڊرن بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف تي مدار ٿو رکي ته آئنده هو ڪا ڊيل نه ڪن.
ميجر (ر) تنوير جڏهن بينظير کي ”ڪرپٽ“ قرار ڏئي مخالف ڌر وارن کي اشارا ڪري رهيو هو ته اوهين غدار آهيو، ورديءَ وارن جو ڪجهه بگاڙي نٿا سگهو ته مخالف ڌر وارا ان کي ”لوٽا لوٽا“ چئي رهيا هئا. سيد صاحب پڪائي جي حد ڪندي چيو ته، ”مان سمجهان ٿو ته اوهين مون کي سڏيو ٿا ته ”لوٽ آئو“ پر مان توهان ڏانهن نه ايندس، ڇو ته اوهين لٽيرا آهيو، مس جان ڇڏائي اٿم.“ جوش خطابت ۾ رٽائرڊ فوجي ڀائي اسيمبليءَ جي ايوان ۾ جرنيلن ۽ ڪرنلن کي سلام پيش ڪندي چيو ته اسان جو جرنيل شهيد ٿيندو آهي ۽ جڏهن وردي لاهيندو آهي ته سندس خون مان خوشبو ايندي آهي ۽ مخالف ڌر وارن جي ڪپڙن مان ڪرپشن جي بوءِ ايندي آهي.
(6 سيپٽمبر 2003ع)