بينظير جو ڀارتي دورو، مشرف ۽ ڪشمير پاليسي!
بينظير ڀٽو جي ڀارتي دوري دوران ڪيل ڳالهين مشرف حڪومت کي چيڙائي وڌو آهي ۽ فوجي حڪومت سان پ پ جي هلندڙ ڳالهين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ويجهڙائي تمام گهڻو متاثر ٿي آهي. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته مشرف حڪومت کي بينظير جي ڀارتي دوري جي صورت ۾ عالمي قوتن پاران اهو اشارو مليو آهي ته هو عالمي ڌرين سان تعاون گهربل حد تائين وڌائي نه ته کيس نتيجن لاءِ تيار رهڻ گهرجي. سفارتي ۽ سياسي حلقن ۾ افغانستان جي معاملي کان وڌيڪ اڄڪلهه بينظير ڀٽو جي ڀارتي دوري بابت تبصرا هلن پيا ۽ بحث جو موضوع به خود جلاوطني ۾ رهندڙ اڳوڻي وزيراعظم آهي. بينظير ڀٽو کي تاس راند ته خبر ناهي ايندي هوندي يا نه، پر جنهن نموني هوءَ درست وقت تي پنهنجا پتا کيڏندي رهي آهي ۽ گيم کٽيندي رهي آهي، ان مان ته لڳي ٿو ته هوءَ سٺي کيڏاري آهي. اڳ ۾ هن لاءِ چيو ويندو هو ته بينظير رڳو سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي رهي آهي، پر هاڻي هن جنهن نموني ڀارت جو دورو ڪري پاڪستان ۾ هلندڙ سياسي راند کي نئون موڙ ڏنو آهي، ان ۾ هن جو پلڙو ڀاري پيو لڳي.
سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته بينظير ڀٽو موجوده حالتن ۾ ڀارتي دوري لاءِ وقت جي چونڊ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو انتهائي اهميت جوڳو آهي. جيتوڻيڪ هيستائين سرڪاري طور آمريڪا يا ان جا اتحادي دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان يا ڪشمير تائين وسيع ڪرڻ جا انڪاري رهيا آهن، پر ان هوندي به پاڪستاني ماهر ۽ خاص ڪري مذهبي ڌرين ۾ پهرين ڏينهن کان اها راءِ هئي ته افغانستان کان پوءِ ڪشمير جو وارو آهي. بينظير ڀٽو جڏهن ڀارت جو دورو ڪيو آهي ته ان دوران هن 2 نقطا انتهائي اهم اٿاريا آهن. هڪ ته لشڪر طيبه دهشتگرد تنظيم آهي۽ ٻيو ته ڪشمير مسئلي کي پاڪ ڀارت جي تعلقات ۾ رڪاوٽ سمجهي ٻين معاملن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. هيستائين مشرف حڪومت جي ڪشمير پاليسي يا ڀارت بابت پرڏيهي پاليسي اها آهي ته ”اڳ ۾ ڪشمير پوءِ ٻيا معاملا“ ۽ ان ڪري ئي ڪشمير مسئلي سبب پاڪ-ڀارت تعلقات ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. بينظير ڀٽو مڪمل طور ان جي ابتڙ پاليسي اختيار ڪئي آهي. جيتوڻيڪ پ پ وارا ان جي ترديد ڪن ٿا پر سياسي مبصر ان تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته ڪو بينظير ڀٽو ڀارت جو دورو ۽ ان دوران ڪشمير بابت ڪيل ڳالهيون آمريڪا ۽ يا عالمي ڌرين جي مشورن کانسواءِ ڪيون هونديون، بينظير ڀٽو جي اپوزيشن ۾ هئڻ دوران سندس قائداڻين صلاحيتن تي شايد ئي ڪو شڪ ڪري، پر ان هوندي به عام تاثر اهوآهي ته بينظير ڀٽو اهو سڀ ڪجهه آمريڪي ساٿين جي مشوري سان ڪيو آهي. بينظير جي ڀارتي دوري، مشرف حڪومت کي عالمي برادري جو پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن ”لشڪر طيبه“ تنظيم کي دهشتگرد قرار ڏئي انهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته متبادل طور تي پ پ اقتدار ۾ اچي اهو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ٻيو ته جيڪڏهن مشرف حڪومت پاڪ- ڀارت تعلقات ۾ اڳ ۾ ڪشمير مسئلي جي حل وارو شرط ختم نه ڪيو ته ان لاءِ به اسٽينڊ باءِ طور محترمه تيار آهي. اها کليل حقيقت آهي ته پ پ لبرل جماعت آهي ۽ انتها پسندن سان هن جي ڪڏهن به نه ٺهي آهي. ان ڪري اهو الزام هڻڻ ته رڳو اقتدار لاءِ بينظير ڀٽو اهو سڀ ڪجهه ڪري پئي درست نه ٿيندو، يعني پ پ جي فڪري ۽ شعوري طور به اها ڪوشش ۽ خواهش آهي ته معاشرو انتهاپسندي کان بچائجي، بينظير جي انهن بيانن بعد هاڻي اهي اشارا درست ٿا لڳن ته افغان معاملي بعد پاڪستان ۾ انتها پسند ڌرين خلاف شايد ڪارراوئي ٿئي.
ڏٺو وڃي ته افغانستان ۾ هاڻي معاملو تيزيءَ سان سميٽجڻ ڏانهن وڃي پيو. باقي بچيل سچيل طالبانن جو گهيرو تنگ ٿيندو پيو وڃي ۽ ڪنهن به وقت ملا عمر ۽ اسامه جي مارجڻ جو اطلاع ملي سگهي ٿو، ڇو ته اهي ٻئي زندهه گرفتار ٿيڻ کان مرده گرفتاري ۾ پختو يقين رکن ٿا. ڪجهه اهم حلقن ۾ گذريل چند ڏينهن کان وثوق سان چيو پيو وڃي ته اُسامه مارجي چڪو آهي ۽ آمريڪا ڄاڻي واڻي اها خبر ظاهر نه پيو ڪري، ڇو ته جيڪڏهن آمريڪا اهو پڌرو ڪري ڇڏيو ته اسامه مارجي ويو آهي ته آمريڪي حملن تي ان بعد دنيا ۾ وڏو احتجاج ٿيندو ته هاڻي اهي حملا جاري رهڻ جو جواز ناهي يا ان جي رد عمل طور دنيا ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. آمريڪين سميت مغربي دنيا ۾ اهو يقين آهي ته اسامه جنهن ڏينهن قتل ٿيو ان ڏينهن سندس ساٿي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رد عمل طور وڌيڪ دهشتگردي ڪندا ۽ مغربي دنيا ان ڏس ۾ حفاظتي اپاءَ به وٺي پئي.
جهڙي طرح افغانستان ۾ پنهنجي دوست طالبان حڪومت کان رات ئي رات مشرف حڪومت لاتعقلي ظاهر ڪئي هئي اهڙيءَ طرح ڪشمير ۾ وڙهندڙن کان لاتعلقي ظاهر ڪرڻ حڪومت لاءِ انتهائي مشڪل آهي، پر ناممڪن ناهي. جڏهن اسٽينڊ باءِ طور هن کي بينظير نظر اچي رهي آهي، ان صورتحال ۾ ته لڳي ٿو ته واقعي ڪشمير مسئلو ايندڙ سال حل ٿي ويندو. گذريل 30 سالن کان ڪشمير ۽ افغان پاليسي هميشه اسٽيبلشمينٽ ٺاهي آهي ۽ سياسي ڌرين لاءِ اها پاليسي شجر ممنوع طور رهي آهي. هاڻي جڏهن افغان پاليسي ناڪام ثابت ٿي آهي ته حميد گل کان وٺي موجوده همراهن تائين سڀ ڪنڊ ۾ روئي رهيا آهن. سڀاڻي جيڪڏهن ڪشمير مسئلي جو حل اهو نڪتو ته ڪنٽرول لائين تسليم ڪئي وڃي. معنيٰ جيڪو ڀارت وٽ آهي، اهو ڀارت جو ۽ جيڪو پاڪستان وٽ آهي، اهو پاڪستان جو. خدا ٿو ڄاڻي ته آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي نيت ڇا هي، پر ايئن ٿيو ته حڪومت لاءِ تمام ڏکيو مرحلو هوندو. بينظير جنهن حڪمت عملي هيٺ ڍرو رويو اختيار ڪندي ڪندي اوچتو جيڪو جارحاڻو رويو اختيار ڪيو آهي، اهو مشرف حڪومت کي مجبور ڪري سگهي ٿو ته هو پ پ سان ڳالهائي. جيڪڏهن مشرف حڪومت ڪاوڙ ۾ ڪو غلط قدم کنيو ته هن جي 2002ع کان پوءِ به صدر رهڻ وارو پلان شايد ساڀيان نه ٿي سگهي.
جنهن طرح ڀارتي قيادت بينظير جو گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو آهي ۽ مثبت رويو ظاهر ڪيو آهي، اهو مشرف حڪومت لاءِ پريشاني جو سبب ٿي پيو سگهي پر ڀارت جي ته اها چال به ٿي سگهي ٿي ۽ جڏهن بينظير ڀٽو بطور وزيراعظم ڀارتي قيادت سان ملي ته پوءِ ڏسبو ته ڀارت جو رويو ڪهڙو آهي. جيڪڏهن ماضيءَ تي نظر وجهجي ته اها حقيقت آهي ته جڏهن به پاڪ- ڀارت سياسي قيادتن ۾ ڳالهيون ٿيون آهن ته مثبت پيش رفت ٿي آهي پر آگره ڳالهين جو ڪو کڙتيل نه نڪتو. ان تي مبصرن جو چوڻ آهي ته موجوده حالتن ۾ مشرف حڪومت لاءِ ” اڳ ۾ ڪشمير پوءِ ٻيا معاملا“ واري پاليسي تبديل ڪرڻ لازمي ٿي پيو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته مستقبل ۾ مشرف حڪومت ان ڏس ۾ ڇا ٿي ڪري؟ مشرف حڪومت ۽ پ پ ۾ هلندڙ ڳالهيون هيستائين ته نرم ۽ گرم جي وچولي ڪيفيت ۾ هيون پر هاڻي انهن ڳالهين جو به فيصلا ڪُن موڙ اچڻ وارو آهي يا ته اهي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون يا مڪمل طور ناڪام ٿينديون، ٻڏتر واري ماحول مان هاڻي معاملا نڪري آيا آهن. بظاهر ته پ پ جو پلڙو ڀاري ٿي ويو آهي ۽ جيڪڏهن مشرف حڪومت ڪاوڙ ۽ جلد بازي ۾ ڪو تڪڙو قدم کنيو ته ان جو ٻين کي ته نقصان ٿئي نه ٿئي پر مشرف حڪومت لاءِ مشڪلات ۾ اضافو ضرور ٿيندو.
ملڪ جي مستقبل جي سياسي تيارين جي سلسلي ۾ امڪان آهي ته حڪومت پاران مسلم ليگ کي متحد ڪري ان جي قيادت لاءِ شهباز شريف کي نامزد ڪيو وڃي. جيئن ته اسٽيبلشمينٽ وڏي لاڏ ڪوڏ سان مسلم ليگ کي پاليو ۽ ٺاهيو هو. هاڻي ميان اظهر جي سربراهي ۾ ليگ جڏهن ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو ته ان ڪري شهباز شريف حڪومت لاءِ ڏکيو سودو نه هوندو. جيڪڏهن حڪومت ايندڙ چونڊن ۾ ميدان خالي ڇڏيو ته مذهبي ڌريون اهو خال ڀرينديون، مذهبي ڌرين وٽ جڏهن ڪجهه به ناهي، مطلب ته پارليامينٽ ۾ ايتري نمائندگي به ناهي ته به اهي مٿي جو سور آهن. جيڪڏهن انهن کي هڪ دفعو به پارليامينٽ جي نمائندگي ملي ته مستقبل ۾ هو ڪنهن کي وٺ نه ڏينديون. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ مسلم ليگ وارو آپشن ضايع نه ڪندي. شهباز شريف سان مون جده فون ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي، هو پاڪستان اچڻ لاءِ آتو آهي. هن واپسيءَ جي ڊيل کان ته انڪار ڪيو، پر پاڪستان اچڻ لاءِ شديد خواهش ظاهر ڪئي. نواز شريف سان شهباز شريف جا اختلاف به هاڻي لڪل نه رهيا آهن، خود پاڻ شهباز ان جي نه تصديق ڪئي نه ترديد ڪئي. ٻئي ڀائر نواز ۽ شهباز هاڻي پاڻ ۾ ڏند چڪ ٿا ڏين ۽ نواز جي عملن سبب پوري خاندان جي ملڪ بدري تي شهباز چڙيل آهي.
ايندڙ سال چونڊن کان اڳ شهباز جي وطن واپسي واري امڪان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن شهباز آيو ته حڪومت جي موجب هو مسلم ليگ (ن) کي به (ق) سان ملائڻ ۾ ڪامياب ويندو. چون ٿا ته ان سان نواز شريف جو سياسي مستقبل به ختم ٿي ويندو ۽ ميان خاندان بدستور سياست ۾ به رهندو. ان فارمولي تي ڏسجي ته ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿو عمل ٿئي. مستقبل ۾ ڪشمير مسئلي جي حل بعد طاقتور ترين اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ۽ سائيز به گهٽ ٿيڻ جا امڪان آهن. ان وقت جيڪڏهن پ پ جو متبادل فورس موجود نه هوندو ته اسٽيبلشمينٽ جي پوزيشن به ڪمزور هوندي.
(30 نومبر2001ع)