تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

خدمت ڪاميٽيون رحمت يا زحمت؟

خدمت ڪاميٽيون رحمت يا زحمت؟

پوري ملڪ ۾ ڊويزنل، ضلعي ۽ سب ڊويزنل سطح تي قائم ڪيل 428 خدمت ڪاميٽين جي 5000 ميمبرن مان مسلم ليگي ميمبرن قسم کڻي ڇڏيو آهي پر ايم ڪيو ايم سميت ڪجهه ٻين ڌرين جي ميمبرن حلف نه کنيو آهي. مسجدن مان موذنن کي ڀڄائي، پيش امامن کي پاسي ڪري، نمازين کي ٻاهر ڪڍي خدمت ڪاميٽين جي ميمبرن کي حلف کڻائي ملڪ ۾ نئين روايت قائم ڪئي وئي آهي. شايد اها روايت بقول وزيراعظم نوازشريف جي ته موجوده فرسوده نظام کي ختم ڪري نئون سماجي ڍانچو ۽ سسٽم قائم ڪرڻ واري سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ مولوين کانسواءِ مذهبي جماعتن وارن ان حڪومتي ڪارنامي تي ڪو وڏو احتجاج ته ٺهيو پر ٺلهي مخالفت به نه ڪئي آهي.
خدمت ڪاميٽين جو تصور ۽ خيال تمام سٺو آهي ۽ وزيراعظم جو جذبو به نيڪ آهي پر جيڪي ميمبر کنيا ويا آهن ان مان ته لڳي ٿو ته انهن ڪاميٽين جو عوام کي فائدو گهٽ نقصان وڌيڪ ٿيندو. حڪومت لاءِ اهو وڏو چئلينج آهي ته هو هنن ڪاميٽين کي موثر نموني هلائي ۽ عوام لاءِ رحمت بدران زحمت بڻجڻ نه ڏئي. بينظير ڀٽو پنهنجي آخري دور ۾ ضلعي سطح تائين اقتداري قوت ۽ اختيار ورهائڻ وارو جيڪو خيال ضلعي گورنمينٽ جي حوالي سان پيش ڪيو هو. هي خدمت ڪاميٽيون به اصل ۾ ان ٿيوري جو هڪ روپ آهن اهي ئي خدمت ڪاميٽيون اڳ ۾ احتساب ڪاميٽين جي لباس ۾ اچي رهيون هيون پر لفظ احتساب کي سيف الرحمان واري احتساب بيورو ايترو ته بدنام ڪيو هو جو حڪمران به انهن ڪاميٽين جو نالو خدمت ڪاميٽيون رکڻ تي مجبور ٿيا. هنن ڪاميٽين جهڙيون ڪامٽيون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آهن. جاپان ۾ شهري ڪاميٽيون آهن. اتي اهي ايتريون ته موثر آهن جو جيستائين انهن ڪاميٽين وارا علائقي جي ٿاڻي جي پوليس وارن جي ترقي جي سفارش نه ڪن، تيستائين پوليس وارن جي ترقي نه ٿيندي آهي. جاپان ۾ تعليم وڌيڪ هئڻ سبب ماڻهن ۾ بيداري آهي ۽ ذميواري جو احساس ۽ عوامي خدمت جو جذبو به آهي. پر جڏهن اسان پاڪستان ڏانهن ڏسون ٿا ته معاملو بلڪل ابتڙ ٿو لڳي. ٻيو وڏو فرق جاپان جي شهري ڪاميٽين ۽ پاڪستان جي خدمت ڪاميٽين ۾ اهو آهي ته جاپاني ڪاميٽيون سياست کان پاڪ آهن انهن جا ميمبر ڪنهن به جماعت سان وابستگي جي بنياد تي نه پر خدمت خلق جي جذبي ۽ ڪيل ڪم جي ميرٽ تي مقرر ٿيندا آهن جڏهن ته اسان وٽ قائم ڪيل ڪاميٽين ۾ ميمبرن جي ڀرتي جو معيار مسلم ليگي هئڻ رکيو ويو آهي ۽ ان بنياد تي ڪيل ڀرتي وارا هي ميمبر ڇا ڇا ڪندا؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو.
هنن ڪاميٽين جي قيام جي ضرورت ان ڪري به هئي ته هزارين مسلم ليگي چڱا مڙس حڪومت هوندي به ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هئا، ترقياتي ڪم ٺپ لڳا پيا آهن. ٺيڪا، پلاٽ پرمٽ بند آهن. آخر خرچ ڪٿان اچي؟ خاص ڪري اهي ماڻهو جن اليڪشن وڙهڻ تي ڪروڙين ۽ لکين رپيا خرچ ڪيو آهي، اهو خرچ ڪٿان اچي؟ وري جي اوچتو اليڪشن 6 مهينن يا سال ۾ ڳچي ۾ پوي ته ان لاءِ خرچ ڪير ڪندو؟ مطلب کوڙ اهڙا سبب ٿي سگهن ٿا جنهن جي ڪري هنن ڪاميٽين جو قيام ضروري هو. ٻيو ته مسلم ليگي ايڏي تعداد ۾ فارغ ويٺا هئا. هنن کي ڪنهن ڪم سان لڳائڻ ته حڪومت جي ذميواري هئي آخر سڀاڻي انهن سان ئي کين ڪم پوڻو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سمنڊ جون لهرون ڳڻڻ واري لطيفي جيان هنن کي به خدمت ڪاميٽين ۾ شامل ڪري کين رڌل رکيو ويو آهي. هنن ڪاميٽين جي حوالي سان 2 واقعا ياد پيا اچن جيڪو هنن ڪاميٽين جي قيام جو مقصد سمجهائڻ لاءِ مددگار لڳن پيا.
واقعو نمبر (1):
هڪ الله لوڪ بزرگ شخص وٽ هڪ همراهه وڃي چيو ته مون کي اهڙو وظيفو ٻڌايو جيئن 10 جن منهنجي قبضي ۾ اچن ۽ مان انهن کان هر ڪم ڪرائي سگهان. بزرگ ان شخص کي روڪيو ته ايئن نه ڪر ۽ ايترا جن تو وٽ آيا ته تون ڦاسي پوندين. نيٺ ان همراهه نه مڃيو بزرگ کي منٿون ميڙون ڪري وظيفو ورتو. همراهه چلو پورو ڪيو ته 10 جن سندس قبضي ۾ اچي ويا. جن اچي ان همراهه کي چون پيا ته اسين فارغ نه ويهنداسين ڪم ٻڌاءِ. همراهه جيڪو ڪم جنن کي ڏسي پيو هو منٽ ۾ اهو ڪري پيا اچن ۽ وري چونس پيا ته ڪم ٻڌاءِ. ٻه ٽي ڏينهن ته هن ڪم ٻڌايا نيٺ هن وٽان ڪم کٽي پيا. همراهه اچي جنن مان ڦاٿو جنن چيس ته ڪم ٻڌاءِ نه ته تنهنجا ترا ٿا ڪڍون. همراهه اچي ڦاٿو نيٺ تنگ ٿي واپس بزرگ وٽ ويو ۽ منٿون ميڙون ڪري جنن مان جان ڇڏائڻ جو ڏس پڇيو. بزرگ کيس چيو ته گهر جي پويان ڊگهو لڪڙو هڻي ڇڏ ۽ جنن کي چئو ته توهان جو ڪم اهو آهي ته هن لڪڙي تان لهو ۽ وري چڙهو. لهه چڙهه ڪندا رهو. سو ميان صاحب کي اچي ليگين ورايو ته بابا ڪو ڪم ڏيو. واندا ويٺا آهيون هن به ڪنهن بزرگ جي مشوري تي خدمت ڪاميٽيون ٺاهي همراهن کي ڪم ۾ لڳايو آهي، ته اهي رضاڪارانه طور تي عوام جي خدمت ڪن.
ٻيو واقعو (2)
هڪ بادشاهه وٽ گهوڙا ڀلا هوندا هئا. انهن جي خوراڪ تي هو خرچ به چڱو ڪندو هو پر گهوڙا ڏينهون ڏينهن ڏٻرا ٿيندا پئي ويا. بادشاهه اچي پريشان ٿيو. هن پنهنجي خاص ماڻهو کي گهوڙن جي خدمت ڪندڙن مٿان چوڪيدار مقرر ڪيو ته هو اهو ڏسي ته جيڪو چارو ۽ خوراڪ گهوڙن لاءِ رکوالن کي ملي ٿي اها هو وڪڻن ٿا يا گهوڙن کي کارائين ٿا. ڪجهه ڏينهن بعد نئين چوڪيدار جي مقرري جي باوجود به گهوڙا اڳي کان به وڌيڪ ڏٻرا ٿي ويا. نيٺ وري بادشاهه هڪ ٻئي همراهه کي مقرر ڪيو ته به ڪم نه بڻيو ۽ گهوڙا ايترا ڏٻرا ٿي ويا جو مرڻ لڳا. بادشاهه کي خبر پئي ته اڳ ۾ چارو ۽ خوراڪ جو چوٿون حصو گهوڙن جا رکوالا وڪرو ڪري باقي 3 حصا گهوڙن کي ڏيندا هئا. نئين چوڪيدار مقرر ٿيڻ بعد هنن ملي ڀڳت ڪري اڌ گهوڙن جي خوراڪ ۽ چارو وڪڻڻ شروع ڪيو ڇو ته نئين همراهه کي به حصو گهربو هو. وري مٿان ٻئي چوڪيدار اچڻ بعد 3 حصا خوراڪ وڪرو ٿيڻ لڳي ۽ هڪ حصو گهوڙن کي ملندي هئي ان سبب گهوڙا مري ويا. ان واقعي جي مصداق ته اڳ ۾ ٿاڻي وارا عوام کان حصو وٺندا آهن پر سڀاڻي ڪٿي ايئن نه ٿئي جو ڪاميٽين وارن جو حصو به عوام کان اوڳاڙيو وڃي. ان جو امڪان ته وڏو ٿو لڳي ڇو ته جيڪي ميمبر ڪاميٽين ۾ آهن انهن مان ڪافي ماڻهو ته چڱا به آهن پر ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي چرس ۽ ڀنگ وڪڻڻ جي ڏوهه ۾ سدائين جيل ويندا رهيا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي علائقي جا وڏا ڀتا خور به آهن. ٻين جي مون کي خبر ناهي باقي تازو ڪنڌڪوٽ مان اسلام آباد آيل ڪجهه همراهن ٻڌايو ته جيڪب آباد وارين ڪاميٽين ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي سڄو ڏينهن ڀتا اوڳاڙيندا آهن. ڪنڌڪوٽ واري ڪاميٽي جي همراهن بابت هن ٻڌايو ته ”هڪ همراهه پيءُ ۽ ڀاءُ سوڌو چرس وڪڻڻ جي ڏوهه ۾ جيل ويو هو جڏهن ته ٻه نالا اهڙا به هن ورتا جيڪي ڪنڌڪوٽ ۾ حددخليون قائم ڪرائڻ وارو ڌنڌو ڪندا آهن ۽ حددخلي ڪندڙن کي چوندا آهن ته ڀلي ڪا به مليل زمين کان وڌيڪ قبضو ڪري حد دخلي ڪندي اڏاوت ڪن ۽ هو همراهه شهپر وٽي بيهي ڪم ڪرائيندا آهن.“
سنڌ ۾ ته مسلم ليگين جي کوٽ سبب ڪجهه ڪاميٽين ۾ مشڪوڪ رڪارڊ رکندڙ ماڻهن کي به کنيو ويو آهي ڇو ته انهن علائقن ۾ مسلم ليگ وٽ متبادل ماڻهو نه هئا اهڙا پول ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پڌرا ٿيندا ۽ هنن ڪاميٽين وارن بقول وزيراعظم تمام ”نيڪ، صالح ۽ سٺن“ ماڻهن جا ڪارناما سامهون ايندا.
خدمت ڪاميٽيون جيئن ته اسان جهڙي معاشري لاءِ هڪ نئون تصور آهي جيڪڏهن اهي ڪاميٽيون عوام کي رليف ڏين ٿيون. ظلم،زيادتيون ۽ ناانصافيون ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ نواز ليگ ۽ نواز حڪومت ايتري ته مضبوط ۽ عوام ۾ پاپولر ٿي ويندي جو هنن کي ايندڙ ڪيترن سالن تائين دنيا جي ڪا به طاقت لوڏي نه سگهندي ۽ جيڪڏهن هنن ڪاميٽين ابتا ڪم شروع ڪيا ته نواز حڪومت کي وقت کان اڳ ختم ٿيڻ کان ڪو به بچائي نه سگهندو. هي خدمت ڪاميٽيون حڪومت جي ڪاميابي ۽ ناڪامي وچ ۾ هڪ وار کان به سنهي لائين تي بيٺل آهن. هاڻي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو دارومدار هنن ڪاميٽين جي ميمبرن تي آهي ته هو ڪيئن ٿا ڪم ڪن ۽ ڪهڙي پاسي ٿا وڃن؟ هاڻي مسلم ليگ، وزيراعظم نواز شريف ۽ حڪومت جي ساک ۽ مستقبل هنن ڪاميٽين جي رحم ڪرم تي آهي. هنن جون سٺايون حڪومت ۽ وزيراعظم جي کاتي ۾ وينديون ته بدنامي ۽ برايون به هنن جي کاتي ۾ وينديون.
خدمت ڪاميٽين جي قيام سان مسئلو حل ته نه ٿيو آهي پر اصل ڪم هاڻي شروع ٿيو آهي حڪومت انهن جي نگراني ۽ مانيٽرنگ لاءِ اهڙو سسٽم جوڙي جيئن ڪنهن کي به غلط ڪم ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي. جيڪڏهن ڪو ميمبر غلط ڪم ڪري ته ان خلاف هڪدم ڪارروائي ڪندي وزيراعظم جي ان اعلان تي عمل ڪيو وڃي ته اهڙي ميمبر کي ڪاميٽي ۽ پارٽي مان خارج ڪيو ويندو. ترت ڪارروائي نه ٿيڻ سان مسئلو وڌيڪ خراب به ٿي سگهي ٿو. هنن ڪاميٽين جي قيام لاءِ شهر شهر جي ميمبرن جي نامزدگي ڪرڻ وارو ڪم ڊپٽي اسپيڪر جعفر اقبال، وزيراعظم جي مرڪزي خدمت ڪائونسل جي چيئرمين ممتاز احمد تارڙ ڪيو آهي هاڻي به اهي ئي ماڻهو (جعفر کانسواءِ هنن ڪاميٽين جي مانيٽرنگ تي مقرر ڪيل آهن. ميجر جنرل(ر) سڪندر حيات رٽائر فوجي آفيسر هئڻ ڪري تمام گهڻو ۽ وسيع تجربو رکي ٿو خاص ڪري ڊسيپلين جي حوالي سان سندس وڏي هاڪ آهي تنهن ڪري هن کي هنن ڪاميٽين کي سڌي راهه تي هلائڻ لاءِ فوجي انداز سان ڪم ڪرڻو پوندو. تارڙ صاحب ته ويچارو شريف ماڻهو آهي. پراڻو سياسي ڪارڪن آهي. هو انساني حقن جي حوالي سان به ڪم ڪندو رهيو آهي. سياسي ڪارڪنن کي هلائڻ جو تجربو ۽ ٽيڪنڪ هن وٽ آهي ڏسون ته هو ڪيئن ٿو ڪم هلائي. ڪاميٽين جي ڪاميابي جنرل سڪندر ۽ ممتاز تارڙ لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي ڏسون ته هو ڪيئن ٿا اهو ڪم نڀائين؟
خدمت ڪاميٽين کي فحاشي جي خاتمي واري مينڊيٽ سان ٻهراڙين ۾ وي سي آر تي فلم هلائڻ وارن ننڍن هوٽلن وارن ۽ ويڊيو جي دڪانن جي شامت ايندي ۽ گهڻن جا روزگار خراب ٿيندا. ان کانسواءِ خدمت ڪاميٽين کي مڪاني ادارن جا معاملا سنڀالڻ جا اختيار به مليا آهن اهو وڏو اشارو آهي ته حڪومت جو في الحال سال کن تائين مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو ارادو ناهي. دٻيل لفظن ۾ حڪومتي همراهه خود به تسليم ڪن ٿا ته مڪاني چونڊون غير اعلانيا طور سال لاءِ ملتوي سمجهڻ گهرجن. ساڳئي وقت ٿڌو ٿيل شادي جي خرچ وارو معاملو توڙي پهچ کان وڌيڪ ڏاج گهرڻ وارو اشو پڻ هاڻ ڪي قدر ضابطي هيٺ ايندا ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ رڳو پوليس کي اهي ٻئي ڪم ڪرڻا ٿي پيا جن ڏوڪڙ وٺي انهن معاملن تي پنهنجي اک بند ٿي رکي. ساڳئي وقت نواز سرڪار پاران عوامي هنڌن توڙي ٽرانسپورٽ ۾ سگريٽ پيئڻ تي وڌل بندش تي پڻ خدمت ڪاميٽيون عمل ڪرائينديون. ساڳئي وقت اهي عوام کي سندن درن تائين انصاف ڏيارڻ ۽ ٿاڻي تي ترت ايف آءِ آر جي داخلا کي يقيني بڻائينديون.
سنڌ جي حوالي سان ڪاميٽين تي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته ڊويزنل ڪاميٽين ۾ ٽن ليگي ايم اين ايز شوڪت شاهه، پير نور محمد شاهه جيلاني ۽ اعجاز شفيع، ليگي ايم پي اي حاجي امير بخش جوڻيجي ۽ ليگي اڳواڻ امداد چانديو کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي جن مان ٽي ڄڻا شوڪت شاهه، پير نور محمد شاهه جيلاني ۽ امير بخش جوڻيجو ماضي ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ رهيا آهن ۽ اهي هاڻوڪي ڪاميٽين جيان ضلعي گورنمينٽ وارن ويچارن تي عمل ڪرڻ لاءِ پ پ دور ۾ پڻ ڪوششون وٺندا آيا آهن. سنڌ ملڪ جو واحد پرڳڻو آهي جتي جي ٻن ضلعن ٿرپارڪر ۽ شڪارپور جي ضلعي خدمت ڪاميٽين جي چيئرميني اقليتن حوالي ٿي آهي جتي ترتيب وار اقليتي ايم پي اي ڀيرو لال ٻالاڻي ۽ نامياري مسلم ليگي قانوندان جي جي وشنو کي چيئرمين منتخب ڪيو ويو آهي. ساڳئي ريت سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني حيدرآباد ضلعي جي چيئرپرسن شپ وري مسلم ليگي خاتون اڳواڻ بيگم منظر راول پهوڙ حوالي ڪئي وئي آهي. ورتل ابتدائي جائزي موجب خدمت ڪاميٽين جي حوالي سان ڪي قدر مشڪلاتون سامهون اچي سگهن ٿيون ڇاڪاڻ ته مختلف ضلعن يا ڊويزنن ۾ منتخب ٿيل چيئرمين پاڻ ۾ اختلاف رکن ٿا يا وري اهي پنهنجي اتحادين سان اڳ ۾ ئي ٺهيل ناهن. جائزي موجب ميرپورخاص ڊويزن جي خدمت خلق ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ليگي ايم اين اي پير نور محمد شاهه جيلاني جا ٿر جي اربابن ۽ عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعي جي فنڪشنل ليگين سان اختلاف لڪيل ڳالهه ناهن. مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته عمرڪوٽ ضلعي جي ٽنهي سب ڊويزنل ڪميٽين جا چيئرمين فنڪشنل ليگ سان تعلق رکن ٿا جڏهن ته ساڳيو ايم اين اي پڻ عمرڪوٽ ضلعي جي اڪيلي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان ڪامياب ٿيو آهي انهي ڪري عمرڪوٽ ضلعي مان ٻنهي ڌرين جي مخالفت هڪ ٻئي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي. ساڳئي ريت ٿر ضلعي ۾ پڻ خدمت ڪاميٽين ۾ اربابن جي حامين جي اڪثريت نور محمد شاهه جيلاني لاءِ مسئلن جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي. ميرپورخاص شهر وري ايم ڪيو ايم جو هوم گرائونڊ آهي اتان پڻ نور محمد شاهه کي راند کيڏڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ساڳئي ريت ڪراچي ۾ اعجاز شفيع ايم اين اي پڻ ايم ڪيو ايم سان ڏند چڪ ڪندو رهيو آهي. انهي ڪاميٽي ۾ سندس مدد لاءِ مملڪتي وزير حليم صديقي، ليگي اڳواڻ ابوبڪر شيخاڻي، ليگي ايم پي اي عليم عادل شيخ کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، پر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي پاسيرو ڪري مسلم ليگين لاءِ اڪيلي سر ڪم ڪرڻ تمام ڏکيو ثابت ٿيندو. ساڳئي ريت سکر ڊويزن واري خدمت ڪاميٽي جو چيئرمين نواب شاهه سان تعلق رکندڙ ليگي ايم اين اي شوڪت شاهه کي ڪيو ويو آهي جڏهن ته نوابشاهه ضلعي جو چيئرمين وري سيد ڪاظم علي شاهه ٿيو آهي. انهن ٻنهي جا اليڪشن 97ع وقت ظاهر ٿيل اختلاف پڻ ڪنهن کان ڳجها ناهن. ساڳئي ريت جيڪڏهن لاڙڪاڻي ڊويزن ڏانهن نظر ڊوڙائبي ته معاملو ڪجهه اهڙو ئي نظر ايندو جتي جي ڊويزنل ڪاميٽي جو چيئرمين امداد چانڊيو آهي جڏهن ته ضلعي ڪاميٽي جو چيئرمين مسعود کهڙي کي ڪيو ويو آهي جيڪي پاڻ ۾ ويجها نه رهيا آهن ۽ اهي پارٽي اندر توڙي ٻاهر هڪ ٻئي سان اختلاف ظاهر ڪندا آيا آهن.
خدمت ڪاميٽين جي چونڊ دوران ڪجهه دلچسپ معاملا پڻ اخبارن ۾ رپورٽ ٿيا. خاص طور تي ٽنڊوالهيار سب ڊويزن واري خدمت ڪاميٽي جي چونڊ ۾ نظير ٺاڪر قائمخاني کي سندس غير موجودگي ۾ چونڊڻ ۽ سندس ووٽ وري ڪنهن ٻئي ماڻهو پاران استعمال ڪرڻ واري ڳالهه پڻ اخباري خبرن جي زينت بڻي جنهن بعد حج لاءِ سعودي عرب ويل نذير ٺاڪر قائمخاني جي چيئرمين شپ واري چونڊ رد ڪئي وئي. ساڳئي نموني خدمت ڪاميٽي لطيف آباد (حيدرآباد) جي چيئرمين شپ لاءِ ٽيون ڀيرو چونڊ ٿي. ٻه ڀيرا رشيد ناغڙ کي چيئرمين چونڊيو ويو پر سندس مخالفن پڪارون ڪري ٽيهر چونڊ رٿي. ساماري سب ڊويزن واري خدمت ڪاميٽي جي چئرمين جي چونڊ لاءِ وري پکا ڪڍيا ويا ۽ پوءِ ايس ڊي ايم جي پٽيوالي پاران ڪڍيل ڪڻي مان هڪ ميمبر جي قسمت کلي ۽ هو چيئرمين ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
(19 اپريل 1998ع)