بجيٽ جي هوا، موسم جو رخ به بدلائي سگهي ٿي!
96-7-9 تي بجيٽ خير سان پيش ٿي چڪي آهي. 5 کرب 20 ڪروڙ رپين جي ڪل بجيٽ ۾ خرچ به ان رقم جيترا آهن. جڏهن ته حڪومت جي ڪل آمدني 439.2 ارب رپيا ڏيکاريل آهي. آمدني ۾ پهريون دفعو وفاقي پروگرامس لاءِ صوبن کي خود رقم جو بندوبست ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن حد تائين صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت جي زمري ۾ پڻ اچي ٿو. ڪل وفاقي حڪومت جي 439.2 ارب رپين جي وسيلن ۾ صرف 280 ارب خالص وفاقي آمدني آهي، جنهن ۾ نيٽ ڪيپٽل Recipt 26.1 ارب جيڪڏهن ملائبا ته مجموعي طور وفاقي آمدني 306.1 ارب رپيا ٿئي ٿي. باقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ لاءِ 14 ارب صوبن کان ورتا ويا آهن ۽ ساڳئي پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف جي هدايتن جي خلاف ورزي ڪندي 14 ارب رپيا نجڪاري فنڊ مان رکيا ويا آهن. جڏهن ته آءِ ايم ايف جو سخت دٻاءُ هو ته نجڪاري فنڊ جي رقم صرف ۽ صرف قرض ۽ وياج ڀرڻ لاءِ استعمال ڪيو. هن سال 102.9 ارب پرڏيهي قرض ورتو ويندو ۽ نيشنل ڊرينيج پروگرام لاءِ سنڌ ۽ پنجاب کان 2.2 ارب رپيا وٺي بجيٽ پوري ڪئي ويندي. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به خرچ پورا ڪرڻ لاءِ 61 ارب رپين جي وڌيڪ ضرورت آهي جنهن مان 41 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن ۽ 20 ارب رپيا وڌيڪ مقامي بئنڪن کان قرض وٺي ڪم هلايو ويندو.
مٿين انگن اکرن واري بجيٽ کي نوازشريف رد ڪري چڪو آهي ۽ ان بجيٽ کي رد ڪرڻ وارو ٻيو شخص الياس بلور آهي، جيڪو فيڊريشن آف چيمبرز آف ڪامرس جو صدر آهي. مسلم ليگ وارا هن بجيٽ خلاف روڊن تي اچڻ جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ چيمبر آف ڪامرس جي مختلف عهديدارن، واپارين جي تنظيمن ۽ ڪلارڪن جي تنظيم کان سواءِ ليبر يونين سان به رابطا شروع ڪيا آهن. ليگي حلقن موجب جولاءِ کان مسلم ليگ ”روڊ شو“ شروع ڪندي. سرتاج عزيز جو چوڻ آهي ته ”حڪومت 2 سيڪڙو ترقياتي خرچ گهٽائي ڇڏيا آهن. غير ترقياتي خرچ ۽ حڪمرانن جي عياشين جا خرچ بدستور وڌي رهيا آهن. ملڪ جي تاريخ ۾ موجوده حڪمرانن ٻن سالن ۾ جيترا ٽيڪس لڳايا آهن، ايترا گذريل 15 سالن ۾ به نه لڳا آهن.
اها پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به هڪ ئي مهل 41 ارب رپين جا ٽيڪس نه لڳا آهن. هن دفعي جنرل سيلز ٽيڪس جيڪو کاڌي پيتي جي 5 شين کانسواءِ هر شيءِ تي لڳايو ويو آهي، تنهن سان مهانگائي اڃان وڌي ويندي. دوائون خاص ڪري جيڪي روزمره ۽ عام استعمال جون آهن انهن جا اگهه بجيٽ کان اڳ ئي 30 سيڪڙو وڌي ويا هئا، جڏهن ته هاڻي بجيٽ ۾ 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳڻ سبب دوائون اڃان مهانگيون ٿينديون. زرعي شعبو جيڪو گذريل ڪجهه سالن کان گهٽ منافعي سبب زوال پذير آهي، تنهن تي زرعي ٽيڪس 250 رپيا في پيداواري يونٽ مان وڌائي 400 رپيا ڪيو ويو آهي. فرٽيلائيزر ۽ زرعي دوائن تي به 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳو آهي. ڇا ان سان هي شعبو وڌيڪ مضبوط ٿيندو؟ ان جو اصل جواب ته 6 مهينن کان پوءِ ملندو، جڏهن ڪپهه جو فصل لهندو.
صنعتي شعبي سان گڏوگڏ زرعي شعبو به ساڳيءَ طرح متاثر ٿيو آهي. صنعتڪارن وٽ وسيلا آهن، جنهن سبب هو ڀرپور نموني احتجاج ڪري سگهن ٿا پر آبادگار جن کي اڳ ئي پيداوار جو مناسب اگهه نٿو ملي ۽ مٿان وري فصل پوکڻ لاءِ ڪتب ايندڙ شين تي ٽيڪس وڌي رهيو آهي، تنهنڪري امڪان آهي ته هن شعبي تي تمام گهڻا منفي اثر پوندا. هلندڙ ڏهاڪي جو اڀياس ڪبو ته زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جو 20 کان 30 سيڪڙو انگ هن شعبي مان هٿ ڪڍي يا ته ننڍي سطح تي دڪانداري ڪرڻ لڳو آهي يا وري ملازمت ڏانهن آيو آهي، جنهن سبب زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ مين پاور ۾ ڪافي گهٽتائي آئي آهي. جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته ايندڙ 5 کان 10 سالن تائين زرعي شعبو سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويندو.
جيتوڻيڪ حڪومت انهن انگن اکرن ۽ صورتحال کان واقف پڻ آهي پر پوءِ به سڄي معاملي کي ڪئمو فلاج ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. هن ملڪ ۾ ڊگهي مارشل لا کانپوءِ 3 چونڊيل حڪومتن کي مدت پوري ڪرڻ نه ڏني وئي آهي، جنهن سبب چونڊيل حڪومت جي سراسري عمر اڍائي کان 3 سال مس پئي رهي آهي. اها عمر موجوده چونڊيل پي ڊي ايف جي حڪومت پوري ڪري چڪي آهي ۽ بقول ظفرالله جمالي ۽ شيخ رشيد جي ته ”هيءَ حڪومت هاڻي بونس تي هلي رهي آهي ۽ ڪنهن به مهل پي پي حڪمران فرانس ۽ سري (لنڊن) ۾ خريد ڪيل شاهي محلاتن ڏانهن شفٽ ٿي ويندا.“ حڪومت مخالف سياسي پنڊتن جي انهن پيشن گوئين کي حڪومتي حلقا جيتوڻيڪ ڪالهه تائين ڪا اهميت نه ڏئي رهيا هئا پر اڄ ان ڳالهه کي ايڏي بي رخيءَ سان نظر انداز نه پيو ڪيو وڃي.
آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون 30 جون تي ٿي رهيون آهن. جيتوڻيڪ چونڊ مهم محرم جي ماتم کان پوءِ شروع ٿي وئي هئي پر اڄڪلهه ان ۾ تيزي اچي وئي آهي. ڪشميري سياست جي چيمپئن ۽ سدائين صدر يا وزيراعظم جي عهدي تي رهندڙ ۽ رهڻ جا خواب ڏسندڙ سردار عبدالقيوم صدارتي چونڊن ۾ حڪمران جماعت پيپلزپارٽي کي پهرين ملهه ماري ويو آهي ۽ امڪان آهي ته عام چونڊن ۾ به ڪامياب ٿي ٻي ملهه به ماريندو. جڏهن صدارتي چونڊ نئين اسيمبلي بدران موجود اسيمبلي کان ڪرائڻ جي تياري ڪئي وئي هئي ته پاڪستان حڪومت ڪشمير اسيمبلي ٽوڙڻ جي رٿا جوڙي هئي. ان بعد ايوان صدر ۾ ٽرائڪا جي اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جهانگير ڪرامت پنهنجي راءِ ڏيندي چيو هو ته اهڙو ڪو به قدم نه کنيو وڃي جنهن سان ڪشمير ۾ پاڪستان جي مداخلت جو تاثر ملي. ڇو ته ڀارت ان معاملي تي پوري دنيا ۾ واويلا ڪندو.
اڄڪلهه حڪومتي ڌر جا خاص خاص وزير ۽ چئني صوبن جا پ پ اڳواڻ جيڪي ڀليون تقريرون ڪرڻ لاءِ مشهور آهن. تن جي ڊيوٽي لڳي آهي ته هو آزاد ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊ مهم هلائين. سائين خورشيد شاهه ۽ خالد کرل ته ڪشمير جا ريگيولر وزيٽر آهن، گهڻي ڀاڱي ته ڪشميري زبان به سکي ويا هوندا. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو گذريل سال اترين علائقن جي ڪائونسل جي چونڊ مهم ۾ ڀليون تقريرون ڪندڙ مولابخش چانڊيو ۽ نثار هاليپوٽو جي ڊيوٽي پڻ لڳائي آهي. اهڙا ڪارڪن پيپلزپارٽي کي نعرا هڻڻ ۽ سٺيون جذباتي تقريرون ڪرڻ لاءِ ته گهرجن ٿا پر حڪومت هلائڻ لاءِ پيپلزپارٽي هميشه وي اي جعفري، اجلال حيدر زيدي ۽ حسين حقاني جهڙن ماڻهن تي انحصار ڪيو آهي، جيڪي وجهه وٺي کيس نه صرف ڏنگ هڻي وڃن ٿا پر ساڻس همدردي به ڪن ٿا. قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن جو به حشر حڪمرانن وٽ سنڌي اخبارن جهڙو آهي. حڪمرانن جو خيال ۽ چوڻ آهي ته سنڌي اخبارن ۽ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن جو سهڪار ۽ تعاون چونڊ کٽڻ جي حد تائين انتهائي اهم آهي، پر اڳتي وڌڻ ۽ اقتدار جي سيج ماڻڻ تائين انگريزي ۽ اردو پريس سان گڏ بيورو ڪريٽن ۽ ٻين اهم ادارن جي حمايت گهرجي پر جڏهن اٺين ترميم پنهنجو ڪرشمو ڏيکاريندي آهي، ته اسان جي حڪمرانن ۾ هڪ معجزاتي تبديلي رونما ٿيندي نظر ايندي آهي، پوءِ کين سنڌي پريس جي به جمهوريت لاءِ ويڙهه ياد پوندي آهي ۽ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن کي ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائڻ ياد ايندا آهن. هاڻ وري ڪارڪنن جي ڪلهن جي لوڏ ٻڌائي ٿي ته انهن کي پنهنجن اڳواڻن جا قسمتي ڀاڪر نصيب ٿيڻ وارا آهن، جو هوا جي رخ ۾ تبديلي محسوس ڪئي پئي وڃي.
(17 جون 1996ع)