گادي واري شهر ۾ سنڌ اندر تبديليءَ جا چوٻول
گادي واري شهر ۾ چوٻول آهي ته سنڌ ۾ ڪا تبديلي اچي رهي آهي. تبديليءَ جا چوٻول ٻڌجڻ کان پوءِ سنڌ جو گورنر اسلام آباد پهچي ويو آهي ۽ لياقت جتوئي اسلام آباد پهچڻ وارو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايمي وفد ”قائد تحريڪ“ کان هدايتون وٺڻ لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ تبديلي جا چوٻول 20 جون تي نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل ان فيصلي کان پوءِ وڌندا پيا وڃن جنهن ۾ وفاقي گهرو کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهو سنڌ ۾ دهشتگردي ۽ بدامني جي خاتمي لاءِ هنگامي اپاءُ وٺي، ان ڏس ۾ ڪراچي اندر ڪم ڪندڙ رينجرز سميت ٻين فيڊرل فورسز سان رابطو ڪري حڪمت عملي ٺاهي وڃي. سنڌ بابت ڪيل ايڏي وڏي فيصلي وقت سنڌ جي وڏي وزير يا ايم ڪيو ايم کان ڪا به صلاح نه ورتي وئي ۽ صوبي جي معاملن متعلق انتظام ڪرڻ لاءِ وفاقي گهرو کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي. هونئن جڏهن به ڪنهن صوبي سان لاڳاپيل مسئلو قومي اسيمبلي ۾ اٿندو آهي ته وفاقي حڪومت اهو چئي جند ڇڏائيندي آهي ته هي صوبائي مسئلو آهي، وفاقي حڪومت مداخلت نه ڪندي. اهڙي روايت ۽ روش جا 2 تازه ترين مثال پيرمظهرالحق جي اغوا ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس مڙهجڻ وارا معاملا آهن. خورشيد شاهه جنهن سرتاج عزيز کي چيو ته ”پاڻ ٻنهي جا مٿا اهڙا ته لسا آهن (گنجا آهيون) جو ڪا به شيءِ رکبي ته ترڪي پوندي“ تنهن اسيمبلي اندر پير مظهر جي اغوا خلاف احتجاج ڪيو ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کيس بنا دير آزاد ڪرايو وڃي پر چوڌري شجاعت کيس چيو ته اهو صوبائي مسئلو آهي. ٻيو جڏهن حڪومت جي حامي ۽ مخالف زميندار ميمبرن زرعي ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ته سرتاج عزيز کين چيو ته اهو صوبائي مسئلو آهي. مطلب، چوڻ جو اهو آهي ته جڏهن اهڙو معاملو ايندو آهي ته حڪومت چوندي آهي ته ”صوبائي مسئلو آهي“ پر سنڌ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ”نئين حڪمت عملي جوڙڻ“ يعني گورنر راڄ وغيره لاءِ جڏهن مسئلو اچي ٿو ته ان مهل صوبائي مسئلي وارو منطق ختم ٿي وڃي ٿو ۽ صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ ته ٺهيو پر صرف ٺلهي صلاح ڪرڻ به مناسب نٿو سمجهيو وڃي. بهرحال جيڪو به ٿيڻو آهي، اهو سنڌ اسيمبلي مان 98-97ع جي بجيٽ پاس ٿيڻ بعد يعني جولاءِ جي شروعات تائين ٿي ويندو.
خبرون آهن ته تازو جيڪو پيپلزپارٽي ۾ 3 ڄڻن پروگريسو گروپ قائم ڪيو آهي، اهو غوث علي شاهه جي مرضي ۽ ڪوشش سان ٺهيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي 3 وڌيڪ ٻين ميمبرن جو ٽولو به تيار آهي جيڪو پڻ پ پ کي ڇڏي مسلم ليگ جي هٿ تي بعيت ڪرڻ لاءِ تيار آهي. غوث علي شاهه ساڍن ٽن مهينن ۾ اهڙو ته ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي جو هاڻي سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ وارا مسلم ليگ جا محدود رستا اچي هن وٽ ئي کٽن ٿا. پ پ جي نئين 3 واري ٽولي جي سربراهه جو غوث علي شاهه سان رابطو به ٿيو آهي ڇو ته هن کي لياقت جتوئي تي ڪاوڙ اها آهي ته هن سندس حمايت جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي ۽ کيس آسرن تي تڳايو. وفاداريون مٽائڻ ۾ عيب نه سمجهندڙ اهو اتر سنڌ جو شهپري جوان پروفيشنل لوٽو آهي. هو دبئي جي انهن عرب شيخن وٽ به ويو هو جيڪي سنڌ جي وڏي وزير جا دوست آهن. انهن جي سفارش تي به هن جو ڪم نه ٿيو ۽ وزير نه ٿي سگهيو. گذريل ڀيري به هن وزير ٿيڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي پر چاڙهو ڪو نه ٿيو. عرب شيخن ڏانهن وڃڻ ۽ وزير ٿيڻ لاءِ کانئن سنڌ جي وڏي وزير لاءِ سفارش ڪرائڻ جي آئيڊيا هن کي سندس دوستن ٻڌائي ڇو ته ملڪ اسد سڪندر ساڳي ريت وزير ٿيو آهي. اهو نسخو ملڪ سڪندر جي ڪم ته اچي ويو پر ٻئي همراهه کي ڪو نه ڦٻيو.
قومي اسيمبلي ۾ اڄڪلهه ڪو ڏينهن خالي ڪونهي هوندو جنهن ڏينهن الاهي بخش سومري جي خورشيد شاهه يا آفتاب شعبان ميراڻي سان جهڙپ نه ٿيندي هجي. اپوزيشن وارا جيڪا ڳالهه ڪندا آهن ان کي اسپيڪر Rule out ڪري ڇڏيندو آهي. سندس رويو به عجيب هوندو آهي. خورشيد شاهه ته بعد ۾ ساڻس ٻه پاڻي ڪري وٺندو آهي پر آفتاب ميراڻي ويچارو ڪاوڙ مان به ايئن ڳالهائيندو آهي جو سندس ڪاوڙ مان چيل جملا به معصوم هوندا آهن. هڪ هفتو اسپيڪر ۽ اپوزيشن وچ ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تان اٽڪڻ بعد نيٺ هنن بائيڪاٽ ڪيو. جنهن بعد سرڪاري ڌر جي ميمبرن جون ڪيل منٿون ڏسڻ وٽان هيون. ظفر شاهه خورشيد شاهه کي سادات هئڻ جا واسطا پئي ڏنا ته خورشيد قصوري نويد قمر کي سمجهدار ۽ برجستو هئڻ جا راڳ پئي ڏنا. صديق ڪانجو وري ميراڻي، ستار لغاري ۽ آفتاب شاهه جيلاني کي پراڻي پارليامينٽيرين هئڻ جا واسطا پئي ڏنا پر خورشيد شاهه جي هڪ ڳالهه هئي ته ”سومرو ٿيندو ڪير آهي. جيسين معافي نه وٺندو تيسين اجلاس ۾ نه اينداسين“ خورشيد شاهه جو ڏک ڀريو لهجو ڏسي ته پ پ مخالفن کي به ترس پئي آيو. نيٺ رات جو صلح ٿيو، ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ٻئي ڏينهن يعني 20 جون تي اسپيڪر جو رويو بيحد نرم ۽ نفيس هو. هر هر هن ”جناب سائين خورشيد علي شاهه“ چئي پئي پڪاريو. صرف هڪ رات ۾ اسپيڪر جو انداز ئي تبديل ٿي ويو آهي.
قومي اسيمبلي جو هاڻوڪو اسپيڪر ته وڏو خوشنصيب آهي، جو اپوزيشن ڪندڙن ۾ شيخ رشيد ۽ شير علي جهڙا ماڻهو ڪو نه اٿس. نه ته خبر ناهي ڇا ٿئي ها. الاهي بخش سومري جي اپوزيشن سان اهڙي گهري رويي بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد پتو پيو ته هو اڄڪلهه صدر بڻجڻ لاءِ پاڻ کي اميدوارن جي لسٽ ۾ آڻڻ چاهي ٿو. مارڪون ٺاهڻ لاءِ سڀني کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ هن ايئن پئي ڪيو. ان پس منظر متعلق ٻي راءِ اها آهي ته سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه پ پ وارا سومري جي حامي لياقت جتوئي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪن پيا، ان جي بدلي ۾ هن اهو سڀ ڪجهه ڪيو پئي. سندس اهڙي رويي سان ته اڃا سنڌ اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حڪومت خلاف وڌيڪ مشڪلات پيدا ٿيندي ڇو ته قومي اسيمبلي ۾ پ پ جا چند ماڻهو جيڪڏهن ڪجهه نٿا ڪري سگهن ته ان جو رد عمل يقينن سنڌ اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪندا ۽ حڪومت لاءِ ڏچو پيدا ڪندا. بهرحال اها مالڪن جي مرضي ته جيڪو کين وڻي اهو ڪن پر الاهي بخش سومري کي اها گذارش ضرور ڪبي ته هو سنڌ ۽ سنڌين جي مسئلن بابت اٿندڙ اپوزيشن واري آواز کي نه دٻائي ته بهتر ٿيندو.
تازو مير ٿيٻو جي اسلام آباد ياترا کان پوءِ رسول بخش پليجو پڻ گادي واري شهر ۾ آهي. هي سٽون لکجڻ ۽ ڇپجڻ تائين هو شايد هتي ئي هوندو. هن غلام مصطفيٰ جتوئي، خورشيد شاهه، آفتاب ميراڻي، اسفنديار ولي، لطيف آفريدي سميت مشاهد حسين ۽ ٻين سان ملاقاتون پڻ ڪيون آهن. نئين آيل حڪومت جي ڪارڪردگي، ممڪنه تبديلي ۽ مستقبل جي Options متعلق هن جي مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان ملاقاتن بعد اهو پتو پيو آهي ته جي ايڇ ڪيو واري شهر راولپنڊي جي سسٽر سٽي اسلام آباد ۾ پليجو صاحب ڪنهن Assignment لاءِ آيل آهي. ان ڏس ۾ جڏهن ساڻس رابطو ڪيو ويو ته رسول بخش پليجي چيو ته منهنجا دشمن سدائين اهڙي پروپيگنڊه ڪندا آهن. مان وزارتن جو بکيو ناهيان، وزارت ملي ته نه وٺندس ڇو ته سياست کي مون عبادت سمجهيو ۽ اها عشق جيان ڪئي آهي. اسلام آباد اچڻ جو سبب ٻڌائيندي هن چيو ته هو ڪئناڊا ۾ ٿيندڙ ”سانا“ وارن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويزا وٺڻ آيو آهي.
(23 جون 1997ع)