تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

زميندار ڪنوينشن ۽ اسلام آباد وارن جو تجسس

زميندار ڪنوينشن ۽ اسلام آباد وارن جو تجسس

پاڪستان جي ڪل ملڪي پيداوار (جي اين پي) ۾ زرعي شعبي جو حصو 24.6 سيڪڙو آهي ۽ زرعي شعبي ۾ ليبر فورس 44.15 سيڪڙو ڪم ڪري ٿو. يعني ڪل ملڪ جي پورهيو ڪندڙن مان 44.15 سيڪڙو جو گذر سفر زرعي شعبي تي آهي. 91-90ع ۾ زرعي شعبي ۾ ڪل ملڪ جي ليبر فورس جو 47.45 سيڪڙو ڪم ڪندو هو پر 97-96ع جي آخري سروي مطابق 44.15 سيڪڙو ليبر اڄ به هن شعبي سان سلهاڙيل آهن. 99-98ع جي اڪنامڪ سروي مطابق زرعي شعبي ۾ صرف هڪ سال جي سيڙپ 46 ارب رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ڪمند، ڪپهه، ڪڻڪ، چانور ۽ مڪئي هن ملڪ جا مک فصل آهن. پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ پيداوار وڌائڻ جي گنجائش تمام گهڻي موجود آهي پر حڪومتي پاليسين سبب آبادگار پيداوار وڌائڻ جي قابل ناهن. گذريل ڪجهه سالن جو ئي مثال وٺو ته جنهن سال پٽاٽن يا بصر جي پيداوار وڌي ٿي ته اگهه مري وڃي ٿو نتيجو اهو ٿو نڪري ته ٻئي سال پٽاٽا ۽ بصر ٻاهران گهرايا وڃن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته زرعي شعبو پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿو پر ان ۾ سڌارن توڙي بهتري لاءِ ڪڏهن به سنجيدگي سان درست نموني ڪم نه ڪيو ويو آهي. اها هن ملڪ ۽ عوام جي بدقسمتي رهي آهي ته زرعي پاليسي ان شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن بدران صنعتڪار ٺاهيندا آهن. ڪاٽن پاليسي جنرز ٺاهيندا آهن ۽ ڪڻڪ جي پيداوار وارين ڪاميٽين ۾ فلورملز وارن کي شامل ڪيو ويندو آهي. واسطيدار شعبي جي زميندارن توڙي هارين کان ڪڏهن پڇيو به نه ويندو آهي ته ڇا ڪجي. اڄ به ملڪ ۾ آمريڪا ۽ برطانيا مان زراعت ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ سياستدانن جي ڀيٽ ۾ فصلن جي موضوع تي سنڌ جو هاري وڌيڪ ڄاڻي ٿو.
تازو ڪنگري هائوس تي سنڌ جي 250 کان وڌيڪ وڏن زميندارن جو تاريخي ميڙاڪو ٿيو آهي جنهن ۾ پڻ لڳ ڀڳ انهن ئي ڳالهين جو روئڻ رنو ويو آهي. اها به حقيقت آهي ته هاري ۽ زميندار کان ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ ويٺل آڙهتي يا سيٺ وڌيڪ ٿو ڪمائي، آخر ايئن ڇو آهي؟ ان صورتحال کي توازن ۾ آڻن لاءِ مستقل پاليسي جڙڻ گهرجي. سنڌ جي زميندارن اڄ پنجاب کان پاڻي جو پورو حصو وٺڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. سدائين سنڌ جي پاڻي جي جنگ وڙهندڙن ۾ انهن ماڻهن جو ڪردار وڌيڪ رهيو آهي جن وٽ جريب زمين جو به ناهي پر ان طبقي جي مڃتا لاءِ ڪڏهن زميندارن زحمت نه ڪئي، پر حالتن نيٺ کين مجبور ڪيو آهي ته هو اها ڳالهه ڪري رهيا آهن جيڪا سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪنن جو دائمي موقف رهي آهي. زميندارن جي ميڙاڪي ۾ پير پاڳاري کان وٺي علي گوهر مهر تائين سنڌ جا سياسي توڙي غير سياسي زميندار توڙي آبادگار، آڪسفورڊ جا پڙهيل توڙي اڻپڙهيل سڀ گڏ ٿيا. شايد 50 سالن ۾ اهو پهريون دفعو آهي جو زميندارن پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. هن ملڪ جي حاڪم طبقي ۾ صنعتڪارن جو اثر رسوخ نه فقط تمام گهڻو آهي پر جيڪڏهن ايئن چئجي ته زميندارن کان وڌيڪ آهي ته معقول ٿيندو. زميندار وٽ ليبر فورس 44.15 سيڪڙو آهي جيڪڏهن هو احتجاج ڪرائين ۽ جدوجهد ڪن ته هنن وٽ جيترا مفت جا ورڪر آهن ايترا ڪنهن سياسي پارٽي وٽ به ناهن. اڄ پنجاب ۾ تصديق ٿيل ٻج ملي ٿو پر سنڌ ۾ ڪيڙي کاڌل ٻج عام آهي. فصل جو اگهه پنجاب ۾ وڌيڪ ۽ سنڌ ۾ گهٽ آهي ڇو ته پنجاب جي فصل جي ڪوالٽي ڀلي آهي. هاڻي اها ڪوالٽي ڀلي ڪيئن ٿي؟ ظاهر آهي ته Input موزون آهن. اها سهولت سنڌ ته ڇا پر جيڪڏهن بلوچستان کي به ملي ته ڪوالٽي ڇو نه ڀلي ٿيندي؟
سنڌ جي زميندارن لينڊ ريفارمز جي به مخالفت ڪئي ۽ وڌيڪ زمين رکڻ جي حق ۾ اسلام جو حوالو به ڏنو آهي. ڪيترن ئي مذهبي مڪتبه فڪر جو چوڻ آهي ته اسلام ۾ ”جيڪو کيڙي سو کائي“ وارو نظام ڏسيل آهي ۽ زمينداري جو تصور ئي ناهي پر زميندار جڏهن دين ۾ اهڙيون گنجائشون ٻڌائين ٿا ته يقيناً انهن وٽ پنهنجا دليل ۽ ثابتيون هونديون. هڪ لمحي لاءِ جيڪڏهن زميندارن جي ڳالهه کي صحيح سمجهجي ته به سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هو هارين جي حقن جي حمايت ڪندا؟ جيڪي حق پاڻ زميندار پنهنجي لاءِ گهرن ٿا، ڇا هارين لاءِ به هو اهڙا ئي حق گهرندا؟ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڄ جو دور مئنيجمينٽ جو دور آهي ۽ زور ۽ ظلم يا ناانصافي جي آڌار تي هلندڙ روايتون ختم ٿي رهيون آهن. زميندارن کي اڄ نه ته سڀاڻي هاري جي حيثيت ۽ ان جي حقن جي حمايت ڪرڻي پوندي. ان لاءِ زميندار کي هاري ته مجبور نه ڪري سگهندا پر سسٽم ۽ وقت ان کي مجبور ڪندو. 50 سالن کان هارين جي حيثيت ۽ حقن بابت نئين سر قانون سازي نه ٿي سگهي آهي، هن وقت هارين ۽ زميندارن وچ ۾ نئين سماجي قانوني معاهدي جي ضرورت آهي. هارين جي حقن ۾ 50 سيڪڙو اهميت منهنجي حساب سان ان جي عزت نفس جي آهي ته هاري کي عزت ڏيو ۽ انسان سمجهو. جيتوڻيڪ حالتون گهڻي قدر تبديل ٿي چڪيون آهن پر اڃان به ڪجهه اهڙا روايتي ظالم زميندار موجود آهن جيڪي هاري سان گار کانسواءِ ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن، اڃان به اهڙيون اوطاقون ڪٿي نه ڪٿي موجود آهن جتي هاريءَ کي مٽيءَ واري فرش تي ويهڻ جي به زميندار اجازت مشڪل سان ڏئي ٿو. اها سوچ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سڀ زميندار به هڪجهڙا ناهن. زميندار جيڪڏهن هارين جي هارپي ۽ هاري مزدور وارو ڪردار قبول ڪري ۽ ان کي قانوني تحفظ به ڏئي ته زميندارن کي مفت ۾ سياسي فورس ملي ويندو جيڪو سندن سياسي مضبوطي جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.
پير پاڳاري پاران ڪنوينشن گهرائڻ واري معاملي تي هتي هڪ راءِ اها پئي ظاهر ڪئي وڃي ته هن اقتداري سياست ۾ پنهنجا ڪارڊ وڌائڻ لاءِ اهو ڪنوينشن گهرايو آهي جيڪو بظاهر هڪ غير سياسي فورم تان سياسي پريشر به تيار ڪري سگهي ٿو. پير صاحب زميندارن واري غير سياسي فورم کي جيڪڏهن سڀاڻي رڳو پاڻي جي مسئلي تي ئي پنجاب خلاف استعمال ڪيو ته به هتان جي اسٽيبلشمينٽ لاءِ مسئلو کڙو ٿيندو. جيتوڻيڪ زميندار ڪنوينشن جون خبرون هتان جي ”فوجي ميڊيا“ ۾ ته ڊسپلي ماڻي نه سگهيون آهن پر پوءِ به مشرف حڪومت جي مشينري ان ڪنوينشن جو سخت نوٽيس ورتو آهي. ڪالهه غير متوقع طور تي اهڙن ماڻهن مون کان فون ڪري پڇا ڪئي ته آخر اهو ڪنوينشن هاڻي ڇو گهرايو ويو آهي، ڇا اهو فورم اينٽي پنجاب ڪردار ادا ته نه ڪندو؟
حڪومتي حلقن جو خيال آهي ته ”جيئن ته مشرف حڪومت لينڊ ريفارمز ڪرڻ چاهي پئي، وڏيرن ۽ زميندارن کان سرڪاري ڦٻايل زمين واپس وٺي هارين کي ڏيڻ چاهي ٿي، زرعي آمدني تي ٽيڪس لڳائڻ چاهي ٿي، تنهن ڪري ان کان بچڻ لاءِ سنڌ جا زميندار متحد ٿيا آهن.“ حڪومت جي موقف ۾ ڪيترو دم آهي اهو ته وقت ٻڌائيندو پر وقت جي هن مرحلي تي هن ڪانفرنس جي پس منظر بابت هنن جو منطق ڏاڍو سگهارو آهي. سڀاڻي جڏهن زميندارن جي وڌيڪ سوڙهي ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿيا ته زميندارن کي نه فقط پنهنجي بچاءَ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي پر سندن ٿنڪ ٽئنڪ کي پنهنجي نئين فورم تان پنجاب جي مخالفت واري امڪاني الزام کي لاهڻ لاءِ به معقول رٿا بندي ڪرڻي پوندي.
جيتوڻيڪ هن وقت پاور سيڪٽر ۾ زميندار جو ايترو اثر ناهي جيترو صنعتڪار جو آهي ۽ زرعي پاليسي به اڻ سڌي ريت صنعتڪار ئي ڊڪٽيٽ ڪرائيندو رهيو آهي پر ان جو اهو مقصد هرگز ناهي ته ڪو زميندارن جي نمائندگي ناهي رهي. ڏٺو وڃي ته زميندار کي نمائندگي وارو حق ته صنعتڪار کان وڌيڪ مليل رهيو آهي پر ماضي جو تجربو اهو ٻڌائي ٿو ته زميندار سدائين تپيدار ۽ ايس ايڇ او جي بدلين جي عيوض پاليسي سازي واري ڪردار تان هٿ کڻندو رهيو آهي ۽ ڪڏهن به پاليسي سازي ۾ هن پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو آهي. جنهن جي نقصان جي 100 سيڪڙو ذميواري به مٿس آهي. اها فطرت جي تقاضا آهي ته زميندار کي پنهنجي مالي آمدني توڙي سياسي سگهه وڌائڻ لاءِ هاڻي رستو تبديل ڪرڻ گهرجي. هن جو فطري اتحادي هاري آهي، پر ٻنهي فطري اتحادين کي حالتون اتر ۽ ڏکڻ ڪرڻ چاهين ٿيون. وقت جي تقاضا اها آهي ته تپيدار ۽ ايس ايڇ او تي ڀاڙڻ بدران زميندار کي پنهنجي ان فطري اتحادي تي انحصار ڪرڻ گهرجي جيڪو سندس بزنس ۾ ساڻس شيئر هولڊر به آهي. ضرورت رڳو سوچ تبديل ڪرڻ ۽ رويا مٽائڻ جي آهي. هارين کي اهل عيال سميت سرڪار جي ڦٻايل زمين واري حق ملڪيت جيان سمجهڻ وارو رويو تبديل ڪرڻ گهرجي. اهو تمام ڏکيو ڪم ته آهي پر پير پاڳاري جهڙي سيزنڊ سياستدان لاءِ ايترو ڏکيو ناهي. جيڪڏهن هو پنهنجي ساٿي زميندارن کي هارين لاءِ اهڙي سوچ پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾ قائل ڪري ته مسئو حل ٿي سگهي ٿو.
(10 مارچ 2000ع)