تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

اڪثريت جا هيراڪ اقليت ۾ هجڻ ڪري مرڳو سينيٽ کي ئي ختم ڪرڻ چاهين ٿا

اڪثريت جا هيراڪ اقليت ۾ هجڻ ڪري مرڳو سينيٽ کي ئي ختم ڪرڻ چاهين ٿا

سينيٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر حڪومتي سطح تي ڪوششون شروع ٿي ويون آهن. سينيٽ حڪومت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي ان ڪري هن ايوان کي حڪمران تباهه ڪرڻ جي تياري ۾ آهن. اهڙو خدشو ڪالهوڪي سينيٽ جي اجلاس ۾ اپوزيشن وارن ظاهر ڪيو. ان سازش نما خدشي جو کُر پير کڻندي مختلف حادثن ۽ واقعن جون ڪڙيون ملائي جيڪو منظر پيش ڪيو ويو ان مان ته لڳي ٿو ته ڳالهه ۾ وزن آهي. رضا رباني (جنهن کي خالد انور ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جو وڪيل چوندو آهي) تازو وزيراعظم پاران مالاڪنڊ ڊويزن جيڪا فاٽا جو حصو آهي تنهن ۾ عام جلسي کي خطاب دوران سندس ڪيل تقرير تي استحقاق جي رٿ پيش ڪئي. سندس تقرير وزنائتي هئي. قومي اسيمبلي ۾ پ پ وارا اهڙن معاملن بابت جاندار دليل پيش ڪرڻ ته پري پر معاملا اٿارڻ کان به قاصر هوندا آهن پر سينيٽ ۾ ايترا ته هوشيار همراهه آهن جو اردو جي ان محاوري جيان ”بال ڪي کهال“ به لاهڻ جو فن رکن ٿا. رضا چيو ته جڏهن کان وزيراعظم جي خواهش موجب شريعت جي نالي تي اختيار حاصل ڪرڻ وارو آئيني بل (15 هين ترميم وارو بل) سينيٽ مان پاس نٿو ٿئي تڏهن کان نواز شريف سينيٽ خلاف ٿي پيو آهي. بعد ۾ سندس حامي مولوين ساجد، مير ستار نيازي ۽ سميع الحق اها فتويٰ جاري ڪئي ته جيڪو پندرهين آئيني ترميم بل (شريعت بل) جي مخالف ڪري ٿو سو واجب القتل آهي، ان بعد عالمن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم اهو چيو ته اسين ملڪ ۾ اسلامي نطام آڻڻ چاهيون ٿا پر ڪجهه ماڻهو ان جي مخالفت ڪن ٿا، ان لاءِ عوام کي گهرجي ته هو سينيٽرز کي مڃائين.
ٽي ڏينهن اڳ مالا ڪنڊ ڊويزن ۾ تقرير دوران وزيراعظم نواز شريف عوام کي چيو ته سينٽيرز جو گهيراءُ ڪريو، حڪومت اوهان جي مدد لاءِ تيار آهي. وزيراعظم جي عوام کي ڪيل اهڙي اپيل مان يقينن اپوزيشن وارن جي ظاهر ڪيل خدشي کي هٿي ملي ٿي ته وزيراعظم سينيٽ کان واقعي ڪيڏو بيزار آهي. اها سينيٽ جنهن کي بقول اجمل خٽڪ ۽ اسفنديار ولي جي ته نواز شريف ختم ڪرڻ لاءِ آئيني بل تيار ڪرايو هو. اهو آئيني بل هاڻوڪي سينيٽر جسٽس (ر) افضل لون تيار ڪيو هو. افضل لون جيڪو ڪوآپريٽو اسڪينڊل کان وٺي هر مصيبت ۾ ميان صاحبان سان ساٿ ڏيندو اچي، تنهن لاءِ اجمل خٽڪ چيو هو ته ”رات وچ ۾ اقتدار ماڻيندڙن کي ڪهڙي خبر ته هي پارليامينٽ جهڙا جمهوري ادارا ڪيئن وجود ۾ آيا آهن. هنن ادارن جي بحالي ۽ تقدس قائم رکڻ لاءِ اسان کان پڇو جن جي جوانن جيل ڏٺا، ڦاهيون ۽ ڦٽڪا کاڌا.“ اجمل خٽڪ جي ان پراڻي تقرير سان اکين آڏو وري پنهنجي اسڪول جو زمانو تري آيو جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران سنڌ جي ميٽرڪ ۾ پڙهندڙ نوجوانن کي پٺين تي ڦٽڪا هنيا ويا هئا، جڏهن جيلن ۾ کين اپاهج ڪيو ويو هو، واقعي اهي قربانيون تمام وڏيون قربانيون هيون جيڪي پنجاب جي بادشاهن جي خيال ۾ به نه هونديون، پنجاب جي عام ماڻهن ۽ دانشورن جو به ان تحريڪ ۾ حصو هو، اڃا به اڍائي فٽ قد وارو ان وقت جو نوجوان قاضي سلطان راولپنڊي ۾ موجود آهي ۽ 5 نومبر تي نصير الله بابر جي پريس ڪانفرنس ۾ ساڻس ملاقات به ٿي هئي. ان کي لاهور جي شاهي قلعي ۾ لانگ بوٽن وارا همراهه فٽبال جيان ٿڏا هڻندي راند کيڏيا هئا. ان پتڪڙي نوجوان کي بال جيان کڻي ڀتين ۾ هڻندا هئا، سندس ننڍڙو ۽ معصوم جسم جڏهن رت سان ڳاڙهو ٿي ويندو هو ۽ هو بيهوش ٿيندو هو ته هن کي وري مارڻ لاءِ هوش ۾ آڻڻ لاءِ پاڻي ڏيندا هئا. انهن سڀني جي قرباني مارشل لا خلاف هئي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ هئي. جڏهن ضياءُ الحق کين جوڻيجي مرحوم جهڙي جمهوريت ڏني ته هو ان تي به خوش هئا. جنهن بعد بينظير ڀٽو، نواز شريف، بينظير ۽ وري نواز شريف جي جمهوريت ڏسڻ بعد ته انهن همراهن کي اڄ به پڇتاءُ ٿيندو آهي ته هي ڪهڙي جمهوريت آهي؟ شهيد ڀٽي واري جمهوريت هيءَ ناهي ۽ نه ئي هن جمهوريت لاءِ هنن قرباني ڏني هئي. سنڌ جي ڪيترن شهيدن جا ته جمهوريت جو ميوو کائيندڙ نواز شريف توڙي بينظير کي شايد نالا به ياد نه هجن. بهرحال اهو به هڪ دور هو جيڪو جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو دور هو.
ڳالهه پئي هلي سينيٽ جي ته سينيٽ کي اڄڪلهه ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن. سينيٽ هن وقت پاڪستان جي ادارن ۾ واحد ادارو آهي جنهن ۾ چئني صوبن کي برابري جي بنياد تي نمائندگي آهي. هر صوبي جا 19 سينيٽر آهن. وفاق جا 3 ۽ فاٽا جا 8 آهن ۽ اهي سڀ ملائي 87 بڻجن ٿا. ان کانسواءِ هر اداري ۾ پنجاب جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نمائندگي آهي. قومي اسيمبلي کان وٺي ننٺڍڙي کان ننڍڙي اداري جي ملازمن جي ڪوٽا تائين هر اداري ۾ پنجاب جي نمائندگي باقي ٽن صوبن کان وڌيڪ آهي پر هاڻي هن سينيٽ جو سر کڻڻ لاءِ پنجاب وارا حڪمران ئي عمل پيرا آهن ڇو ته هو اڪثريت جا هيراڪ هتي اقليت بڻجڻ کي عيب ٿا سمجهن.
هاڻي جڏهن شريعت بل ان سينيٽ ۾ ڦاسي پيو آهي ته حڪمرانن کي اها ڳالهه نه ٿي وڻي، نواز شريف مالا ڪنڊ جي مذهبي ماڻهن کي اپيلون ٿو ڪري ته سينيٽرز جو گهيراءُ ڪريو، حڪومت اوهان جي مدد ڪندي. ان کانپوءِ سينيٽرن کي جان جا لالا لڳا پيا آهن. مالا ڪنڊ ۾ هن وقت به شريعت موجب فيصلا ٿيندا آهن ۽ باقائده چور جي هٿ ڪپڻ جا فيصلا ٿيا آهن. 1960ع ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيل هن علائقي ۾ صوفي محمد، نواز شريف جي پهرئين دور ۾ جڏهن نفاذ شريعت تحريڪ هلائي ته پوليس جلوس تي گوليون هلائي 4-5 پٺاڻ ماريا، وري ساڳئي صوفي محمد، بينظير جي پوئين دور ۾ تحريڪ هلائي ته ان دور ۾ به گوليون هليون ۽ 4-5 ٻيا ماڻهو مئا. هاڻي ساڳين ماڻهن کي وزيراعظم چئي آيو آهي ته ”وارو ڪيو، شريعت نافذ ڪرڻ لاءِ سينيٽرن جو گهيراءُ ڪيو، سينيٽ شريعت جي نفاذ ۾ رڪاوٽ آهي حڪومت اوهان جي مدد ڪندي.“ اهڙن ماڻهن کي ڄڻ ته هاڻي سينيٽرن خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ هٿي ملي وئي آهي. وزيراعظم نواز شريف جو ته خير آهي. اهو ته خير سياري ۾ به نماز پڙهي ويندو آهي پر شيخ رشيد کي ڏسو جيڪو مون وانگر عيد جي نماز به ”ضرور“ پڙهندو هجي، ان جيڪا مالاڪنڊ ۾شريعت جي حق ۾ تقرير ڪئي آهي سا وڏي جوشيلي هئي. خدا خير ڪري سڀاڻي جيڪڏهن نواز شريف واري شريعت نافذ ٿي وئي ته شيخ رشيد جو ڇا ٿيندو جيڪو اڃا به ڪنوارو ويٺو آهي؟ ڪنوارو ته خير مولانا سميع الحق به آهي جيڪو شريعت بل جي مخالفن کي قتل ڪرڻ لاءِ فتوائون ٿو ڏئي.
پارليامينٽ جنهن جي ڪارڪردگي ان جي مقصد موجب شايد ئي هجي. اتي سواءِ تقرير جي، حلقن جي مسئلن جي ڪم جون ڳالهيون ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن. قومي اسيمبلي جي هڪ ميمبر تي پگهار، جهاز جي ٽڪيٽ ۽ الائونس جي مد ۾ سال ۾ ساڍا چار لک خرچ ٿين ٿا. رهائش، گاڏي، ملازمن جي پگهار وغيره ان کان ڌار آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس جنهن ڏينهن هلندو آهي، هڪ هزار رپيا کين الائونس ملندو آهي. سال ۾ 120 ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس هلندو آهي. 365 ڏينهن مان 120 ڏينهن ڪم ڪندڙ هنن صاحبن کي پگهار پوري سال جي ٿي ملي. 120 ڏينهن جيڪو ڪم ڪن ٿا اهو به 1985ع کان 1998ع يعني اڄ تائين ڪڏهن به 120 ڏينهن ۾ رڳو 300 ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪم نه ڪيو اٿائون. ان حساب سان اڍائي ڪلاڪ روز اسيمبلي هلندي آهي. پاڪستان جو واحد ادارو قومي اسيمبلي آهي،جنهن جا ميمبر 365 ڏينهن مان 120 ڏينهن ڪم ڪرڻ جي باوجود به پگهار سال جي کڻن ٿا ۽ 120 ڏينهن جيڪو ڪم ڪن ٿا اهو به اڍائي ڪلاڪ في ڏينهن جي حساب سان، ساڳئي نموني سينيٽ ۾ سال ۾ 90 ڏينهن اجلاس هلندو آهي ۽ سينيٽرن کي پگهار پوري سال جي ملندي آهي. سينيٽ ۾ 1985ع کان 1998ع تائين رڪارڊ موجب ڪڏهن به 220 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم نه ٿيو آهي. يعني سينيٽر اسيمبلي ميمبرن کان به وڌيڪ مزي ۾ آهن. هو ڏينهن ۾ پوڻا ٽي ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا ۽ ڏهاڙي پوري ٿا وٺن. پاڪستان جا هي واحد ادارا آهن جن کان پڇاڻي جو حق ڪنهن کي ناهي. في سينيٽر تي به سال ۾ لڳ ڀڳ ايم اين اي جيترو خرچ ٿئي ٿو. انهن ادارن جي ڪارڪردگي جيڪا به آهي اها عوام آڏو آهي پر ان جي باوجود به اهڙن ادارن مان سينيٽ جهڙي اداري کي حڪمران قبول نٿا ڪن ڇو ته هنن جي ان ۾ اڪثريت ناهي.
ڪالهوڪي اجلاس ۾ جڏهن هائوس آف لارڊز جو مثال ڏيندي رضا رباني وسيم سجاد کي چيو ته اوهين سر ڪٽايو، جهڪايو نه، ڇو ته سينيٽ خلاف سازش ٿي رهي آهي ته وسيم سجاد چيو ته جيڪو مون کان ٿيندو اهو ڪندس پر ڪنڌ ڪپائڻ جي قرباني نه وٺو. مذاق ۾ چيل وسيم سجاد جو اهو جملو وزيراعظم جي بيان خلاف احتجاج هو. جيڪڏهن سڀاڻي حڪومت واقعي افضل لون وارو سينيٽ جي خاتمي جو بل آندو ته حڪومتي سينيٽرن سميت سڀ حڪومت جي شايد خلاف ٿي وڃن ڇو ته هنن جي نوڪري کي به خطرو آهي. رضا واري سنجيده تقرير کي مذاق ۾ بدلائڻ لاءِ حڪمرانن گهڻي جملي بازي ڪئي. مولانا ستار نيازي هر هر رضا کي پئي ٽوڪيو ته رضا چيس ته ”مولوي صاحب اڄ اوهين حلوو نه کائي آيا آهيو ڇا؟ اها ڪاوڙ مون مان ڇو ٿا ڪڍو؟“ ستار نيازي کي شايد دل سان ڳالهه لڳي. حلوي جي ڳالهه تي ٿڌو ٿي ويو، پر ساهي پٽي وڏي طري واري مولانا وري رضا کي هڪل ڪئي ته رضا انگريزي ۾ چيس ته Do not bebully, I am big bully than you (بدمعاشي نه ڪر، مان تو کان وڏو بدمعاش آهيان) ان بعد نيازي ماٺ ٿي ويو.
ڪالهوڪي اجلاس ۾ نواز شريف جي پيلي ٽيڪسي واري رنگ جهڙو سوئيٽر پائي حسين شاهه راشدي هڪ ٻئي سيد اصغر شاهه سان مذاق پئي ڪئي. ٻئي سيد کل ۾ ٻٽيا پيا هئا. جڏهن حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ جهڙپ وڌي وئي ته سرڪاري بئنچن تي ويٺل حسين شاهه اٿي اپوزيشن ۾ آيو. حسين شاهه جيڪو پيءُ وانگر ڏاهو ماڻهو آهي سو سدائين سينيٽ ۾ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ليگين جا پٽڪا ايئن لاهيندو آهي جو سندس ڳالهين تي ليگي به کلندا آهن. هڪ ٻيو پ پ سينيٽر علي نواز شاهه آهي جنهن شايد ئي زندگي ۾ ڪڏهن سينيٽ ۾ ڳالهايو هجي.
آصف زرداري جيڪو اڊيالا جيل مان ايندو آهي، سو ڪالهه سينيٽ ۾ ڪو نه آيو ۽ محترمه واري چيمبر ۾ سندس ئي ڪرسي تي ويهي ڪچهريون ڪندو رهيو. شايد هن کي به خبر هئي ته هاڻي وري هو اڱاري تي ايندو ڇو ته ڇنڇر ۽ آچر سينيٽ جي موڪل آهي، سومر تي علامه اقبال جي موڪل آهي ۽ سينيٽ جو اجلاس وري اڱاري تي ٿيندو سو به شام جو، جيتوڻيڪ آصف جي طبيعت ۾ جيل بردباري ۽ برداشت پيدا ڪئي آهي، باقي سندس مزاج ۽ حوصلي تي ڪو فرق نه آيو آهي. هن جي مٿي جا وار ڏاڍا تيزي سان ڇڻي رهيا آهن باقي همراهه ڏاڍو هشاش بشاش لڳو پيو هو. صفدر عباسي سميت اڪثر سينيٽرن کي مذاق مذاق ۾ چئي پيو ته اوهان منهنجي حاضرين تي نٿا اچو ۽ نه مون اوهان کي ميار ڏني آهي، ڀلي ادا، توهان جي مرضي.
(7 نومبر 1998ع)