تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ادبي ايوارڊ ڪانفرنس ۽ نظر انداز ٿيل سنڌي ادب

ادبي ايوارڊ ڪانفرنس ۽ نظر انداز ٿيل سنڌي ادب

ڪالهه 16 نومبر تي وزيراعظم ادبي ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب ٿي، پراڻي پرائيم منسٽر سيڪريٽريٽ جي آڊيٽوريم ۾ ٿيل ان تقريب ۾ ملڪ جي سڀني حصن مان سڏايل 200 اديبن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. هڪ ڏينهن واري هن تقريب تي ڊيفالٽ جي ويجهو پهتل ملڪ جي خزاني مان هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي وئي. تعليم واري وزارت، اڪيڊمي آف ليٽرس، اطلاعات کاتي ۽ وزيراعظم جي سيڪرٽ فنڊ مان رقم ڀري پوري ملڪ جي اديبن جو ڪاڄ ڪوٺايو ويو. منجهند جي ماني ميڊاس ايڊورٽائيزمينٽ ۽ رات جي ماني ايم پي ايل اشتهاري ايجنسيءَ پاران اسپانسر ڪيل هئي. اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي 8 کان وڌيڪ هوٽلن، گيسٽ هائوسز ۽ ريسٽ هائوسز ۾ هر هڪ اديب جي عقلي سگهه جي حساب سان ۽ ذاتي واسطيداريءَ واري حساب سان ڪيل ماپ بعد ترسائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. سينيئر ۽ سنگتي اديبن لاءِ ڪارون ۽ پاجارو هيون باقي عام مسڪين اديبن لاءِ ڪوسٽر ۽ بسون هيون. اهي بسون ۽ ڪوسٽر به چڱڙا هئا.
بظاهر هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس کي خرچ پکي جي لحاظ کان ڪاغذن ۾ ٽن ڏينهن جي ظاهر ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ 15 هين نومبر تي وفد رات جو پهتا هئا ۽ 16 تي ڪانفرنس واري تقريب بعد 17 هين تي صبح جو کين واپس موڪليو ويندو پر ڪاغذن ۾ 3 ڏينهن واري ڪانفرنس جو کاتو کوليو ويو آهي. نذير ناجيءَ جي لئي لڳي پئي هئي. تقريب جون ٻه نشستون ٿيون. پهرين نشست ۾ ادب بابت جائزو پيش ڪيو ويو. ان جي صدارت ڊاڪٽر حميده کهڙو ڪئي ۽ خاص مهمان ياسين وٽو هو. خطاب ڪندڙن ۾ اڪثريت اهل زبان وارن جي هئي. پروفيسر عالمگير هاشمي انگريزي ادب تي انگريزيءَ ۾ تقرير ڪئي. سندس لهجو ۽ انداز ڊاڪٽر جي ايم ڀرڳڙيءَ واري انگلش جهڙو هو. سنڌي ادب جي حوالي سان يا اردو ادب سرجيندڙ سنڌي جيڪي نه هئڻ برابر ئي صحيح پر کين نمائندگي نه ملي. 80 کن سنڌي اديبن جي نالي تي آيل سنڌ جي ماڻهن ۾ هن دفعي اڪثريت اديبن جي هئي پر ڪجهه ڪجهه ڀرتي پارٽي به هئي. سٺي ڳالهه اها هئي ته نوجوان اديبن جو انگ به ٺيڪ ٺاڪ هو. پوڙها ۽ پڪا به گهٽ ڪو نه هئا. ارشاد عباسي جو ڪوآرڊينيٽر هئڻ ڪري سڀ کان سٺي ڳالهه اها ٿي جو مسلم ليگ جي دور ۾ ٿيل هن پروگرام ۾ 80 ماڻهن مان 95 سيڪڙو گهرايل اديبن جو تعلق ترقي پسند ڌر سان هو. سدائين سرڪاري فنڪشنز جي هيراڪن کي هن دفعي ڌڪ لڳي ويو هو پر تنهن هوندي به مڙئي نذير ناجيءَ جا اڄوڪي نظرياتي لحاظ کان فٽ ماڻهو به هئا.
هجڻ ته ايئن گهربو هو ته ايڏي وڏي ڪانفرنس جنهن ۾ تقريباً هر ٻولي ۾ لکندڙ اديبن جي نمائندگي هئي. ان ۾ سمورين ٻولين جي ادب جو جائزو پيش ڪرڻ جو سڀني کي موقعو ملڻ گهرجي ها ته جيئن گلگت جي اديبن کي ڪشمور ۽ ڪارونجهر وارن لکارين جي سوچ ۽ سگهه بابت خبر پوي ها. شاعري توڙي نثر جي صنفن ۾ سرجندڙ مختلف ٻولين جي ادب جو سڀني کي اندازو ٿئي ها ته ڪنهن ٻولي جا اديب ڪيئن ۽ ڇا ٿا لکن پر هن ڪانفرنس ۾ اردو، انگريزي ۽ ڪشيمري ادب کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به موقعو نه ڏنو ويو. ان جو شايد سبب اهو هو ته پنجابين جي بدقسمتي اها آهي ته وارث شاهه، شاهه حسين، ميان محمد بخش ۽ بلي شاهه کان پوءِ ڪو به وڏو پنجابي شاعر يا ادب ۾ عبدالله حسين کانسواءِ ٻئي ڪنهن جو به نالو قابل ذڪر Contribution ناهي. پنجابي ادب نه هئڻ ڪري ئي ٻين ٻولين تي Regional literature جو ٺپو هڻي نظر انداز ڪيو ويو. سنڌ جي ناليوارن پوڙهن توڙي نوجوان اديبن جي هيڏي ساري انگ مان ڪنهن کي به وارو نه ڏنو ويو، جنهن تي حميد سنڌي، تاج بلوچ ۽ آغا سليم سميت سڀني پنهنجي منهن احتجاج ڪندي چيو پئي ته سنڌين کي هتي تاڙيون وڄائڻ لاءِ وٺي آيا آهن پر ڪنهن به ماڻهوءَ هلندڙ تقريب ۾ ان حق لاءِ احتجاج نه ڪيو. جڏهن ڪشميري ۽ انگريزي ادب جو جائزو پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته پوءِ سنڌي، بلوچي ۽ پشتو ادب جي جائزي پيش ڪرڻ جي ڪانفرنس ۾ اجازت ڇو نه ڏني وئي؟ اهڙي اڍنگي انتظامي اسٽائيل بعد ته ڪانفرنس ڄڻ فضول پئي لڳي. هن ڪانفرنس مان سمجهه ۾ نه آيو ته اديبن ۽ ادب کي ڪهڙو فائدو پهتو. سواءِ ان شئي جي ته هو وزيراعظم جي دعوت ۾ جهاز ۾ چڙهي اسلام آباد آيا آهن، جهازن ۾ ته خير هونئن به هو چڙهندا آهن.
هن ڪانفرنس ۾ ٿر جي ڏوراهن علائقن جي اديبن ۽ شاگردن کي پهريون دفعو اهميت ڏني وئي هئي. ڪيترا ويچارا ڪو نه پهچي سگهيا پوءِ سندن ٽڪيٽن تي ٻيا همراهه آيا. مجموعي طور ڪانفرنس ۾ آيلن ۾ شاعرن جو تعداد ٿورو سوايو هو. ڇو ته اڄڪلهه شاعر جام آهن. سنڌ ۾ اڃا ڪجهه وڌيڪ آهن. ڪانفرنس ۾ عورتون به ڪجهه هيون. هڪ مائي کير پياڪ ٻار وٺي آئي هئي، جنهن مهل وزيراعظم جي تقرير شروع ٿي ته ٻار دانهون ڪرڻ لڳو.
وزيراعظم شريعت بل جي حق ۾ مهمند ايجنسي ۽ فاٽا ۾ دونهيدار تقرير ڪري آيو هو جنهن سبب ڳلو ويٺل هئس، هر هر کنگهيو پئي. ڪنهن مهل پاڻي پي مڙئي ڪم ٽپائي ويو. سڄي ڏينهن جي پروگرام ۾ شعر رڳو ٻن ڄڻن پڙهيا. شاعر اهڙي جٺ تي دل ۾ شايد ڏاڍو تتل هئا پر ٻڙڪ ڪنهن نه ڪڍي، وزيراعظم هڪ ڪلاڪ دير سان جيئن آيو ته جناح ڪئمپ وارا ٻه اديب اٿيا ۽ سندس آڌر ڀاءُ ڪرڻ لڳا. ٻيا نه اٿيا ته اوچتو قومي ترانو وڄايو ويو جنهن تي سڀني کي اٿڻو پيو ۽ هرڪو هٿ ادب جا ٻڌي اٿي بيهي ترانو ٻڌندو رهيو. نذير ناجي وزيراعظم کي ٻه تجويزون ڏنيون جن بابت وزيراعظم ڪو نوٽيس نه ورتو. هڪ اهو ته چئني صوبن جي گادي وارن شهرن ۾ اديبن جي ويهڪ لاءِ ڪلب قائم ڪيا وڃن ٻيو ته تخليقي ملڪيت بابت نئون قانون پاس ڪيو وڃي.
تقريب ۾ 12 اديبن کي انعام مليا. جن کي انعام ڏنا ويا انهن مان 6 ڄڻا اهڙا هئا جن کي 200 ويٺل اديبن مان شايد ئي ڪو سڃاڻندو هجي. جن انعام ورتا تن مان 4 ڄڻا پاڻ ڪو نه آيا هئا انهن جي مائٽن ايوارڊ ورتا. مظهر الاسلام ۽ احمد فراز سميت شهر ۾ هوندي به ڪيترائي ناليوارا اديب ڪو نه آيا. انور سديد سميت ڪجهه اديبن ڪانفرنس ۾ اهو چئي شرڪت کان انڪار ڪيو ته ملڪ جي مالي حالت خراب آهي. وزيراعظم روز ٿو چندن لاءِ اپيلون ڪري تنهنڪري اسين جهاز جون ٽڪيٽون وزيراعظم جي خود انحصاري فنڊ ۾ ڏيون ٿا. هنن ٻين اديبن کي به ايئن ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي پر سندن ڪنهن نه ٻڌي.
ڪانفرنس ۾ تقريرن جو موقعو نه ملڻ بعد سنڌ جا سينيئر اديب ڄڻ ته بي مزي ٿي پيا هئا. سحر امداد ۽ امداد حسيني جي جوڙي پوري ڪانفرنس ۾ واحد زال مڙس جو اڪيلو جوڙو هو. عطيه دائود ڪراچي مان اڪيلي ڪهي آئي هئي. نور احمد ميمڻ ۽ امداد اوڍو جوڙيدار هئا. تاج بلوچ سميت ڪيترائي شاعر حضرات به انتظامن مان مطمئن نه هئا. جيتوڻيڪ سرڪاري طور تي لامحدود ماني ۽ محدود سطح تي پاڻيءَ جو بندوبست به ڪيو ويو هو پر فيضياب ٿيڻ وارن لاءِ واسطيداريءَ جو شرط لاڳو ڪيو پئي ويو. نياز پنهور جي مٿي ۾ عابد مظهر لڳو جيڪو پنهنجي مٿي جي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ننڍڙي ڳاڙهي ٽوپي پائي آيو هو. هن سان انعام شيخ ڏاڍا چرچا پئي ڪيا ته انعام شيخ جا مضمون آريسر جي اعتراضن جي باوجود وري به ايترا وزندار هوندا آهن جيترو جسماني طور هو پاڻ به ناهي. بخشڻ مهراڻوي، مظهر لغاري، حسن درس ۽ سردار شاهه جي ڌار چوڪڙي هئي. آڪاش انصاري، چاچو شمشير الحيدري ۽ ٻيا سينيئر تاجل بيوس جي ڪلهي تي هئا. نفيس شيخ ڪئمرا کڻي فوٽو پئي ڪڍيا. ادل سومرو هن ڀيري اداس پئي لڳو. دستگير ڀٽي ۽ تاج بلوچ ڪچهريون ڪندا رهيا. نصير مرزا، طارق عالم ابڙي سان گڏ هو ۽ نماڻائيءَ واري انداز سان ”ڀائو“ چئي پئي سڀني سان مليو. ڊاڪٽر نواز علي شوق فل سوٽ ۾ سائين نياز همايوني سان گڏ هو. سڀني مندوبين کي ڪارا ٿيلها مليا. هرڪو هينڊ بيگ هٿن ۾ کنيو ميڊيڪل ڪمپنين جي Reps وانگر پئي ڦريو. ناز سهتو ۽ لالا رحمان سمون پنهنجي دنيا ۾گم هئا ۽ پروفيشنل مشقت ۾ مشغول رهيا. مختيار ملڪ ۽ اياز وارن کي رهائش ٺيڪ نه ملي هئي جنهن ڪري همراهن جو موڊ ٺيڪ نه هو.
ڪانفرنس ته خيرن سان پوري ٿي پر ڪانفرنس جي مقصد جي حوالي سان اڪثر اديبن اهو پئي چيو ته اڌ کان وڌيڪ نامعلوم اديبن سميت 12 ڄڻن کي 14 لک رپين جا روڪ رقم وارا ايوارڊ ڏيڻ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڪري هي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن جو مقصد انعام ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه نه هو. نذير ناجي وزيراعظم کي آسرو ڏنو هو ته اديبن جي خدمت ڪر، هو توکي دعائون ڪندا پر ايڏي خرچ بعد آيل اديبن سان جيڪو ٿيو آهي ان جو ڪٿي الٽو اثر نه ٿو وڃي. ايئن ٿيو ته ناجي جا ٽپڙ رلي ويندا.
(17 نومبر 1998ع)