سرحد ۾ ليگي سرڪار جو “ڌڙن تختو” ٿي سگهي ٿو
سرحد صوبي جو نالو پختونخواهه نه رکڻ واري معاملي تي اي اين پي ۽ مسلم ليگ (ن) جي 9 سالن جو ساٿ ٽٽي پيو آهي. اي اين پي حڪومت کان ڌار ٿي وئي آهي. اي اين پي وارا سرحد اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن سان گڏ ويهڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن ۽ ٻنهي اسيمبلين جي اسپيڪرن کي ڌار سيٽون اسيمبلي اندر الاٽ ڪرڻ لاءِ درخواستون به ڏئي چڪا آهن. اي اين پي جا 3 صوبائي وزير، سرحد ڪابينا ۽ هڪ وفاقي وزير به استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن. اسفند يار ولي پارلياماني سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفا ڏني آهي پر سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمين وارن عهدن تان هنن استعيفائون اڃا ڪو نه ڏنيون آهن.
سپريم ڪورٽ اڄ نواز شريف ۽ سندس 7 پارليامينٽيرين سميت بينظير ڀٽو ۽ ڪجهه وڪيلن ۽ صحافين خلاف هلندڙ توهين عدالت ڪيسن جي ڪارروائي مڪمل ڪري فيصلو ٻڌائڻ جو اشارو ڏنو آهي. توهين عدالت ڪيسن ۾ ڌر بڻيل وڪيلن جن دليل بازي ۾ به حصو ورتو آهي تن جو خيال آهي ته ڪيس سزا جهڙو ڪو نه جڙي سگهيو آهي. سپريم ڪورٽ تي ڪيل حملي واري ڪيس جي سماعت لاءِ چيف جسٽس اجمل ميان پاران ناصر اسلم زاهد جي سربراهي ۾ جوڙيل بئنچ اٽارني جنرل، انسپيڪٽر جنرل پوليس اسلام آباد ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي 2 مارچ تي طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس به جاري ڪيا آهن. هڪ ته سپريم ڪورٽ اندر جيڪو پنهنجو ڪلوز سرڪٽ ٽيلي ويزن نيٽ ورڪ آهي ان ۾ رڪارڊ ڪيل حملي جي سين واري ڪيسٽ عدالت وٽ ئي آهي ٻيو ته بي بي سي واري فلم سميت اخباري خبرن ۽ تصويرن کي به ثبوتن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪيس جو فيصلو سزا واري پاسي ٿيو ته هن ڪيس ۾ 6 کان 8 پارليامينٽيرين نااهل ٿي سگهن ٿا جن ۾ 2 وفاقي وزير به شامل آهن. مبينا طور چيف جسٽس اجمل ميان خلاف عمر جي سرٽيفڪيٽ ۽ سندس گهر ۾ هڪ سال اڳ هڪ نوڪرياڻي سان ڪيل زيادتي وارن واقعن بابت خبرون هلرائي حڪومت ڄڻ ته پنهنجي لاءِ پاڻ محاذ کوليو آهي. سجاد علي شاهه ته هڪدم رد عمل ظاهر ڪيو هو پر چيف جسٽس اجمل ميان ٿڌائپ کان ڪم ورتو ۽ ڪو رد عمل ظاهر نه ڪيو. بينچ جو سربراهه ناصر اسلم زاهد آهي. جيڪڏهن ڪابينا جي 2 ميمبرن سميت حڪومتي ڌر جا ڪجهه سينيٽر ۽ ايم اين ايز عدليا تي حملي جي ڏوهه ۾ نااهل ٿي ويا ته موجوده حڪومت جي سياسي شڪست ۽ تباهي جو ان کان وڏو ڪو ٻيو سانحو نه ٿيندو.
ايم ڪيو ايم پاران اکيون ڦوٽاري حڪومت کي قاتل ڪوٺي احتجاج ڪرڻ بعد اي اين پي جو ڌار ٿيڻ، سپريم ڪورٽ تي حملي جو دٻجي ويل معاملو نئين سر منظر عام تي اچڻ مستقبل ۾ ايندڙ هڪ وڏي بحران جا اشارا آهن جنهن جي جهٽڪن کان نواز حڪومت لاءِ پاڻ بچائڻ شايد ناممڪن هجي. گادي واري شهر جي اهم حلقن ۽ سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته نواز حڪومت جو زوال شروع ٿي ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته 2 ڊسمبر تي هڪ اهم ملڪ جي سفير سان صلاح بعد ملڪ جي جنهن اهم شخصيت صبح جو صدر فاروق لغاري کي اسيمبلي ٽوڙڻ کان منع ڪئي هئي هينئر اهو به حڪومت لاءِ ڪجهه ڪو نه ڪندو. جيتوڻيڪ ان جڏهن صدر لغاري سان پهرين ڊسمبر تي شام جو ملاقات ڪئي هئي ته هن لغاري سان اتفاق ڪيو هو ته سجاد علي شاهه حق تي آهي پر اهڙي سڌ پوڻ تي نواز شريف رات جو ئي ٻن وزيرن کي هڪ سفير وٽ موڪليو جنهن جي فون تي ٿيل رابطي بعد لغاري کي اسيمبلي ٽوڙڻ کان روڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ ان همراهه جڏهن لغاري کي روڪيو هو تيستائين لغاري وٽ اسيمبلي ٽوڙڻ جا اختيار نه هئا پر ملاقات جي هڪ ڪلاڪ بعد جڏهن سپريم ڪورٽ اسيمبلي ٽوڙڻ وارا صدر جا اختيار بحال به ڪيا ته به لغاري پنهنجي اسڪيم تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ۽ استعيفا ڏئي عزت بچائي هئي. ايئن نواز حڪومت کي نئون جنم ڏيندڙ اها ڌر هينئر اهڙو ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
قاضي جي احتساب تحريڪ ۽ بينظير جي حڪومت خلاف تحريڪن جو مقصد به نواز سرڪار هٽائڻ آهي. انهن تحريڪن جي شروعات، اي اين پي جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ، بلوچستان نيشنل پارٽي جو فنڊز جي معاملي تي احتجاج ۽ ڌمڪيون. ايم ڪيو ايم پاران ”رعايتون“ وڌائڻ جا مطالبا ۽ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جا چتاءُ بظاهر ته ڌار ڌار آهن پر مستقبل قريب ۾ انهن جو سلسلو گڏبو.
گادي واري شهر جي اهم حلقن جو چوڻ آهي ته ڪجهه هفتن ۾ سرحد جو وڏو وزير وري شير پائو ٿيندو. اي اين پي ۽ شير پائو ۾ رابطا ٿي چڪا آهن شير پائو 6 ميمبرن جي حمايت جي دعويٰ ڪئي آهي جن ۾ 4 پي پي جا ۽ 2 ٻين ڌرين جا آهن. 32 ميمبر اي اين پي وٽ آهن. 83 سيٽن واري سرحد اسيمبلي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 42 ميمبرن جي ضرورت آهي. اليڪشن ۾ مسلم ليگ سرحد اسيمبلي ۾ 32 سيٽون کٽيون هيون بعد ۾ 5 آزاد ميمبر شامل ڪري هينئر 37 ميمبرن جي پارٽي بڻجي وئي آهي. اي اين پي جا اليڪشن ۾ 28 ميمبر چونڊيا ۽ 5 آزاد ميمبر شامل ڪري هن پنهنجو انگ 32 ميمبرن تائين پهچايو. هن وقت سرحد اسيمبلي ۾ جيڪا پارٽي پوزيشن آهي ان موجب مسلم ليگ (ن) 37، اي اين پي 32، پي پي 4، جوڻيجو ليگ 2، جي يو آءِ (ف) هڪ ۽ 3 اقليتن سميت آزاد 4 ميمبر آهن.
آفتاب شير پائو جنهن صابر شاهه حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ مبينه طور مهراڻ بئنڪ جي اڪائونٽ سميت پنهنجو بئنڪ بيلنس به استعمال ڪيو هو ان لاءِ وڏو وزير ٿيڻ جي هن وقت آئيڊيل صورتحال آهي. 8 ميمبرن جي حمايت جي هو دعويٰ ڪري ٿو ۽ 32 ميمبر اي اين پي وٽ آهن 40 اهي ٿي ويا. باقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 2 ميمبر گهرجن جيڪي ”حاصل ڪرڻ“ ڪو مهانگو سودو ناهي. جيڪڏهن شير پائو جي دعويٰ غلط هجي ۽ هن وٽ 4 ميمبر جيڪي آهن اهي ئي ليکيون ته به اي اين پي سان ملائي 36 ميمبر ٿين ٿا ان صورت ۾ 6 ميمبر کٽن ٿا. اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پي پي جي سابق اتحادين يعني جوڻيجو ليگ ۽ فضل الرحمان جا ملائي 3 ميمبر ٿين ٿا ۽ اڃا به 4 اهڙا آزاد ميمبر باقي بچن ٿا جن ۾ هڪ ته تحريڪ انصاف جو محسن علي خان آهي اهو هينئر به اپوزيشن ۾ آهي ۽ شير پائو سان همدردي رکي ٿو باقي 3 اقليت وارا آهن. انهن کي وزير به بڻايو ويو ته هو خوشي سان ايندا. ان صورتحال کي ڏسڻ بعد اهو بلڪل ممڪن آهي ته ڪنهن به وقت سرحد ۾ نواز ليگ جي حڪومت جو تختو ڌڙام سان ڪري پوندو.
جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ته ان جو ٻيو رخ اهو آهي ته اي اين پي ۽ شير پائو اپوزيشن ۾ ويهندا ۽ نوابزده محسن علي خان اڳ ۾ ئي اپوزيشن ۾ آهي ان صورت ۾ 37 ميمبر ته هي ٿين ٿا ۽ حڪومت وٽ ان صورت ۾ 46 ميمبر بچن ٿا. وڏو وزير اڪثر سرڪاري مصروفيتن سبب ٻاهر هوندو آهي ۽ ڪارروائي ۾ نه ايندو آهي. باقي ڪابينا جا ڪجهه ميمبر به پرڏيهي ۽ ڏيهي دورن ۽ مصروفيتن سبب غائب رهندا آهن. اهڙي صورت ۾ اسيمبلي اندر ڪنهن به معاملي تي ووٽنگ دوران حڪومت کي شڪست جو خدشو موجود رهندو. سرحد اسيمبلي جو اسپيڪر هن وقت اي اين پي جو آهي. اهو به حڪومت کي رعايت نه ڏيندو. هو ايئن ڪندو ته حڪومت هن کي ڪيئن برداشت ڪندي ظاهر آهي ته هو تبديل ٿيندو هو جيڪڏهن تبديل ٿئي ٿو ته پوءِ اي اين پي ماٺ ڪيئن ڪندي؟ سرحد سرڪار ڊٺي ته نواز سرڪار سياسي منظرنامي ۾ موجوده منزل تان ٻه ڏاڪا هيٺ بيٺل هوندي.
(27 فيبروري 1998ع)