تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

نيٺ گونگي ڳالهايو...!

نيٺ گونگي ڳالهايو...!

جڏهن کان 14هين ترميم ذريعي پارٽي پاليسيءَ خلاف ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ ميمبرن کي نااهل ڪرڻ واري سزا تجويز ڪئي وئي هئي تڏهن کان وٺي هيستائين پارٽي پاليسيءَ جي خلاف ورزيءَ جا ٽي واقعا ٿي چڪا آهن. هڪ واقعو بلوچستان ۾ ٿيو جتي بي اين پي کان بنگلزئي گروپ ڌار ٿيو. ان کي اليڪشن ڪميشن جائز قرار ڏنو. ٻيو واقعو سرحد ۾ ٿيو جتي اي اين پي جي ميمبر گيان سنگهه بغاوت ڪئي. ان کي اليڪشن ڪميشن نااهل قرار ڏنو. ٽيون واقعو شريعت بل واري مسئلي تي حڪومتي پارٽي مسلم ليگ ۾ ٿيو. جڏهن نواز شريف شريعت جي نالي آئين ۾ 15 هين ترميم جو بل آندو ته خورشيد محمود قصوري، جنهن جي والد ون يونٽ خلاف ڪيس عدالت ۾ لڳائڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو هو ته ”آءٌ ون يونٽ خلاف آهيان پر اهو پنجابين ٺاهيو آهي، پنجابي هجڻ ڪري سنڌ وارن جي درخواست تي ڪيس لڳائيندس ته مون لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا.“ تنهن مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊجڻ بعد جڏهن پارلياماني پارٽي ۽ پارليامينٽ اندر 15هين ترميم جي کلم کلا مخالفت ڪئي ته ڪراچيءَ وارو ليگي ميمبر اعجاز شفيع ۽ مسلم ليگ جا 32 ميمبر شريعت بل خلاف اٿي کڙا ٿيا. خورشيد قصوري ته استعيفيٰ به وزيراعظم آڏو رکي پر وزيراعظم 14هين ترميم هوندي به سندس خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهيو.
حڪومتي ميمبر جن ۾ وزيراعظم جو ڀيڻويو شير علي به شامل آهي، انهن باقاعده شريعت بل تي اسٽينڊ ورتو. جڏهن نواز شريف لنڊن ۾ الطاف سان ملي لياقت جتوئي حڪومت لاءِ جيئدان وٺي آيو ته ان جي به هن گروپ مخالفت ڪئي هئي. اعجاز شفيع جڏهن اسيمبليءَ ۾ چيو ته هي ڪهڙي حڪومت آهي جيڪا پارٽي اڳواڻن جو تحفظ نه ٿي ڪري. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم سان اليڪشن ۾ مقابلو ڪندڙ ليگ جا ٽي ٽڪيٽ هولڊر مارجي ويا آهن، پر حڪومت ڪجهه نه ڪيو آهي. جنهن تي ليگي ميمبرن گذريل هفتي شيم شيم جا نعرا هنيا هئا. آهستي آهستي حڪومتي ڌر ۾ پيدا ٿيل اهڙن اختلافن رکڻ وارن ميمبرن خلاف وزيراعظم به ڪارروائي نه ڪري سگهيو آهي شايد هن کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن هن ڪنهن هڪ ميمبر کي به نااهل قرار ڏياريو ته سندس خلاف پارٽيءَ ۾ بغاوت ٿيندي. وزيراعظم جي ان خدشي ميمبرن کي ڪافي حوصلو بخشيو آهي. اهو ئي حوصلو هو جو ڪالهه جڏهن ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي قومي اسيمبلي ۾ بحث شروع ٿيو ته اسپيڪر الاهي بخش سومري بحث جي اجازت نه ڏني. خورشيد شاهه ڏاڍيون منٿون ڪيون پر اسپيڪر بحث لاءِ نه مڃيو. اسفند يار ولي ۽ نويد قمر به اسپيڪر کي ايلاز ڪيا پر هن ڪو نه مڃيو. نيٺ وفاقي وزير مجيد ملڪ اٿيو ۽ چيو ته ڪراچي واري مسئلي تي بحث ٿيڻ گهرجي ۽ اهو بحث سڀاڻي ڪرايو پر هن ايم ڪيو ايم کي چيوته دهشتگرديءَ جو الزام ايجنسين تي نه هڻو. ان بعد گوهر ايوب، جيڪو سڌو سنئون ماڻهو آهي تنهن اسپيڪر کي سچ چئي ڏنو. هن چيو ته مان جڏهن اسپيڪر هئس ته 9 ڏينهن پوائنٽ آف آرڊر تي ڪارروائي هلائي. اوهان معاملي تي بحث ڪرايو. اهي لفظ ٻڌي حڪومت جي شريعت بل جي مخالف گروپ ۽ اپوزيشن وارن زوردار نموني ڊيسڪون وڄايون. انهن ميمبرن جا ڊيسڪن تي لڳندڙ ڌڪ ان مهل شايد اسپيڪر کي ڏکيا لڳي رهيا هئا جو هن گوهر ايوب کي چيو ته آئون اوهان وارو ڪم نه ڪندس. ان تي هڪ صحافيءَ چيو ته اسپيڪر ڪالهه سلامتي ڪائونسل واري رٿ جي حمايت ڪئي آهي. هن کي نواز شريف سان ته ڪا همدردي شايد هجي پر هو لياقت جتوئيءَ جي ڪري پريشان آهي.
گوهر ايوب کي اسپيڪر ڇڙٻ ڏني ته حليم صديقي اٿيو ۽ ڪاوڙ مان چيائين ته مان وزير طور نه پر ڪراچي جي چونڊيل ميمبر طور ٿو ڳالهايان. 10 سيڪڙو ماڻهن پوري ڪراچيءَ کي يرغمال بڻائي رکيوآهي. روز دهشتگردي ٿا ڪن. ماڻهو ٿا مارين، مون کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندا ته وزارت ڇڏي ويندس پر حلقو نه ڇڏيندس. ان تي اسپيڪر جيڪو بحث نه ڪرائڻ جو پهه ڪري چڪو هو سو حليم صديقيءَ واري وزارت ڇڏڻ جي ڌمڪي بعد پريشان ٿي ويو. حليم صديقي احتجاج ڪندو رهيو ۽ ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪري رهيو هو ته اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪرائي ڇڏي. ان دوران اعجاز شفيع چيو ته روز ماڻهو مرن ٿا، ڪالهه 45 ڪارون ساڙيون ويون، 146 ڪارون ڦريون ويون. ماڻهن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي. اسين حق ٿا گهرون. اهو حڪومت جو فرض آهي، مهرباني ناهي. اعجاز شفيع ۽ حليم صديقيءَ جي حمايت ۾ عدنان اورنگزيب، رانا تنوير ۽ گورهر ايوب وري اٿيا ۽ اسپيڪر کي چيائون ته جڏهن حڪومتي ڌر چوي ٿي ته پوءِ اوهان بحث ڇو نه ٿا ڪرايو؟ اوهان جو ڪم هائوس جي ڪارروائي هلائڻ آهي. انهن جملن تي اسپيڪر سومرو وڌيڪ ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين ته مان ڪراچي مسئلي بابت بحث اڄ ڪرائڻ بابت ووٽنگ ڪرائيندس. هن چيو ته جيڪي ميمبر بحث اڄ ڪرائڻ جي حق ۾ آهن اهي اٿي بيهن، ان تي اپوزيشن وارا اٿيا. گوهر ايوب سڀني کان اڳ اٿيو. اعجاز شفيع ۽ حليم صديقيءَ سميت ڪيترائي حڪومتي ميمبر پڻ اٿيا. جڏهن ته ظفر علي شاهه سميت ڏهه ليگي ميمبر نه اٿيا. اوچتو اسپيڪر سومري ۽ گوهر ايوب جي انائن سبب جيڪا صورتحال پيدا ٿي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت وارا بلڪل تيار نه هئا. راجا نادر اڳ ۾ ته ميمبرن کي ويهي رهڻ جا اشارا ڪندو رهيو پر گوهر ايوب کي بيٺل ڏسي هو پاڻ به اٿي بيٺو. ايم ڪيو ايم وارا جيڪي بحث جي حق ۾ نه هئا اهي به اٿيا ڇو ته هنن جي هڙتال واري ڏينهن تي بحث سبب هنن کي خبر هئي ته گاريون کين ئي ملنديون. اسپيڪر جي بي وسي ان مهل ڏسڻ جهڙي هئي.
بحث شروع ٿيو ته اڌ کان وڌيڪ مسلم ليگي ميمبرن نالو وٺڻ کانسواءِ اشارن ۾ ايم ڪيو ايم کي دهشتگرديءَ جو ذميوار قرار ڏنو ۽ لياقت جتوئيءَ جي ناڪامي جو ذڪر ڪندي سندس استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. اهو پهريون دفعو هو جو حڪومت وارا حڪومت جي پاليسيءَ جي ابتڙ اٿي بيٺا ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ تي بحث ڪرائڻ لاءِ ووٽ ڏنو. اڳ ۾ ته اعجاز شفيع ۽ خورشيد قصوري سميت ڪيترائي ميمبر شريعت بل تي حڪومت جي مخالفت ڪندا هئا پر قومي سلامتي ڪائونسل جي تجويز کان پوءِ هنن ٻنهي گونگن کي ڄڻ زبان ملي آهي. جيڪي ميمبر 17 مهينن کان ماٺ هئا اهي کلم کلا اڄ لياقت جتوئي جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪن ٿا ته سڀاڻي وزيراعظم جي استعيفيٰ جو به مطالبو ڪري سگهن ٿا. سينيٽر اڪرم ذڪي، ايم اين اي اعجاز شفيع، خورشيد قصوري، خود الاهي بخش سومرو آرمي چيف جي سلامتي ڪائونسل ٺاهڻ جي تجويز جي حمايت ڪري چڪا آهن پر پوءِ به وزيراعظم 14هين ترميم جي مڏي ڪاتي مٿن هلائڻ لاءِ نٿو سوچي ڇو ته هن کي نتيجن جي خبر آهي. آرمي چيف واري بيان بعد حڪومتي ميمبرن کي ڄڻ زبان ملي آهي ۽ امر جليل جي ان ناول جيان ته ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ وارو منظر نظر اچي رهيو هو پر ڇا سڀاڻي هي گونگا وڌيڪ نه ڳالهائيندا ڇو ته جڏهن نثار ايم ڪيو ايم کي گناهن کان پاڪ هئڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ته ان بعد ٻين ميمبرن کي پارٽي پاليسي کي فالو ڪرڻ گهربو هو پر هنن ته ڪالهه دهشتگردي جو ذميوار ايم ڪيو ايم کي قرار ڏنو آهي. شجاعت به ايم ڪيو ايم کي ذميوار سمجهي ٿو. نثار ۽ شجاعت اسيمبلي جي فلور تي پنهنجو موقف پيش ڪيو هو. ٻنهي جي موقف ۾ تضاد آهي. ٻنهي مان ظاهر آهي ته هڪ ته غلط هوندو، نيٺ ڪهڙو غلط آهي. اسيمبلي ۾ ڪنهن ڪوڙ ڳالهايو؟ اهو سوال اڄ تائين اپوزيشن وارن ته خير ڪو نه اٿاريو آهي پر لڳي ٿو ته حڪومتي ڌر جي مجاهدن مان ئي ڪو اٿاريندو.
ڪالهوڪي ڪارروائي دوران حڪومتي پارٽي جي ميمبرن جون تقريرون ايم ڪيو ايم ڏانهن حڪومتي پاليسي جي بلڪل خلاف هيون. جيڪڏهن اهي کين ڦٻي ويون ته سڀاڻي هنن جو ٽارگيٽ سنڌ حڪومت نه پر ڪجهه ٻيو هوندو. ڪالهه ته حڪومتي ميمبرن ڪراچي مسئلي جي اوٽ ۾ لفظن سان سنگ بازي لياقت تي ڪئي آهي پر هاڻي عنقريب هو ميان کي به معاف نه ڪندا.
(8آڪٽوبر 1998ع)