تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

هن تسلسل کي ڇا چئجي؟

هن تسلسل کي ڇا چئجي؟

ماضيءَ جي حڪمرانن جيان هاڻي صدر جنرل پرويز مشرف به اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته ”عوام صبر ڪري رات وچ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ نٿو ڪري سگهجي.“ جڏهن ته اڄ کان 30 مهينا اڳ اقتدار سنڀالڻ وقت صدر مشرف چيو هو ته هو سڀ ڪجهه جلد بهتر ڪري ڇڏيندو. بهتر ڇا ٿيو آهي؟ ان سوال جو جواب اسين عوام تي ڇڏيون ٿا، جيڪو بهتر منصف آهي. سياسي حڪومتن جي زماني ۾ حڪمران پنهنجي سويلين يارن دوستن کي ٺٺ ڪرائيندا هئا ۽ هاڻي شايد ئي ڪو سول ادارو هجي، جنهن ۾ رٽائرڊ فوجين کي اهم عهدا نه مليا هجن. آزاد ڪشمير جي صدارت هجي، وفاقي وزارتون هجن يا سرحد جي گورنر شپ، پي ٽي سي ايل هجي يا پاسڪو، ڪي پي ٽي هجي يا پورٽ قاسم، ريلوي هجي توڙي نيشنل هاءِ وي هر طرف رٽائرڊ فوجي ڀائرن کي نوڪريون مليون آهن، سياسي حڪومتن تي اهڙا ڪم ڪرڻ سبب ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا، ڪيس ٺاهيا ويا. بهرحال هاڻ ساڳئي سلسلي کي ڇا چئجي؟ اهو به عوام تي ڇڏيون ٿا. موجوده حڪومتن ۾ بجلي، گئس، تيل ۽ فون جا اگهه ٽي ٽي دفعا وڌايا ويا آهن ۽ پوءِ به حڪومت چوي ٿي ته ”غربت جو خاتمو اولين ترجيح آهي!“
جيڪڏهن 30 مهينن جي مشرف حڪومت جي ڪارڪردگي تي نظر وڌي وڃي ۽ هر شعبي جو جائزو ورتو وڃي ته ڪهڙي تبديلي آئي آهي سواءِ استاد دامن جي هن شعر ”پاڪستان ديان موجان ئي موجان، جدر ويکو فوجان ئي فوجان“ کانسواءِ ڪا تبديلي نظر نٿي اچي. بلدياتي نئون نظام ڪنهن حد تائين سٺو عمل هو، پر ان جا نتيجا بهتر ناهن نڪري سگهيا. گهوٽڪي ضلعي ۽ لوهي يونين ڪائونسل جي ناظمن گرلز اسڪول بند ڪرائي زوري قبضو ڪري اسڪول کي ناظم جي آفيس ۾ تبديل ڪيو ته به ان جو ڪو نوٽيس نه ورتو ويو. اين آر بي وارن کي آگاهه ڪيو ويو، پر هنن وٽ شايد وقت نه هو. بهرحال اهڙا کوڙ واقعا هوندا، هر ضلعي هر شهر ۽ هر يونين ڪائونسل ۾ زيادتين جا داستان عوامي زبان تي عام هوندا، ڇا نئون نظام انهن جي زخمن تي پها رکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي!
گادي واري شهر جي ڊرائنگ رومز ۾ ”سازشي عناصرن“ وري هاڻي اهي ڳالهيون عام ڪرڻ شروع ڪيون آهن ته ”حڪومت جا پويان پساهه آهن“. انهن ”عناصرن“ جي راءِ آهي ته گوادر پورٽ جي تعمير ۾ تڪڙ ۽ چين کي اهو ڪم ڏيڻ واري حڪومت جي پاليسي سبب آمريڪا خوش ناهي. ان ڌر جو چوڻ آهي ته جڏهن آمريڪي لاش ڍوئي ٿڪجي پيا هئا، تڏهن آمريڪي عملو واپس نه گهرايو، پر اسلام آباد جي چرچ ۾ 2 آمريڪي مرڻ تي عملو واپس گهرائڻ وارو انداز شايد گوادر جي سنگ بنياد تي ناراضگي جو اشارو آهي. جيتوڻيڪ ميڪسيڪو کان موٽندي صدر بُش سان صلاح بعد ڪولن پاول صدر مشرف کي فون ڪري چيو هو ته ”عملو واپس گهرائڻ اوهان جي حڪومت تي عدم اطمينان ناهي.“ پر پوءِ به ڊرائنگ روم جا سازشي ان کي انتهائي معنيٰ خيز قرار ڏئي رهيا آهن.
اخباري خبرن موجب ملڪ جي حساس اداري ”آءِ ايس آءِ“جي ري اسٽرڪچرنگ، افغان ڊيسڪ ۽ سياسي سيل تقريبا ختم ڪرڻ، ڪشمير سيل محدود ڪرڻ، عملو واپس ڪرڻ، فنڊز گهٽائڻ واري مسئلي تي به اقتداري حلقن ۾ ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي. اهي ڊرائنگ رومي عناصر اهو به چون ٿا ته ”هاڻي اهم فيصلن ۾ فيصلائتن فورمز تي اختلاف راءِ وارو رجحان وڌي رهيو آهي.“ ايوب خان سان اختلاف ڪري بنگلاديش جي ڳالهه ڪندڙ حسين شهيد سهروردي جي شايد ڀاڻيجي بيريسٽر ۽ وزير قانون شاهده جميل ۽ مذهبي معاملن وارو وزير غازي به ريفرنڊم واري سوال تي اختلاف راءِ رکن ٿا. باقي شوڪت عزيز ۽ زبيده جلال وزيراعظم جي آسري سبب هر معاملي ۾ هائوڪار ڪن ٿا. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته جنرل مشرف وڏي پئماني تي فوجي ۽ سويلين سطح تي ڪامورڪي ۽ ڪابينا ليول تي ردوبدل ڪرڻ وارو آهي. مالڪ ڪانسي تي به اڄ ڪلهه قسمت جي ديوي ناراض آهي. انٽيليجنس وارن تي ته صدر هونئن ئي ناراض آهي. هيستائين ڪيل خطابن ۾ شايد ٽيون دفعو هو ايجنسين جي ڪردار تي عدم اطمينان ظاهر ڪري چڪو آهي، ٿي سگهي ٿو اهو ئي سبب هجي جو صدر مشرف پنهنجي هم ڪلاسي طارق عزيز، جيڪو سندس پرنسپل سيڪريٽري به آهي. ان ذريعي اهم سياسي ٽاسڪ پورا پيو ڪري. اهو الائي ڪنهن جو ڪارنامو آهي ته ٽيون دفعو نصرالله، امين فهيم ۽ ٻين کي پنجاب بدر ڪيو ويو آهي. اي آر ڊي کي جلسا ڪرڻ نٿا ڏنا وڃن ۽ جماعت اسلامي کي پروٽوڪول ڏئي اجازت ڏني وڃي ٿي. ان لاءِ به ”ڊرائنگ روم عناصر“ چون ٿا ته ”اهڙن عملن سان ملڪي توڙي عالمي سطح تي اهو پيغام ڏنو وڃي ٿو ته هڪ دفعو ٻيهر بنياد پرستن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. ڊرائنگ رومي عناصر رڳو ان تي بس نٿا ڪن پر اهو به چون ٿا ته ”صدر مشرف جا اهي صلاحڪار بينظير ۽ نواز شريف کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ اهڙا ته فيصلا ڪرائين ٿا جيئن هو مجبور ٿي اهڙو ڪارڊ کيڏن. جنهن سان هٽ ئي چٽ ٿئي.“ اڄ 6 سالن تائين نواز ۽ مشرف حڪومتون بينظير کي ڪنهن ڪيس ۾ سزا ڏئي نه سگهيون ته آخر هن کي آئوٽ ڪيئن رکي سگهن ٿيون؟ ڏنڊي ۾ طاقت ضرور آهي پر ان طاقت جي غلط استعمال جا نتيجا بنگلاديش جي صورت ۾ سامهون اچي چڪا آهن. سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته ”بينظير ڀٽو کي جيڪڏهن ديوار سان لڳايو ويو ته هوءَ سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي ۽ پيرپاڳارو جيڪو اڄڪلهه بيمار آهي. اهو اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهي ته هي قومي فوج ناهي، جيڪڏهن پاڳارو بينظير سان گڏجي بيٺو ۽ پنجاب لاءِ ڌار ٽي وي جي ڳالهه ڪندڙ جاڳ پنجابي جاڳ جو نعرو هڻندڙ نواز شريف به ساڻن گڏ بيٺو ته بقول خورشيد شاهه جي ته ميان اظهر واري ليگ، طاهر القادري، عمران خان ۽ فاروق لغاري جهڙا همنوا ته ٺهيو پر خود حڪومت جا ”پنهنجا“ به کيس بچائي نه سگهندا.“
سياسي پنڊت چون پيا ته جنرل مشرف جيڪڏهن صدر ٿيڻ لاءِ ريفرنڊم ڪرائي ۽ بينظير ڀٽو، نواز ليگ ۽ جماعت اسلامي کي اعتماد ۾ نه ورتو ته 83ع جهڙي تحريڪ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر عوام بمقابله اسٽيبلشمينٽ اچي.
”ميرا لونگ گواچا“ وارو مشهور گيت ڳائيندڙ مسرت نذير جو ڀيڻيوو سيد افتخار گيلاني اڄڪلهه صدر مشرف کي اهڙا ته آئيني ۽ قانوني مشورا ڏئي رهيو آهي جو تازو هڪ ڊنر ۾ شريف الدين پيرزادو به شرمائي رهيو هو. پيرزادو ريفرنڊم واري سوال تي منجهيل هو ۽ سندس انداز ان سوال تي فيصلائتي فورمز تي سخت اختلافن هئڻ جو اشارو ڏئي رهيو هو. شريف الدين جو خيال آهي ته اڃا اهو طئي ناهي ٿيو ته ريفرنڊم ڪرايو وڃي يا نه. اپريل فول ڊي تائين صدر مشرف وري غير اعلانيه مشيرن سان مشورو ڪري پوءِ فيصلو ڪندو ته ريفرنڊم ٿيڻ گهرجي يا نه، جيڪڏهن ريفرنڊم ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو ته پوءِ اهو ئي ٿيندو ته ووٽ ڪير ڏئي. ملڪ جا ساڍا 6 ڪروڙ ووٽر ووٽ ڏين يا 20000 جي لڳ ڀڳ ضلعي، تعلقي ۽ يونين ناظم ۽ نائب ناظم ووٽ ڏين. جيڪڏهن ريفرنڊم ٿيو ته عام چونڊن تي فرق پوندو ۽ خبر ناهي ته حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ ڪهڙو ٿي فيصلو ڪري. چوندا آهن ته Man proposes God disposes (بندو سوچيندو آهي ۽ ڪندو الله آهي).
(25 مارچ 2002ع)