تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5028
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

اسيمبليءَ جو اجلاس ڇو ملتوي ٿي ويو؟

اسيمبليءَ جو اجلاس ڇو ملتوي ٿي ويو؟

سياستدانن جي مطالبي کي سبب بڻائي حڪومت هاڻي 8 نومبر تي سڏايل اجلاس هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو آهي، جيتوڻيڪ مخدوم امين فهيم ترديد ڪئي آهي ته هن اجلاس ملتوي ٿيڻ بابت بيان ناهي ڏنو پر جنهن جاپاني نيوز ايجنسيءَ جي حوالي سان پي ٽي وي وارن خبر هلائي آهي، ان جي ساک اهڙي ناهي، جنهن تي شڪ ڪجي. سرڪاري حلقن موجب اصل ۾ ته اجلاس ملتوي ٿيڻ جو خيال ئي مخدوم صاحب جي ان بيان بعد پيدا ٿيو ۽ تڪڙ ۾ چوڌري شجاعت، شيرپائو۽ حامد ناصر چٺا کان به ان جي حمايت ۾ بيان ڏياري اجلاس ملتوي ڪرائڻ جي ليڊ خبر هلائي وئي. مبينه طور انهن سرڪاري سياستدانن جي اهڙي مطالبي کان پوءِ هاڻي ته پڪ ٿي وئي آهي ته حڪومت آئنده جيڪو اعلان ڪندي، ان جو به مطالبو اهي ئي محب وطن ۽ حقيقي جمهوريت جا چيمپئن سياستدان ئي ڪندا. گادي واري شهر ۾ اهي سرٻاٽ آهن ته مسلم ليگ (ق) وارن دعويٰ سان چوڻ شروع ڪيو آهي ته هنن کانسواءِ ڪا حڪومت نه ٺهندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مسلم ليگ (ق) کي يقين ٿي ويو ته هنن کانسواءِ حڪومت ٺهي پئي ته ان صورت ۾ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارلياماني پارٽي هجڻ جي ناتي مسلم ليگ (ق) صدر کان ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي. مشهور پنجابي مهاوري ته ”نه کيڊان گي نه کيڊڻ ديوان گي.“ موجب مسلم ليگ (ق)، پ پ پ ۽ متحده مجلس عمل ان ئي اصول تي عمل پيرا آهن. 5 نومبر تي رات جو ظفر الله جمالي ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ جيڪا ملاقات ٿي هئي ان ۾ به هن کي اهڙو اشارو ڏنو ويو ۽ باور ڪرايو ويو هو ته جيڪڏهن مسلم ليگ(ق) سان متحده مجلس عمل وارا نه مليا ته قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ملتوي ڪرايو ويندو ۽ ڪالهه ايئن ئي ٿيو آهي. ڪنهن کي حيران نه ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن سڀاڻي 10 آڪٽوبر وارين چونڊن جا نتيجا رد ڪرائي ٻيهر چونڊن جو مطالبو به ڪيو وڃي. ظفرالله جماليءَ جي اهڙي اشاري حڪومت جي انداز ۽ ڪجهه سياستدانن جي ارادن بعد هاڻي جمهوريت جي بحالي لاءِ پراميد ماڻهن جي مايوسي وڌي رهي آهي.
ظفرالله جمالي ۽ مولانا فصل الرحمان جيڪي ٻئي وزيراعظم جي عهدي جا اميدوار آهن، تن جي ون ٽو ون ملاقات جا تفصيل ته مليا آهن، پر انهن جو گڏجڻ مشڪل ۽ عجيب آهي. ڪجهه حلقن جي دعويٰ آهي ته پ پ جي بي وفائي ۽ پراسرار انداز بعد متحده مجلس عمل وارن مولانا فضل الرحمان کي ان ملاقات جي صلاح ڏني آهي، جيئن هو ان حڪمت عمليءَ ذريعي پ پ وارن کي جهٽڪو ڏئي سگهن ته جيڪڏهن هو ساڻن گڏ نه آيا ته متحده مجلس عمل ايئن به ڪري سگهي ٿي. عام چونڊن کي هاڻي مهينو ٿيڻ وارو آهي پر سياستدان ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهيا آهن، جنهن جو سبب سياسي ڌرين جي اقتدار جي اعليٰ عهدن ماڻڻ واري خواهش ئي آهي ۽ جيئن ئي ٿوري صورتحال واضح ٿي رهي آهي ته ان کي وڌيڪ ڌنڌلو بڻائڻ ۾ ڪو نه ڪو سياستدان سرڪار جو نئون سنديس کڻي گهنٽي ٿو وڄائي. ٿي سگهي ٿو ته ان صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ حڪومت جو به هٿ هجي، پر استعمال وري به سياستدان ٿين ٿا. 12 آڪٽوبر تي فوجي حڪومت جي قيام ۽ نظريه ضرورت هيٺ ان کي جائز قرار ڏيڻ بعد جڏهن اي آر ڊي جي نالي سان سياسي اتحاد ٺهيو هو ته سڀني سياستدانن عهد ڪيو هو ته آئنده هو ماضي جون غلطيون نه ورجائيندا پر افسوس ته هو ٻن سالن بعد ماضيءَ کان وڌيڪ غلطيون ڪرڻ ڏانهن وڃي رهيا آهن. جمهوريت جا دعويدار ۽ پارليامينٽ جي وجود جي بحاليءَ جا نعرا هڻندڙ اسان جا اصول پسند سياستدان هاڻي وزارت ۽ وزيراعظم جي ميوزيڪل چيئر جي چڪر ۾ پئجي ويا آهن. جيڪڏهن سڀاڻي ڪو به نتيجو نڪتو ۽ وري جمهوريت جا بسترا ڪجهه سالن لاءِ گول ٿي ويا ته عوام ۽ ڄاڻو ماڻهو انهن سياستدانن کي به ان ڳالهه ۾ شريڪ سمجهندا، جيڪڏهن جنرل مشرف اهو چيو ته سياستدانن جي هٺ ڌرمي ۽ اقتدار جي خواهش سبب هو پاڻ ۾ نه ٺهيا ۽ حڪومت وٽ نتيجا رد ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي ته ان جو تاثر اهو اڀرندو ته سياستدانن کي سياسي نظام ڏنو پئي ويو پر انهن ان کي هلائڻ نه چاهيو. سڀاڻي جيڪڏهن وري جمهوريت جي بحالي 2 سالن لاءِ ملتوي ٿي ته ان جا ذميوار به اهي سياستدان ئي سمجهيا ويندا.
سينيئر سياستدان نوابزاده نصرالله جي بقول ته هن وقت وري 70ع واري صورتحال ورجائي پئي وڃي ۽ اڪثريت جو احترام نه پيو ڪيو وڃي. 1970ع ۾ جڏهن اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي پارٽي ۽ اولهه پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي سربراهيءَ ۾ پ پ اڪثريت حاصل ڪئي هئي ۽ مجموعي طور اڪثريت شيخ مجيب جي هوندي به هن کي اقتدار نه ڏنو ويو ته ملڪ ٽٽي ويو هو. ان وقت به اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جي باوجود ملتوي ڪيو ويو هو ۽ هاڻي به ايئن ٿئي پيو. نوابزادو نصرالله، جيڪو پاڪستان جي پارلياماني سياست جي سينيئر نشاني آهي. جڏهن اهو 70ع جهڙي صورتحال کي اڄ سان مشابهت ڏئي ٿو ته ان تي سڀني بااختيار ڌرين کي سوچڻ گهرجي ۽ سنجيدگيءَ سان مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي. الائي ڪيترا دفعا واعدن جي باوجود به نوابزادو نصرالله جي سربراهيءَ ۾ اي آر ڊي يا متحده مجلس عمل جي گڏيل اجلاس ۾ اتفاق جي باوجود به اعلان نه ڪرڻ ڏنو ويو. اهو نوابزادو نصرالله جيترو اڄ مايوس آهي، ايترو ڪڏهن به نه ٿيو هوندو. سرڪاري ڌر جي ويجهو رهندڙن جي دعويٰ آهي ته جيڪو کيل نوابزادو کيڏي پيو ۽ اي آر ڊي ٽوڙي جيئن هن متحده مجلس عمل کي حڪومت ٺاهڻ جي سگهه فراهم ڪئي آهي، اها صدر جنرل پرويز مشرف خلاف ڀرپور سياسي حڪمت عملي آهي.
مخدوم صاحب جي خفيه ملاقاتن جو سلسلو بدستور جاري آهي. 5 نومبر تي رات جو ناهيد خان سان گڏ پمز اسپتال ۾ آصف سان ملڻ کان پوءِ هو صدر جي پرنسپل سيڪريٽري طارق عزيز وٽ رات جي Cool mind ڪچهري لاءِ پهتو ۽ 3 ڪلاڪ ساڻس مختلف تجويزن تي ڳالهيون ڪيون. مخدوم جي ويجهن حلقن موجب هن کي هاڻي مسلم ليگ (ق) سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سرڪار جو مڪمل سهڪار حاصل ٿي چڪو آهي. الله سندس اميد پوري ڪندو.
ڪالهه مسلم ليگ (ن) وارن جي پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هنن اقتدار ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪندي اعلان ڪيو ته هو اي آر ڊي جي فيصلن جي مڪمل حمايت ڪندا. مخدوم صاحب ڪالهه حامد ناصر چٺا سان ملاقات ڪئي ۽ وري قومي حڪومت واري ڳالهه ڪئي آهي. شام جو پ پ وارن جي پاڻ ۾ ٿيل ڪچهريءَ ۾ به ڪافي ڏي وٺ ٿي آهي ۽ هاڻي پ پ ۾ مسلم ليگ (ق) سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ ۽ متحده مجلس عمل سان حڪومت ٺاهڻ وارن معاملن تي 2 واضح گروپ ٿي ويا آهن. اعتزاز احسن، رضا رباني ۽ صفدر عباسي سميت ڪافي اڳواڻ پنهنجي ناراضگيءَ جو برملا اظهار ڪرڻ بعد خاموش احتجاج ڪندي پاسيرا ٿي ويا آهن. جڏهن ته مخدوم صاحب جي اسلام آباد ڪلب واري ڪمري تي مير هزار خان بجاراڻي، سردارخالد احمد لنڊ، سيد نويد قمر ۽ ڪجهه عملدارن سان ملاقات ٿي هئي ۽ بدستور اڃا رابطا به جاري آهن پر ڪو کڙتيل اڃا ناهي نڪتو. آصف زرداري اسپتال مان زرداري هائوس اسلام آباد منتقل ٿيڻ کان اهو چئي معذرت ڪئي ته اڳ ۾ هن خلاف داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن. آصف علي زرداري، جنهن خلاف نواز شريف ۽ جنرل مشرف جي حڪومتن ۾ مجموعي طور 16 ڪيس داخل ڪيا ويا. انهن بابت آصف زرداريءَ جي وڪيلن ابوبڪر زرداري ۽ قربان کوسو موجب انهن ڪيسن مان هڪ ڪيس ايس جي ايس ۾ کيس سزا ملي، جيڪا سپريم ڪورٽ رد ڪري ٻيهر سماعت جو حڪم ڏنو. جڏهن ته ڪي اي ايس سي جي ٺيڪي ۾ ڪرپشن واري ڪيسن مان هو باعزت آزاد ٿي چڪو آهي. هن کي اسٽيل ملز ريفرنس ۾ سزا مليل آهي، جنهن خلاف اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ داخل اپيل جي سماعت ٿيندي. پي پي وارن جو چوڻ آهي ته هو زرداري ۽ سرڪار ۾ ٿيل رابطن بعد ان ڪيس ۾ ضمانت منظور ٿيڻ لاءِ پراميد آهن. ضمانت جي منظوري عدالت جو اختيار آهي، ڏسجي ته ان جو اڄ ڇا ٿو نتيجو نڪري؟ آصف خلاف 4 قتل جا ڪيس آهن. جن ۾ عالم بلوچ، مرتضيٰ ڀٽو، جسٽس نظام ۽ سجاد حسين جا ڪيس شامل آهن. انهن سڀني ۾ هن جي ضمانت ٿي چڪي آهي بلاول هائوس کان سري محل موڪلڻ ۽ خودڪشي جي ڪوشش وارن ٻنهي ڪيسن ۾ به هن جي ضمانت ٿي چڪي آهي. اٽڪ ۾ هن خلاف هلندڙ ملڪيتن، ارسس ٽريڪٽرز ۽ پولو گرائونڊ واري ڪيسن ۾ به ضمانت ٿي چڪي آهي. اي آر واءِ، ايس جي ايس ۽ بي ايم ڊبليو وارا ڪيس راولپنڊيءَ جي احتساب عدالتن ۾ هلندڙ آهن، جن مان بي ايم ڊبليو ريفرنس کانسواءِ باقي ٻنهي ڪيسن ۾ هن جي ضمانت ٿيل آهي. لاهور ۾ داخل منشيات ڪيس ۾ به ضمانت منظور ٿيل اٿس. زرداري جي جيڪڏهن اسٽيل ملز ڪيس ۾ مليل سزا خلاف اپيل منظور ٿئي ۽ سزا معطل ڪئي وڃي ۽ بي ايم ڊبليو ڪيس مان ضمانت منظور ٿئي ته هو آزاد ٿي سگهي ٿو. بي ايم ڊبليو ۾ ضمانت جي سماعت ايندڙ هفتي آهي. سرڪار سان جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن، انهن موجب 2 ڪيسن ۾ ضمانت، 2 ڪيس منشيات ۽ ملڪيتن وارو ريفرنس واپس وٺڻ بابت ڳالهيون ٿيون آهن. هو سرڪار جي جواب جو منتظر آهي.
(7 نومبر 2002ع)