يارليامينٽ جو گڏيل اجلاس
ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب مهل آصف زرداري کي ايوان ۾ نه آڻڻ خلاف پيپلزپارٽي وارن ڀرپور احتجاج ڪو نه ڪيو. هنن نه لغاري کي گهٽ وڌ ڳالهايو نه ڪو گٿو لفظ چيو. پيپلزپارٽي جي 17 ايم اين ايز ۽ 19 سينيٽرن مان ايوان ۾ ڪل قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ سينيٽر 20 کان وڌيڪ موجود ڪو نه هئا. اهو پهريون دفعو آهي جو پ پ وارن مهذب نموني احتجاج ڪيو. اهڙي غير متوقع مهذب ۽ مختصر احتجاج جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا.پهريون اهو ته پ پ وارن جي شايد اڃا صدر لغاري سان محبت برقرار آهي جو هن خلاف احتجاج دوران هو چاهيندي به ڀرپور احتجاج نه ڪري سگهي. ٻيو اهو ته پ پ جا ميمبر ۽ سينيٽر آصف لاءِ شايد سافٽ ڪارنر نٿا رکن. يا آصف لاءِ احتجاج ڪرڻ ۾ هو خوش ڪو نه هئا.انهن ٻنهي سببن تي غور ڪجي ۽ ڪالهوڪي اجلاس جي ڪارروائي دوران پيش آيل واقعن جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته ٻيو سبب وڌيڪ وزندار محسوس ٿئي ٿو.
پيپلزپارٽي جي 36 پارليامينٽيرين مان رڳو 20 جي لڳ ڀڳ ميمبر موجود هئا، ٻيا غائب هئا. غائب ڇو ٿيا؟ ڄاڻي واڻي يا ڪنهن جي چوڻ تي نه آيا. يا هنن اچڻ مناسب نه سمجهيو يا ڪا ٻي مجبوري هئي. بهرحال ڪو به سبب ٿي سگهي ٿو. مجبوري کانسواءِ ڇو ته اهڙي مجبوري ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ اها ڳالهه يقينن محترمه به محسوس ڪئي هوندي ته سندس سينيٽر ۽ ميمبر صرف آصف جي مسئلي تي ڪو وڏو احتجاج ڪري صدر يا ڪنهن ٻئي سان هروڀرو ڦٽائڻ نه ٿا گهرن. شايد اهو ئي سبب هو ته پريس ڪانفرنس دوران حسب معمول محترمه آصف جي گرفتاري وارو مسئلو ازخود ڪو نه ڇيڙيو پر هڪ صحافي جي پڇيل سوال تي هن مختصر جواب ڏنو. ڪالهوڪي احتجاج واري انداز کان پوءِ ته محترمه يا آصف وارو اهو منطق به بي ضرر ٿو لڳي ته جيڪڏهن آصف پارليامينٽ جو ميمبر هوندو ته هن کي وڌيڪ سهولتون ملنديون.
آصف کي اجلاس ۾ نه آڻڻ خلاف ڪيل پ پ وارن جي احتجاج مان ته اهو به محسوس ٿي رهيو هو ته جيڪو ڪجهه هو ڪري رهيا آهن اهو دل سان ڪو نه پيا ڪن. ڇو ته نويد قمر جڏهن شهپر وٽي اٿيو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو ته مسلم ليگ جي چيف وپ، شيخ آفتاب ۽ خواجا آصف هن کي چيو ”شاهه صاحب توهان به ڪجهه ته خيال ڪيو. ويهي رهو“ ان عام رواجي اپيل تي نويد قمر ويهي رهيو ۽ وري آصف لاءِ اٿي ڳالهائڻ هن شايد پسند ئي نه ڪيو. ان مان سندس آصف لاءِ دل سان احتجاج ڪرڻ ۽ دلچسپي جو اندازو ڌڻي پاڻ ئي لڳائيندا. هڪ لحاظ کان نويد قمراهڙي نازڪ موقعي تي مسلم ليگ وارن جي ڳالهه مڃي پنهنجي لاءِ لائين به ڪيلئر ڪئي ڇو ته ڪافي ڏينهن کان احتساب وارن جي لسٽ ۾ هن جو به نالو آهي. بهرحال هن جا ته نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين وارن ڏينهن کان خواجا آصف، شاهد خاقان عباسي ۽ گوهر ايوب سان سٺا واسطا رهيا آهن، کين مڪمل ڄاڻ به ڏيندو هو.
احتجاج دوران لياري مان چونڊيل واجا ڪريمداد جو احتجاج به ڏسڻ وٽان هو. هن جي جيالي هجڻ ۾ ايئن شڪ نٿو ڪري سگهجي جيئن سج جي اوڀر کان اڀرڻ ۾، پر هن به مڙئي شهيدن ۾ نالو لکائڻ خاطر ها هو ڪئي ۽ گهڻي ڦشري ڪو نه ڪئي. غلام قادر چانڊيو به گوڙ ڪرڻ لاءِ اٿيو هو پر سندس ڀر ۾ ويٺل غوث علي شاهه هن کي چيو ته اڙي بابا ماٺ ڪري ويهه، ڇڏ ڊيگهه کي! ان تي غلام قادر چانڊيو ڪنڌ پوئتي ڪري غوث علي شاهه کي دڙڪو ڏنو الائي اک ڀڳي ته جهٽ کن ڇڏيو. هن به ڪو گهڻو احتجاج ڪو نه ڪيو بس مائيڪ کي هيٺ مٿي ڪري، ٽاءِ کي ٺاهيو ۽ جناب اسپيڪر جا ٻه آواز ڏئي، اهو چئي ماٺ ڪئي ته سومرو صاحب ٻڌي ئي ڪو نه ٿو. احتجاج دوران رضا رباني جي آواز ۾ به اها ڪڙڪي ڪو نه هئي جيتوڻيڪ هن گهڻيون ئي دانهون ڪيون پر شايد دل سان ڪو نه هيون. شيخ رفيق به هن سان سر ملايو پر مزو نه ٿيو. ان دوران صفدر عباسي اوچتو بگڙي تتر وانگر ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ دانهون شروع ڪيون. هن جون ڳالهيون ته ڪنهن ڪو نه سمجهيون پر محترمه جيڪا هلڪي گلابي وڳي ۾ تسبيح پڙهي رهي هئي تنهن هن ڏانهن ڪنڌ ڦيرائي تڪيو ۽ توجهه ڏني. محترمه پري منهن ڪيو ته صفدر ڪجهه جهڪو ٿيو ۽ وڌيڪ حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳو. هنن جي احتجاج واري انداز ۽ جذبي کي محترمه به تاڙي رهي هئي شايد اهو ئي سبب هو ته هن هڪدم بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ پرس ڪلهي ۾ وڌو، خورشيد شاهه اٿيو ضرور پر گوڙ ڪو نه پڳس باقي حسين شاهه راشدي ڪجهه نه ڪيو.
هڪ پ پ وارا اڳئي گهٽ ، رهندو اجلاس ۾ آيا ئي ٿورا ماڻهو، 207 قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ 87 سينيٽر جڏهن گڏ ويٺا ته پ پ وارن جو ته نانءُ نشان ئي نظر نه پئي آيو. آصف لاءِ احتجاج ڪندڙ به چند ماڻهو، سندن ٻاڙو آواز مسلم ليگين جي زور سان ڊيسڪ وڄائڻ واري گوڙ ۾ غائب پئي ٿي ويو. اهڙي صورت ۾ سندن ڀلائي ان ۾ هئي ته ٻاهر هليا وڃن. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس صرف 7 منٽ دير سان شروع ٿيو. 7؛10 تي صدر لغاري، اسپيڪر الاهي بخش سومرو ۽ سينٽ جو چيئرمين وسيم سجاد گڏجي آيا. ٽئي گڏ ويٺا. جڏهن قومي ترانو وڄڻ شروع ٿيو ته اپوزيشن ليڊر جي ڪرسي تي ويٺل بينظير ڀٽو به سمورن وانگر اٿي بيٺي هن جي بلڪل سامهون صدر لغاري به بيٺو هو. ٻنهي جا منهن هڪ ٻئي ڏانهن هئا، هنن هڪٻئي ڏانهن تڪيو الائي ڪو نه، پر ٻئي ايترا ته اڀا ۽ آڪڙجي بيٺا هئا ڄڻ پنهنجي قد جي ماپ ڪرائيندا هجن. هو اسيمبلي اندر نه پر ڪنهن درزيءَ وٽ ڪپڙن جي ماپ ڏئي رهيا هجن. جنهن مان لڳي پيو ته هنن هڪٻئي ڏانهن ضرور تڪيو هوندو. ٻنهي جي 5 نومبر 96ع کان پوءِ اها آمهون سامهون پهرين ملاقات هئي.
محترمه ۽ نواز شريف وچ ۾ 3 فٽن جو مفاصلو هو پر هنن به پاڻ ۾ ڪو نه ڳالهايو. ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن وقت ٻنهي کي لغاري دشمني ۾ گڏ آڻي بيهاري. ان ڳالهه جا آثار نظر نٿا اچن پر ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. بهرحال ان گهڙيءَ جي خواهش مند محترمه ته هاڻي کان ئي هوندي.
هٿياربند فوجي سربراهه، سفيرن ۽ سفارتڪارن، کانسواءِ مسلم ليگ جي مردن ۽ عورتن جو به چڱو تعداد گيلرين ۾ نظر آيو. چارئي وڏا وزير به ويٺا هئا. اڪبر بگٽي ۽ عطاءُ مينگل اسپيڪر جي ساڄي پاسي واري باڪس ۾ ويٺل هئا. بگٽي جي ڀر ۾ بيگم عشرت اشرف ويٺي هئي. جنهن سان ڪنهن ڪنهن مهل هن ڪراڙي ٻروچ سردار ڪچهري به ڪئي پئي. اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ڪاٽن جا ڪلف لڳل ڪپڙا پائي ڪرشن ڀيل پنهنجي ليکي هيڏانهن کان هوڏي پئي هليو. غوث بخش مهر، غوث علي شاهه سان ڪچهري پئي ڪئي. سنڌ مسلم ليگ جيڪا سومرو ۽ شاهه گروپن ۾ ورهايل آهي. تنهن مان غوث بخش خان، الاهي بخش سان ڳوٺائي هوندي به ڪو نه ٺهندو آهي. سياسي مخالف هئڻ سبب هن غوث علي شاهه سان ويجهڙائپ رکي آهي پر شاهه صاحب پاڻ ئي اڄڪلهه عتاب هيٺ آهي. اجلاس ۾ اعجاز جتوئي ۽ شير چانڊيو ڪن ڳالهين ۾ هڪ ٻئي جا حريف ٿي لڳا. مولانا ستار نيازي جي سفيد پٽڪي جو طرو 2 فوٽ کن ايئن اڀو بيٺو هو جيئن ٻروچ چانور هڻي پنهنجو طرو بيهاريندا آهن. خورشيد شاهه، فاٽا وارن کي ڳولي ڳولي ڀاڪر پئي پاتا. هڪ پٺاڻ جي مٿي تي چمي به ڏني. مير هزار بجاراڻي ۽ تهمينا دولتانه بينظير ڀٽو وٽ آيا. حال احوال ڪيا ۽ ڪجهه دير بعد هليا ويا. اجمل خٽڪ محترمه سان گڏ ويٺو هو. ڪافي دير تائين هو ڳالهائيندا رهيا. شيخ رشيد احمد رضا رباني جي ڀر ۾ ويٺو هو پر هو خاموش خاموش پئي لڳو. ڄڻ ته سندس بيٽري ڊائون هجي. حميد جتوئي جي ٽوپي جا ڪاوا اسيمبلي جي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان لڳايل تيز روشني واري فانوس جي روشني تي تجلا ڏئي رهيا هئا.
صدر لغاري تقرير شروع ڪئي ته نواز شريف ڪا شيءِ چٻاڙيندو رهيو. وات ۾ چيگم هئس يا ڪا ٻي شيءِ پر هو ڏاڍو پر اعتماد نموني چٻاڙيندو رهيو. اهڙي طرح سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندڙ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس پڄاڻي تي پهتو جنهن ۾ هن دفعي نه لغاري خلاف ڪو نعرو لڳو ۽ نه حڪومت خلاف، نه وري ”گو بابا گو“ جو ڪو آواز گونجيو ڪو به ناخوشگوار واقعو پيش نه آيو. اهو عجيب اتفاق هو ته 95ع ۽ 96ع دوران پ پ وارن لغاري جي حق ۾ ۽ نواز ليگ وارا مخالفت ۾ نعرا هڻندا رهيا پر ڪالهوڪي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) وارا صدر کي داد ڏيندي ڊيسڪ پيا وڄائين ۽ پ پ وارا لغاري کي نااهل ۽ ڪرپٽ ڪوٺيندي احتجاج ڪري رهيا هئا. اصل ۾ ته نه نواز شريف وارن لغاري خلاف احتجاج ڪندي کيس گهٽ وڌ ڳالهايو هو ۽ نه ڪالهه پ پ وارن، هو ته صدر مملڪت خلاف هئا ۽ آهن.
(27 مارچ 1997ع)